ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سڄي سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ لڳايل سي اين جِي سلنڊر ھٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  ٽرانسپورٽ کاتي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي ڊيپوز تي ٿيل قبضن کي ختم ڪرايو ويندو. ھن چيو ته  اسان موٽر وي طرز تي  پنهنجي فورس جوڙي رهيا آهيون، جيڪا ٽرانسپورٽ کي ٽريفڪ ۽ ڊرائيونگ جي قاعدن ۽ ضابطن موجب ھلائڻ جي نگراني جا فرض سرانجام ڏيندي، اها فورس سرڪاري ٽرانسپورٽ کي به مانيٽر ڪندي.  هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتي جي درخواست تي ايندڙ بجيٽ ۾ 500 بسن جي خريداري جي تجويز غور ھيٺ آھي، صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي بسن جي سروس ڏيڻ واري اسڪيم تي ڪم جاري آھي. ھن چيو ته  عمران خان ملڪ سان گڏ پنهنجن پارٽي ڪارڪنن لاءِ مصيبت بڻيل آهي، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پُٽ پاران ڪنھن پارٽي جون ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ واري ڳالهه  پرائيوٽ ( ذاتي) ناھي، ثاقب نثار پنھنجي دور ۾ عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو، هن بني گالا ريگيولرائز ڪرايو ۽ اپوزيشن جي سياستدانن کي جيلن ۾ وڌو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنھنجي سياست لاءِ ڪو نه  ڪو بيانيو گهڙيندي رهندي آھي.