ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ بابت سنڌ هاءَ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيلنج، جماعت اسلامي جي ايم پي اي محمد فاروق جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته 28 مارچ تي سنڌ هاءِڪورٽ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ خلاف اسان جي درخواست رد ڪئي آهي، هن وقت ڪامورن لاءِ 2 ارب رپين جون 138 لگزري گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن، انهن گاڏين جي خريداري لاءِ 3 سيپٽمبر تي نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اهي گاڏيون عوام جي ادا ڪيل ٽيڪس مان خريد ڪيون وينديون، اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 28 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي صوبي جي عوام کي صحت ۽ تعليم جون بنيادي سهولتون ميسر ناهن، عوام جي ٽيڪس وارو پئسو عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ گهرجي، ڪامورن لاءِ ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ سان عوام جو ڪو به فائدو نه ٿيندو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته 3 سيپٽمبر واري سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪيو وڃي، جڏهن ته عدالتي فيصلي تائين نوٽيفڪيشن تي عملدرآمد معطل ڪيو وڃي.