ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪورونا ويڪسينيشن ڪارڊ کانسواءِ مريضن جي داخلا تي پابندي لاڳو، ڊي جي صحت سمورن ڊي ايچ اوز کي خط لکي عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار پاران ڪورونا صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ ويڪسينيشن جو ٽارگيٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن توڙي سندن مائٽن کي ڪورونا ويڪسينيشن ڪارڊ نه هجڻ جي صورت ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڊي جي صحت پاران صوبي جي سمورن ڊي ايڇ اوز کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي آهي ته اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن توڙي سندن مائٽن کي ويڪسين ڪارڊ بنا داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، سمورن مريضن کي آگاهي ڏني وڃي ته اسپتال اچڻ کان اڳ ڪورونا ويڪسينيشن ڪارڊ ضرور گڏ آڻين، خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين جو ڪارڊ گڏ نه آڻيندڙن جو علاج نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪورونا وڌيڪ 4 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ 322 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 0.67 سيڪڙو رهي، هوڏانهن سنڌ ۾ 3 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن ۾ 200 مريض ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت 4905 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 4739 گهرن، 30 آئسوليشن سينٽرن ۽ 136 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن چيو ته 129 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 17 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ 83، حيدرآباد ۾ 15، دادو ۾ 14، ڄامشوري ۾11، ٽنڊي الهيار ۽ ٺٽي ۾ 10-10، ميرپورخاص، نوشهري فيروز ۽ سجاول 9-9، شهيد بينظير آباد ۾ 8، لاڙڪاڻي ۽ ٿرپارڪر ۾ 4-4، بدين، سانگهڙ، ٽنڊي محمد خان ۽ عمرڪوٽ ۾ 3-3 ۽ سکر ۾ رڳو هڪ نئون ڪيس سامهون آيو آهي.