سنڌ جي بيوروڪريسي ۾ وڏي اٿل پٿل جاري آهي، روينيو کاتي جي 120 مختيارڪارن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن
سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد مختيارڪارن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
اڳوڻي حڪومت پاران نظر انداز ڪيل ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 75 مختيارڪارن کي به مختلف تعلقن ۾ مقرر ڪيو ويو
نگران وڏو وزير مقبول باقر سيوهڻ پهتو، درگاهه تي حاضري، اسپتال جو دورو
سنڌ جي وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سيوهڻ جو دورو ڪيو ۽ قلندر جي درگاهه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي
نگران وڏي وزير اڙل واهه جو دورو ڪري بحاليءَ واري ڪم بابت بريفنگ ورتي
وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر سيوهڻ جي عبدالله شاهه انسٽٽيوٽ جو دورو به ڪيو، وڏي وزير انسٽٽيوٽ ۾ علاج معالجي جي سهولتن جو جائزو به ورتو