اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ صوبي ۾ هن وقت تائين ٿيل آدمشماري جا تفصيل سامهون اچي ويا ، “پنهنجي اخبار” کي مليل تفصيلن موجب 2017ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾ سنڌ صوبي جي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 آبادي ۾ 5.88 سيڪڙو اضافو ٿيڻ کان پوءِ صوبي جي آبادي 5 ڪروڙ 6 لک 68 هزار 295 تائين پهچي وئي آهي، رهيل ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ صوبي جي مجموعي آبادي ۾ وڌيڪ اضافي ٿيڻ جو واضح امڪان آهي، مليل ڄاڻ مطابق حيدرآباد ڊويزن جي آبادي ۾ 6.05 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي هڪ ڪروڙ 12 لک 37 هزار 180 تي پهچي وئي آهي، جن ۾ حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل بدين ضلعي جي آبادي ۾ 9.33 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 19 لک 73 هزار 409 ٿي وئي آهي، جڏهن ته دادو ضلعي جي آبادي ۾ 2017ع جي مقابلي ۾ 11.61 سيڪڙو اضافي کان پوءِ آبادي وڌي 17 لک 30 هزار 448 تي پهچي وئي  آهي، حيدرآباد ضلعي جي آبادي ۾ 2017 جي مقابلي ۾ 3.18 سيڪڙو آبادي گهٽ ٿي آهي، جنهن ڪري 2017ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي جيڪا آبادي 21 لک 99 هزار 928 هئي اها گهٽ ٿي 21 لک 29 هزار 956 تي پهچي وئي آهي، ڄامشورو ضلعي جي آبادي ۾ 3.10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي آبادي وڌي 10 لک 24 هزار 723 تي پهچي وئي آهي، مٽياري ضلعي جي آبادي ۾ 6.53 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ضلعي جي آبادي وڌي 8 لک 20 هزار 333 تي پهچي وئي آهي، سجاول ضلعي جي آبادي ۾ 12.16 سيڪڙو اضافو ٿيو، آبادي وڌي 8 لک 73 هزار 832 ٿي وئي آهي، ٽنڊو الهيار ضلعي جي آبادي ۾ 6.44 سيڪڙو اضافي سان آبادي وڌي 8 لک 92 هزار 525 تي پهچي وئي آهي، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 10.13 سيڪڙو اضافي سان آبادي وڌي 7 لک 45 هزار 667 تي پهچي وئي آهي، ٺٽي ضلعي جي آبادي ۾ 6.53 سيڪڙو اضافي سان آبادي وڌي 10 لک 46 هزار 263 تي پهچي وئي آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن جي آبادي ۾ مجموعي طور تي 21.51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي 2017ع دوران ظاهر ٿيل 61 لک 90  هزار 926 آبادي وڌي 75 لک 22 هزار 346 تي پهچي وئي آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شامل ضلعي جيڪب آباد جي آبادي ۾ 31.38 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ جيڪب آباد ضلعي جي آبادي 10 لک 7 هزار 9   مان وڌي 13 لک 22 هزار 977 تي پهچي وئي آهي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي آبادي ۾ 36.68 سيڪڙو اضافو ٿيو، آبادي وڌي 14 لک 90 هزار 232  تي پهچي وئي آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي آبادي ۾ 10.66 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ  لاڙڪاڻي ضلعي جي 2017ع جي آدمشماري ۾ ظاهر ٿيل 15 لک 21 هزار 786 آبادي وڌي 16 لک 83 هزار 954 تي پهتي آهي،  قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي آبادي ۾ 7.39 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ 2017ع جي آدمشماري ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ظاهر 13 لک 38 هزار 35 آبادي وڌي 14 لک 36 هزار 855 تي پهچي وئي آهي، شڪارپور ضلعي جي آبادي ۾ 28.74 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ شڪارپور ضلعي جي 2017ع جي آدمشماري ۾ ظاهر ٿيل 12 لک 33 هزار 760 آبادي وڌي 15 لک 88 هزار 328 تي پهچي وئي آهي، ميرپور خاص ڊويزن جي آبادي ۾ 14.49 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ڊويزن جي 2017ع ۾ ظاهر ٿيل آبادي 42 لک 24 هزار 945 مان وڌي 48 لک 37 هزار 142 تي پهچي وئي آهي، ميرپور خاص ضلعي جي آبادي ۾ 12.07 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ ميرپور خاص ضلعي جي آبادي 15 لک 4 هزار 440 مان وڌي 16 لک 86 هزار 37 تي پهچي وئي آهي، ٿرپارڪر ضلعي جي آبادي ۾ 14.51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي آبادي 16 لک 47 هزار 36 مان وڌي 18 لک 85 هزار 992 تي پهچي وئي آهي، عمرڪوٽ ضلعي جي آبادي ۾ 17.85 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، آبادي 10 لک 73 هزار 469 مان وڌي 12 لک 65 هزار 113 تي پهچي وئي آهي، شهيد بينظير آباد ڊويزن جي آبادي ۾ 10.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ڊويزن جي آبادي 52 لک 75 هزار 426 مان وڌي 58 لک 4 هزار 342 تي پهتي آهي، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ شامل ضلعي نوشهروفيروز جي آبادي ۾ 11.21 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، آبادي 16 لک 12 هزار 47 مان وڌي 17 لک 92 هزار 785 تي پهچي وئي آهي، سانگهڙ ضلعي جي آبادي ۾ 8.77 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ضلعي جي آبادي 20 لک 49 هزار 873 مان وڌي 22 لک 29 هزار 678  تي پهچي وئي آهي، شهيد بينظير آباد  (نوابشاهه) ضلعي جي آبادي ۾ 10.44 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ضلعي جي آبادي 16 لک 23 هزار 506 مان وڌي 17 لک 81 هزار 879 تي پهچي وئي آهي، سکر ڊويزن جي آبادي ۾ 10.12 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي سکر ڊويزن جي آبادي 55 لک 42 هزار 270 مان وڌي 61 لک 2 هزار 913 تي پهچي وئي آهي، سکر ڊويزن ۾ شامل ضلعي گهوٽڪي جي آبادي ۾ 11.97 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ضلعي جي آبادي 16 لک 48 هزار 708 مان وڌي 18 لک 46 هزار 98 تي پهچي وئي آهي، خيرپور ضلعي جي آبادي ۾ 11.44 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ضلعي جي آبادي 24 لک 5 هزار 190 مان وڌي 26 لک 80 هزار 439 تي پهتي آهي، سکر ضلعي جي آبادي ۾ 5.91 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، آبادي 14 لک 88 هزار 372 کان وڌي 15 لک 76 هزار 376 تي تي پهچي وئي آهي، سامهون آيل انگن اکرن ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2017ع جي آدمشماري جي مقابلي ۾ سکر سٽي تعلقي جي آبادي ۾ 4.05 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ سکر سٽي تعلقي جي آبادي 2 لک 31 هزار 559 مان گهٽ ٿي 2 لک 22 هزار 86 تي پهچي وئي آهي.