سنڌ جي اجتماعي شعور جي شاندار سوڀ

0
25
يونيورسٽين ۾ شاگردن جا مسئلا ۽ شاگرد يونين وارو جٽادار حل

سنڌ پنهنجي تاريخ جو انتهائي پرامن احتجاج ڪيو ۽ مقتدر ڌرين کي پيغام ڏنو ته سنڌ جو عوام سنڌوءَ تي ڪنهن به قسم جي ڌاڙيوالي برداشت نه ڪندو. سنڌ جي عوام جي ٻانهن ۾ ڇَٽَ، پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل اڃان به موجود آهي. وڪيلن جي قيادت ۾ شروع ٿيل ان احتجاج ۾ پوءِ سياسي ڌريون، سول سوسائٽي ۽ عام ماڻهو به شامل ٿي ڌرڻي کي ايڏي سگهه ڏيئي ويو، جو حڪمران اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا ته، “بتا تيري رضا ڪيا هئي؟” سنڌ جي عوام جي رضا انهن جي مطالبن مان ئي پڌري هئي. نيٺ حڪمرانن عوامي سگهه اڳيان مجبور ٿي سي سي آءِ مان اتفاق راءِ ٿيڻ تائين ڪو به ڪينال نه ٺاهڻ جو فيصلو ڏياريو. توڙي جو ان فيصلي ۾ لفظن جي شعبديبازي موجود آهي. تڪراري ڪينالن جي رٿا رد ناهي ٿي، ملتوي ڪئي وئي آهي، پر وري به تاريخي احتجاج ذريعي ماڻيل اها ڪاميابي هن ملڪ جي اصل مجيرين کي ڀنواٽيون ڏيئي ڇڏيون آهن. سي سي آءِ جي فيصلي کان پوءِ سنڌ جي گهرو وزير سان ڳالهين کان پوءِ وڪيل اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ شاندار احتجاج ڪري تڪراري ڪينالن بابت پنهنجو موقف مڃرائڻ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي. ان ڪري هن مرحلي تي، جڏهن سي سي آءِ مان فيصلو آيو ته ڌرڻي کي اجايو گهلڻ به تدبر وارو ڪم نه هجي ها. ڇو ته پوءِ انهن کي ڌرين کي هڪ جواز ملي وڃي ها ۽ ٻٻرلوءِ جي هنڌ ڌرڻي کي جيڪا عوام جي تاريخي موٽ ملي، معاملي کي اينگهائڻ سان بهتر نتيجا نه ملن ها. مڃيون ٿا ته اصل مسئلو ڪارپوريٽ فارمنگ آهي ۽ جيستائين اهو معاملو ختم نٿو ٿئي، تيستائين ڪينالن واري تراڙ ڪنڌ تي لٽڪندي رهندي، پر ان لاءِ ساهي پٽي توانايون گڏ ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ هڪ شاندار عوامي سگهه جي مظاهري سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، نه ته ڌرڻو ته سردار اختر مينگل به هنيو هو، جنهن کي ٿڪائي، عوام کان ڪٽي نيٺ اٿڻ تي مجبور ڪيو ويو. دٻاءُ ته سنڌ ۾ وڪيلن ۽ سياسي ڌرين تي به گهٽ نه هو. خود سنڌ جي حڪمران جماعت به داٻن ۽ دهمانن ۾ گهٽ نه ڪئي. وفاق مان وزير اعظم جي صلاحڪار به وسان نه گهٽايو. پوءِ جڏهن ڏٺائون ته سنڌ ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج آهي، ۽ سنڌ جي اها ڪاوڙ “شعلا شعلا واءَ ۾، چڻنگون چڻنگون پٽ” جي صورت وٺي چڪي آهي، ته انهن هيسجي پٺتي موٽ کاڌي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، سنڌ جي سياسي جماعتن جو اهڙو اتحاد تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نظر نه آيو هو. سماج جا سمورا پرت احتجاج ۾ شامل رهيا. معذور، خواجا سرا، سول سوسائٽي، عورتون، ٻارڙا تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندا رهيا. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، دنيا ۾ ايترو نقصان بمن ۽ بارودن به ناهي ڪيو، جيترو لفظن  جي نامناسب استعمال سان ٿيو آهي. لفظن جو استعمال به هڪ آرٽ آهي، ۽ سياست جي شعبي ۾ ته ان جي اهميت ويتر وڌي وڃي ٿي. پر سنڌ جي تاريخي احتجاج بابت اهڙا بيان ڏنا ويا، جنهن سان ڪاوڙ ۾ ويتر اضافو ٿي ٿيندو رهيو. پنجاب جا وزير ۽ وفاقي اڪابر ته مُٺ کان مٿي لڻندا رهيا. سنڌ جو وڏو وزير به ان تاريخي احتجاج لاءِ اهو چوڻ لڳو ته 15- 20 ماڻهن ڪئنالن خلاف احتجاج نه پر پ پ جي جلسي خلاف سازش ڪئي آهي، ته حيرت ٿي هئي، جنهن جو اظهار اسان هنن ئي ڪالمن ۾ ڪيو هو.

هاڻي جڏهن سي سي آءِ مان ڪينالن بابت فيصلو آيو آهي ته ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ وڪيل اڳواڻن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن.