رتوديرو/شهدادڪوٽ(نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي اڄ ملهائي ويندي، تياريون مڪمل، جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آھي ته 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي جو جلسو رتيديري ۾ ٿيندو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته بشير قريشي جي سنڌ ۾ لازوال جدوجهد رهي آهي، سندس جي سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي تاريخي جدوجهد آهي، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، هن چيو ته سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي ڪئنالن خلاف شهيد جي ورسي ۾ اهم اعلان ڪندس. ديدار شام موجب رتيديري ۾ بشير خان قريشي جي مزار تي 6 وڳي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت ، امجد مهيسر، مومن سمون ،ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو، عزير شيخ جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندو، جڏهن ته رات جو 7 وڳي شهيد جي مزار تي جلسي گاھ ۾ جلسو ڪيو ويندو، ٻي طرف شهدادڪوٽ ۾ جسقم تعلقي پاران بشير خان قريشي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٽو موٽو چوڪ تي بشير خان قريشي جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاري سندس تصوير مٿان گلاب جا گل نڇاور ڪري زبردست ڀيٽا پيش ڪندي ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا پڻ هنيا ويا آهن، ان موقعي تي جسقم اڳواڻن آغا ڪالاڻي معتبر چانڊيو،  الطاف سومرو، بگڙ خاراني سميت ٻين خطاب ڪيو.