سنڌ جي بربادي جا سياسي بنياد

0
100
سنڌ جي بربادي جا سياسي بنياد

 سنڌ ۽ سنڌي قوم جي برباديءَ جي جيتري به تاريخ رهي آهي انهيءَ تاريخ تي تفصيلي بحث  ته نٿا ڪري سگھون پر ان بربادي جا سبب سنڌ ۾ قدرت ۽ فطرت جون آفتون يا ڪارڻ ناهي رهيا پر سنڌ بربادين جي انهن المين ۾ جيڪو ڪجھھ ڀوڳيو آهي يا ڀوڳي رهي آهي انهيءَ جو بنياد حڪومتي ، انتظامي ۽ سياسي رهيو آهي.

                  بربادين جي انهيءَ تاريخ ۾ رهندي يا گھاريندي سنڌ جي عوام خوشحالي ۽ ترقي جو سفر ڪرڻ جي بجاءِ تصور به ناهي ڪيو رڳو جياپي جي جتنن ۾ رهندي هن قوم جو سفر گذرندو آيو آهي ۽ هن وقت تائين سنڌي عوام اها پيڙا ڀوڳي پيو. رڳو هڪڙو دور انگريز غلامي جو اهڙو رهيو جنهن ۾ اسان ڪنهن حد تائين اهو چئي سگھون ٿا ته انتظامي بهتري ، امن امان ۽ پوري سنڌ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير ۾ وڌندي نظر آئي پر جنهن کي قومي ترقي يا عوامي معاشي بهتري سڏجي يا چئجي اهو عمل ان دور ۾ به نظر نه آيو. غلامي جي گرفت کي انگريزن بدترين تشدد جي بجاءِ ڪجھھ اصلاحي قدمن ۽ انتظامي بهتري سان ڪنٽرول ڪيو.انگريزن جي غلامي کان پوءِ پاڻ جنهن تاريخ جي ٻئي سفر جي شروعات ڪئي آهي انهيءَ جو نالو رياستِ پاڪستان آهي انهيءَ رياست جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ کي ڪو نئون سياسي نظام نه مليو بلڪه اهوئي صدين جو غاصب طبقو جنهن کي پاڻ جاگيردار جي نالي سان سڏيون ٿا اهو ئي مسلط رهيو پر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ان جي طاقت ۾ هڪ ٻيو اضافو ٿيو،اهو هي ته انگريز غلامي ۽ حڪومتي دور ۾ هن خطي جي اندر هڪ طاقتور ۽ بي رحم ڪامورا شاهي طبقو پيدا ٿيو جن ڪامورن جو نقطه نظر پنهنجي قوم ۽ وطن واسين سان يڪجهتي جي بجاءِ همدردي جو جذبو به نه رکندا هئا غلاماڻي دور جي مشينري پنهنجي تربيتي نظريي ۾ ۽ فطرت ۾ آقائن سان وفاداري عوام جي خلاف دٻدٻو ۽ جلادي مزاج رکندا هئا ڇو ته انگريز غلامي کي قائم رکڻ لاءِ انتظامي بيوروڪريسي جو انهن لاءِ اهڙوئي مزاج گھربو هو جنهن تي عمل ڪندي هنن هڪ خوفناڪ ۽ بي رحم ملازمن جو هڪ وڏو گروھھ تيار ڪيو ۽ انهيءَ رويي ۽ عمل کي ڏسندي شيخ اياز آفاقي نظم لکيو جنهن جو عنوان آهي “ جيل جي دروازي تي جيلر ۽ قيدي” جيلر قيدي کي چئي ٿو  “سڀ جمع ڪرائي وڃڻو آ ، ڪجھھ نه ڇپائي وڃڻو آ،. قيدي ، مان ڄاڻان ٿو قانون اهو انگريز بهادي جو ڌڌڪو ، اڄ تائين تو ۾ آ صاحب ، اي ساڳئي ورديءَ جا صاحب ، هو گورو هو تو ڪارو آن، پر اهڙوئي هتيارو آن مون سڀ ڪجھھ جمع ڪرايو آ ۽ توکان ڪجھھ نه ڇپايو آ ، ها مون وٽ هڪڙي شيءَ آهي ۽ مون سا جمع ڪئي ناهي. جا منهنجي سيني ۾ دل آ ۽ ماحول ڪئي ڪا بسمل آ. جنهن ۾ منهنجي ڌرتيءَ جي ۽ انساني آزادي جي ڪا تڙپ صدائين رهڻي آ ها مرندي تائين رهڻي آ..” تسلسل سان رهندڙ اها رياستي مشينري انهيءَ ڪري وڌيڪ طاقتور ٿيندي وئي جو ڪو به نئون سياسي نظام وجود ۾ اچي نه سگھيو. سياست هر وقت جاگيرداري ، بيوروڪريسي يعني انهن جي ملي ڀڳت سان هڪ اتحادي گروھھ جنهن کي پاڻ اشرافيائي ٽولو چئون ٿا انهن جي گرفت ۾ رهي جيڪي به تاريخ ۾ ليڊر يا شخصيتون پيدا ٿيون اشرافيائي گروھھ انهن کي پنهنجي اثر ۽ جڪڙ ۾ ئي رکيو ڪجھھ فردن جون انقلابي خواهشون صرف خواهشون ئي رهيون. هو اڳتي عمل جو روپ ڌاري نه سگھيون هن ملڪ ۾ اها پوري سياست پنهنجي آب و تاب سان هن وقت تائين رهندي پئي اچي پر سنڌ تاريخ جي هڪ اهڙي بند گھٽي ۾ ڦاسي پئي آهي جنهن مان نڪرڻ جي هن وقت تائين سنڌ جي عوام کي ڪا راھھ نظر نٿي اچي ۽ اها بند گھٽي جاگيرداري ، زمينداري ، اشرافيا طبقي جي گرفت جنهن کي هن وقت پ پ پ پنهنجي طبقاتي عروج تي پهچايو آهي هن وقت سنڌ عذاب ڀوڳيندي برسات ۽ ٻوڏ ۾ برباد ٿيندي پوري طرح پروڻ ٿي چڪي آهي. سنڌ جو ڪو ڳوٺ ۽ شهر اهڙو ناهي جيڪو اذيتن ۽ تڪليفن مان نٿو گذري پوري سنڌ رڳو ٻڏي ناهي پر پوري طرح سان برباد به ٿي آهي ۽ ان ٻڏندڙسنڌ جي عوام سان جيڪا ويڌن پئي ٿئي اها به سنڌ جي عوام جي اڳيان آهي، ڇا ته ڪمال جو مظاهرو آهي جو اسان جو وزير اعليٰ دربدر ٿيندڙ ۽ مدد جي لاءِ واجھائيندڙ ٻوڏ متاثرن کي تنقيد ڪندي چئي ٿو ته “ ڪجھھ ماڻهو ڪم ڌنڌا ڇڏي امداد لاءِ واجھائن پيا اسان ئي کين عادي بڻايو آيو …” يعني سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو پنڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ هو پاڻ به چئي پيو ته اهو عمل کين اسان ئي سيکاريو آهي،

غصي ۾ وزير اعليٰ جو اعتراف ته هن قوم  کي خوددار بڻائڻ جي بجاءِ هڪ حصي کي پنڻ سيکاريو آهي، قوم کي ان نگاھھ ۽ انداز سان ڏسڻ جو رويو پيرن ۽ جاگيردارن جو ڪو نئون ناهي. هو هر وقت انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا آهن ته ماڻهو خود ڪفالت جي بجاءِ محتاج رهن، قومي ترقي مفلوج رهي عوام جي آزادي نالي ماتر رهندي انهيءَ تي جاگيرداري دٻدٻو ۽ گرفت رهي ته جيئن عوام مان سياسي شعور مٿي اڀري نه سگھي. جڏهن بي نظير انڪم سپورٽ جي نالي تي هڪ عجيب ۽ غريب قسم جو پينو سلسلو شروع ٿيو ته انهيءَ کي فلاحيت جو نالي ڏنو ويو. رياستي مدد ان صورت ۾ ٿيندي آهي جڏهن مجموعي طور تي رياست پنهنجي معاشي ترقي ۾ اڳتي وڌي اچي ۽ انهيءَ کان پوءِ مستحق ماڻهن جي لاءِ پوءِ فلاحي ۽ مددي ادارا يا اسڪيمون هونديون آهن پر هتي معاملو بلڪل ابتڙ آهي. ايتري حد تائين جو عوام جي ٽيڪس مان عوام جي ٿيندڙ مدد پارٽي ۽ ليڊرن جي نالن سان جوڙي سادن ۽ اٻوجھھ ماڻهن کي اهو باور ٿيو ڪرايو وڃي ته هنن جي اها مدد پارٽي پئي ڪري، تنهن ڪري هو پارٽي کي ووٽ ڏين، خاص ڪري عورتن کي انهيءَ جھانسي ۾ جڪڙيو ويو آهي جو پاڻ هن بري وقت ۾ به بنگلن جي طرفان جيڪي واٺا مقرر ڪيا ويا آهن اهي ملندڙ امداد جو هڪ وڏو حصو ڀوتارن جي مرضي تي پاسيرو ڪري باقي جيڪي چانورن اٽي جون ڳٺڙيون ماڻهن ۾ ورهايون وڃن ٿيون انهن لاءِ به معيار اهوئي آهي ته جن جي مدد ڪئي ٿي وڃي اهي هنن جا ووٽر به آهن يا نه. هن مصيبت جي وقت ۾ جاگيرداري سياست جا پلر پنهنجي اقتداري طاقت کي بچائڻ جي لاءِ ووٽ بينڪ ٺاهڻ جي حرڪتن ۾ رڌل آهن پر جتي بري ۽ بدترين بربادي آئي آهي انهيءَ کي سنڀالڻ ۽ مدد ڪرڻ جي لاءِ هڪڙو قدم به نٿا وڌائن. پوري انتظامي مشينري بنگلن جي گرفت ۾ آهي ۽ ماڻهو دربدر ٿيندا ٿا وتن، سياست جي هڪ هٽي ۾ ڦاٿل سنڌ کي ٻي ڪا به سياسي جماعت پنهنجو تصور نٿي ڪري، ڀلي اتحادي حڪومت جون ٻيون پارٽيون حڪومتي اتحاد ۾ هڪ ٻئي سان ڪيتريون به ويجھو هجن پر عملي ميدان ۾ هن بري وقت تي ڪٿي به ن ليگ عوام سان همدردي ۽ عمل ۾ نظر نٿي اچي، ڇو ته ن ليگ سمجھي ٿي ته سنڌ پ پ پ جي سياسي جاگير آهي انهيءَ ۾ عوام جي مدد ڪرڻ معنيٰ جاگيرداري حدن ۾ داخل ٿيڻ هوندو ۽ اتحادي حڪومت خطري ۾ پئجي ويندي. وفاقي حڪومت ۾ ن ليگ اهو به نٿي ڏسي ته سنڌ سان وفاقي امداد ۾ سنڌ جي عوام سان ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿو وڃي ۽ ان ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي ٿئي. پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جيڪو هڪ فون ڪال ڪري ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪروڙين اربين روپيه فنڊ جمع ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو آ ان جي طرفان عوام کي مصيبت ۾ ڪا مدد ڪرڻ لاءِ معمولي به اعلان ناهي ڪيو ويو. ايتري حد تائين جو مڇرن جي بچاءُ جو لوشن ٻارن جو کير، معمولي ميڊسن جو پيڪٽ به پي ٽي آءِ جي طرفان ناهي ورهايو ويو. پوري ڪوشش هن جي پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ جا جتن ڪرڻ آهي هن بري وقت ۾ هو سنڌ جي عوام کي صرف ان ڪري نظر انداز ٿو ڪري ته اهي هن جا ووٽر ناهن. پاڻ جنهن سياست جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون انهيءَ جو اهوئي ڪلچر آهي ته هو قومي جذبي جي بجاءِ اقتداري مفادن جو تصور رکندا آهن نه ته جيڪا مصيبت ۽  عذاب سنڌ ڀوڳي پئي انهيءَ ۾ پوريون سياسي پارٽيون پنهنجي قيادتن سان گڏ اچي سنڌ ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪن ها. انهن مرڪزن مان هڪ طرف عوام جي مدد ڪن ها ته ٻئي طرف هو اهو ڏسن ها ته ملندڙ امداد جو ڪيترو مقدار عوام تائين ۽ مستحقن تائين پهتو آهي يا پهچي پيو. وڏين سياسي جماعتن کان علاوه سنڌ جون ننڍيون ننڍيون جماعتون روايتي ۽ ڪمزور انداز ۾ سياست ڪندي تنقيدي ورجاءُ دهرائن پيا، حالانڪه انهن کي بري وقت ۾ عوام سان مضبوط طريقي سان بيهڻ گھرجي، ضلعي سطح  جي تنظيمن کي سرگرم ڪري انهن کان رڳو هڪ ڪم ورتو وڃي ته عوام سان حڪومت جي طرفان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ٿو وڃي ۽ انتظاميه جو ڪردار ڪهڙو آهي. مجموعي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ هر ضلعي ۾ انگن اکرن سان تنقيد ۽ ڊمانڊ ڪرڻ گھرجي ۽ ڪئي وڃي پر اھو سڀ ڪجھھ نٿوٿئي. ٻڏندڙ سنڌ جو بربادي پهلو اهو ناهي ته هو مصيبت ۾ پئي گذاري بربادي پهلو اهو آهي ته عوام جي لاءِ سياسي جماعتن جو ڪو به ڪردار ڪنهن به نقطه نگاھھ کان نظر نٿو اچي. اسان جون تمام سياسي جماعتون اهو ٺيڪ طرح سان سمجھن ٿيون ته قومن جي بربادين ۽ ترقين ۾ وڏي کان وڏو ڪردار سياسي عمل جو ئي هوندو آهي. سنڌ ان وقت تائين پنهنجي تعمير نو جو سفر شروع نٿي ڪري سگھي جيستائين بهتر سياسي عمل عوام جي لاءِ شروع نه ٿيندو.