سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر نه کپن، رڳو عربي استاد رکو: راشد محمود سومرو

0
483
سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر نه کپن، رڳو عربي استاد رکو: راشد محمود سومرو
سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر نه کپن، رڳو عربي استاد رکو: راشد محمود سومرو

لاڙڪاڻو: جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر (ميوزڪ جي سکيا ڏيندڙ) استادن جي ڀرتين واري فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي آهي

راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪمران اسلام جي خدمت ڪري رهيا آهن يا مغرب جي پرچار ڪري رهيا آهن؟ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين

هن چيو ته تعليم کاتو سنڌ ۾ قرآن ٽيچر، عربي ٽيچر ۽ اسلاميات ٽيچرز جون ڀرتيون روڪي ميوزڪ ٽيچرس جون ڀرتيون ڪري رهيو آهي، جيڪو عمل قابلِ قبول ناهي

Sindh brings out its colours on 'Ajrak-Topi' day - Pakistan - DAWN.COM

راشد محمود سومرو چيو ته آئون پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي درخواست ڪئي آهي ته اُهو سنڌ سرڪار تي زور ڀري ته جيئن سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي نه ٿين

هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت رد عمل ڏينداسين

راشد محمود سومرو سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن جي به مخالفت ڪندي چيو آهي ته پروگرامن ۾ سازش تحت نياڻين کي ڊانس ڪرائي وڃي ٿي، اِها سنڌ ۽ اسلام جي نه پر مغرب جي تهذيب ۽ ثقافت آهي

How To Become a Music Teacher (Plus Skills and Salary) | Indeed.com

راشد محمود سومرو چيو ته اسان اسلام ۽ سنڌ جي تهذيب توڙي ثقافت سان هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، ميوزڪ ٽيچر ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن

واضح رهي ته سنڌ جي تعليم کاتي ميوزڪ جي سکيا لاءِ تعليمي ادارن ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو

ھي به پڙھندا

سنڌ حڪومت پاران ھر اسڪول ۾ ميوزڪ ۽ آرٽ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو اعلان