نندوشھر ( ن پ ا ) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو نندو ويجهو سنڌ هائوس تي ضلع اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي ماڻهن جو معاشي وسيلو آهي، جنهن تي سنڌ جو 7 ڪروڙ عوام محافظ بڻيل آهي، جنهن تي سنڌ جو عوام ڪئنالن ذريعي سنڌو درياءَ تي قبضو ڪري سنڌ جي زرعي زمين کي بنجر بنجڻ نه ڏيندو، هن چيو ته 17 جنوري تي رهبر سنڌ کي خراج تحسين پيش ڪري ڪينال بابت لائحه عمل تيار ڪنداسين، انهي موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي ضلع اڳواڻ حفيظ بجير، ميهار نهڙيو، ممتاز هاشمي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو