سنڌ جو ڪارونجهر؟

0
97
اليڪشن ۽ مظلوم پورهيت طبقي جي سنڌ!

      قدرتي وسيلن ۽ جيوت جي اجهن جي اُجاڙ ڪئي پئي وڃي، اهو ڪرشمو نيو لبرل سرمائيداري جو آهي. نه پهاڙ ۽ درياهه محفوظ آهن، نه ئي ڍنڍون، ٻيٽ، جهنگ ۽ ريگستان. سنڌو درياءَ کي سڪائي مڇي، وڻ، ماکي،  جيوت، ڊيلٽا ۽ زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي. ڪارونجهر جي وڍ ڪٽ ڪري جانورن، وڻن، ٻوٽن، پکين ۽ ماڻهن جي فطري جيون ۾ موت جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

فطري ايڪو سسٽم کي سرمائي جي هٻڇ کائي رهي آهي. ڌرتي جي پراڻن باشندن جا وسيلا،  جھوپڙا جھڳا ۽ آثار خطري ۾ آهن. انڊيجينئس ماڻهو وٽ آهي ڇا؟ پنهنجي ڌرتيءَ، درياءَ، ڍنڍون، ڍورا، وڳ وٿاڻ، وڻ، مال مويشي، جبل ۽ ريگستان؟ اهو فطري ماحول به جي سرمائيدارن ۽ مقامي اشرافيه جي نظر ٿي تهس نهس ٿي وڃي، ته پوءِ باقي بچي ڇا ٿو؟ رياست ته تعليم، روزگار، علاج، پاڻي، گئس، بجلي، ٽرانسپورٽ جهڙين بنيادي سهولتن کان هٿ کڻي وئي آهي. عوام، هي سڀ شيون نجي شعبن مان هٿ ۽ پگهر جي پورهيي مان حاصل ڪري ٿو ۽ ٽيڪس جي چَٽي به ڀري ٿو.

پورهيت ماڻهو جو فطرت سان گهرو تعلق آهي. ڌنار ٻڪريون ۽ ڍڳيون چارڻ لاءِ جبل ۽ لڪ تي وٺي وڃي ٿو. هاري وڻن ۽ ٻوٽن جي پروش ۽ رک ڪري ٿو. ايئن فطري نظام هڪ پورهيت ماڻهو جو جياپو ۽ سهارو هجي ٿو. سرمائيدار جي اک هر ان شيءَ تي آهي جتان کين معاشي فائدو ملي. سرمائيدارنه ورلڊ آرڊر جي سرشتي هيٺ حڪومتون يا سرڪارون به عالمي سامراج جون ڳيجهو ٿي ڪم ڪنديون آهن، بلڪه اقتدار جي مسند تي ايندڙ حڪمران طبقو به عالمي سرمائيدار چونڊيندو آهي. سامراج، هڪ نقلي ۽ ڊمي سرشتو جوڙي پنهنجي مفاد ۽ منشا جو نظام قائم ڪندو آهي. ان استحصال پسند نظام ۾ آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، يونيسيف، يو اين ڊي پي ۽ ٻيا سامراجي نيٽ ورڪ جا ادارا اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. عالمي سرمائيدار ادارن ۽ ڪمپنين جو ڪم آهي سرڪارن ۽ حڪومتن کي ليزن ۽ ٺيڪن تي کڻڻ.

درياهه، ندي، جبل، جهنگ، وڻ وٿاڻ لاءِ لڙائيءَ هن دور جي اهم جنگ ۽ جدوجهد آهي.

ڪارونجهر چار سئو اسڪوائر ڪلو ميٽر جو پهاڙي سلسلو آهي. ارضياتي طور تي ڪاسٻو، راڻپور، چوڙيو، ڊينسر، ڇڻيندا ۽ کارسر ڪارونجهر رينج جون ٽڪريون آهن، جتي مال مويشي کي چارو ملي ٿو، ۽ ڪارونجهر جي حد ۾ مٺو پاڻي به ملي ٿو.

ڪجهه سالن کان ڪارونجهر کي ليز تي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪمران طبقي ۽ انهن جي سرمائيدار يارن جي اک قدرتي وسيلن تي مرڪوز آهي، اهي کڙتيل ڪڍڻ جي چڪر ۾ ڳجهن جيان لامارا پيا ڏين ته گهر جا ڪهڙا ٽپڙ وڪرو ڪجن. ان ڪري ڪارونجهر تي پڪو نشانو ڪيو اٿن.

ڪارونجهر ليز ٿيو آهي. ان کان اڳ ٺيڪيدار مافيا ڪارونجھر جون پهاڙيون آڌيگام، ٻهراڻو، پيٿاپور ۽ ويراواه کي به وڍ ٽڪ لاءِ ٽارگيٽ ڪيو آهي. صابوسڻ ڊيم، لاکي جو وانڍيو، سانڪڙ ۽ کارسر ۾ جبل ڪٽجي رهيو آهي. گهرٽياري ويجهو ٻاين جو ٻيسڻو کي تباهه ڪيو ويو آهي. فطرت سان هٿ چراند جو مطلب منافعي خورن کي فائدو ڏيڻ ۽ جهنگلي جيوت سميت چوپايو مال ۽ انسان ذات لاءِ ڪارونجهر رهڻ لائق نه ڇڏڻ ئي آهي. سرمايه دارن ڪارونجھر کي ختم ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. ليز تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون گرينائيٽ پٿر کڻي سرمائيدار طبقي جا محل اڏينديون، پر پورهيت ۽ جهنگلي جيوت پنهنجي فطري آشياني کانسواءِ زنده رهي سگهندا؟

ڪارونجهر مان گاھه ۽ گگرال گهڻو ملي ٿو. گگرال وڻ کي ڪيميڪل ذريعي ٽڪيو وڃي ٿو، ۽ کونئر ڪڍيو وڃي ٿو  وڻ وڍڻ ٽڪڻ سان فطري ماحول تباھه ٿيندو، نتيجي ۾ مال مويشي ۽ ماڻهن جو گذر سفر مشڪل ٿي پوندو. هاڻي ڪونڀٽ، ڪنڊي ۽ نم جا وڻ به وڍجي رهيا آهن. وڻ وڍجي ويا ته ماکي ۽ لاک (جبل جو کونئر جنهن کي سلاجيت سڏيو ويندو آهي.) به ختم ٿي ويندي. روهيڙو، ڪونڀٽ، گگرال ۽ ڦوگ ختم ٿيڻ تي آهن. اخبارن ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته گگرال ۽ ٻيا وڻ ٻيلي کاتي جا ملازم وڍرائين ٿا. هرڻ جي شڪار ۾ به لاڳاپيل کاتي جا ملازم ملوث آهن. ظاهر آهي ته عام ماڻهو اهڙن ڏوهن جو تصور به نٿو ڪري سگهي. ڪارونجهر جو  پورهيت ڪولهي مٽي جي تغاري ۽ پٿريون به نٿو کڻي سگهي. مفادپرست مقامي پٽيل به وڻن جي تباهي ۾ ملوث آهن، ۽ وڻ تباهه ڪري فائدو کڻڻ ٿا.

ڪارونجهر جو جابلو پهاڙي سلسلو ننگرپارڪر شهر جي ويجهو خوبصورتي جو عاليشان مظهر آهي. رڻ ڪڇ کان اتر الهندي پاسي انهن ماٿرين ۾ گاھه، ٻوٽا ۽ وڻ گهڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. هتي ٻنين ۾ ٻاجهري، ڪورڙ، گوار، مڱ، کانسواءِ بصر، ڪڻڪ ۽ مرچ به ٿين ٿا. برسات جي موسم ۾ هن جبل جو منظر پري کان پيو پُرڪشش لڳندو آهي. ڀٽياڻي، گوڙڌرو،گهرٽياري ۽ ٻيون نئيون جبل تان وهندي هيٺ لهن ٿيون. ڪارونجهر تان ڪڪريون گذرن ٿيون ۽ اَڪ جي نيري ڦُلي تي ورشا ٿئي ٿي:

اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،

سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر تي ڪڪريون.

…….

ڪارونجهر تي باهڙي، هوءَ ڪنهن دُکائي

آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيئن!

ڏوتڙ کان رڻ ڪڇ تائين هڪ فطري ايڪو سسٽم آهي. هي ڪنڌار پهاڙ تلور، تتر، سهو، هرڻ، روجهه، مور ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جي جياپي جو اجهو آهي. هي جانور، پکي ۽ وڻ ٿر جي فطري ايڪو سسٽم جا محافظ به آهن. مور ۽ ڪارونجهر جو ناتو چولي دامن وارو آهي. ڪارونجهر جون ٽڪريون پکين ۽ جانورن جو پُرسڪون آستانو آهن. ڪارونجهر نه صرف جهنگلي جيوت جي پناهه گاهه آهي، پر هتي تاريخي ماڳ به آهن. جين ڌرم جا مندر، ڀوڏيسر مسجد، ڀديسر نگري ۽ ٻيا ماڳ به آهن. هن جبل جي هنج ۾ ساردڙو، گئومکي ۽ انچليسر تيرٿ آستان آهن. گئومکي ۽ انچليسر جي چشمن مان پکين ۽ جانورن کي پاڻي ملي ٿو.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته گوڙيچو، جين ڌرم جي پارس ناٿ کي چوندا هئا، انهي لفظ تي اڳتي هلي گوڙي نالي ڳوٺ ۽ مندر تي نالو پيو، گوڙي مندر جين ازم جي دور جو يادگار آهي. هن متي جا پيروڪار جهنگلي جانورن ۽ پکين کي مارڻ پاپ سمجهندا هئا. جنهن ڳوٺ کي ويري رٻاڙيءَ وسايو، اهو ويراواھه سڏجي ٿو. ويرا واھه ننگر جي ويجهو پراڻو ڳوٺ آهي. جڏهن ته ڀوڏو سوڍي جو ڳوٺ ڀوڏيسر جي نالي سان ننگر شهر کان ڪجهھ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

ويرا واھه ويجهو پاري ننگر سامونڊي بندرگاھه ۽ واپاري مرڪز هو. هتي جا باشندا به جين مت جا پيروڪار هئا. هن شهر سان سڏونت ۽ سارنگا جي پيار ڪهاڻي يادگار آهي. اياز ٿو چوي ته ڪارونجهر جي ڏونگر ۾ هن پريم ڪٿا جي گونجار اَپار آهي:

ڪارونجهر ۾ ڪوڪِرا، آڌي اُڀ اَنَنت،

سارنگا سَڏوَنت، رمتي روُيا روهه ۾.

ڪارونجھر جو ثقافتي ۽ تهذيبي ورثو لوڪ ادب ۽ قدامت جي اتهاس ۾ ڪافي مزاحمتي ۽ ترقي پسند رجحان به رکي ٿو. هن پهاڙ تان انگريزن خلاف گونجار ڪندي روپلي ڪولهي به ويڙهه ڪئي هئي. هتي ڪيسو ٻاءِ به هو جنهن رت جي رشتن کان ناتو ڇني به ڪارونجھر ڇڏڻ کان منڪر ٿيو هو.

 تاريخي، ثقافتي ۽ ماحولياتي پسمنظر رکندڙ ڪارونجهر جبل ڪٽجي ويندو. فطري ماحول جي تباهڪاري جي ڪري ٿرپارڪر ۾ موسمياتي تبديلين جا منفي اثر پوندا. ڪارونجهر، جيڪو ننگر کي جهولي ۾ جهلي بيٺو آهي، ان قداور ڪارونجھر جي وجود تي سرمائيدار منافعي خور فطري مظهر جي اجاڙ ڪرڻ وڃي رهيا آهن.

ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو سچ چيو هو ته:  هن ڌرتي تي هڪ اهم حياتياتي جنس جي فطري زندگي گذارڻ جو ماحول وڌندڙ ماحولياتي تباهي جي ڪري گم ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. جڏهن اسان سجاڳ ٿينداسين تڏهن دير ٿي چڪي هوندي. اڄ اها ڳالهه سنڌ لاءِ گهڻي ٺهڪي ٿي. ڊيم سنڌو کي کائي ويا آهي، درياءَ خشڪي ٿي ويو آهي. سامونڊي چاڙهه سبب تمر جا ٻيلا ۽ ٻنيون سمنڊ ڳڙڪائي پيو. ڊيلٽا جي تباهي سبب مهاڻا بي روزگار ٿيا آهن. پلي ۽ ٻلهڻ جو نسل خطري ۾ آهي. آبهوا ۾ آلودگي سبب جانورن ۽ وڻن جنسون ختم ٿي رهيون آهن. ۽ حياتياتي جنسون ختم ٿيڻ سبب ماحول متاثر ٿيو آهي. ان جي نتيجي ۾ قدرتي وسيلن تي روزگار ڪندڙ پورهيت جهڙوڪ هاري، ڌنار ۽ مهاڻا شڪار ٿيا آهن. درياءَ، ڍنڍون، جبل ۽ جهنگ انسان دوست ماحول کي جيئندان ڏين ٿا. درياءَ جي سڪي وڃڻ ۽ جبل جي ڪٽجڻ سان اتي جي انڊيجينيس لوڪ (ڌرتي جي اصلوڪي رهواسين) جو مستقبل داءُ تي لڳي چڪو آهي. انڊيجينئس لوڪ جي سماجي سياسي ۽ معاشي حالت، ثقافت ۽ ٻوليون هن دور جا اهم موضوع آهن، جن ذريعي استحصال جي  مختلف شڪلين جي وضاحت ڪري سگهجي ٿي. انڊيجينيس موقف کي بچائڻ تمام ضروري آهي. بورجوا حڪمران ڪلاس جو انڊيجينئس ماڻهن ڏانهن رويو دراصل انهن جي پرولتاري مخالف سوچ کي واضح ڪري ٿو. انڊيجينئس ماڻهو هن نيو لبرل معاشي دور ۾ ويڳاڻا ۽ ڀٽڪيل بڻايا ويا آهن.

ننگرپارڪر تڪ سميت پوري ٿر جي سياست سواليه آهي. ڪارونجهر جي ڪٽائي سميت ٿر ۾ جنم وٺندڙ هر مصيبت جي ذميوار اها سياست آهي، جنهن جو ڪم سرمائيدارن کي ٽيڪو ڏيڻ ۽ ڪرپشن ذريعي ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. اها سياست واسڪوٽيون، ٽوپيون، ڦينٽا ۽ لانگوٽا ٻڌي جلسا ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي ٿي ۽ هاري پورهيت عوام جي حق تلفي ڪري ٿي.

شعور ۽ عقليت کان وانجهيل ذھن اڏوهي کاڌل ڪاٺ وانگي هوندا آھن.

جڏهن انسان جدوجهد تان هٿ کڻي ته سمجهو هو وجود برقرار رکڻ کان دستبردار ٿئي ٿو.

ڪارونجهر جي عام لوڪ کي سياسي ۽ سماجي شعور همڪنار ٿي، هاڻي حق ۽ ناحق جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي. سياست جي پچ تي اقتداري آسڻ لاءِ اسٽروڪ کيڏيندڙ مدي خارج ذهنيت جو مالڪ سرمائيدار ڀوتار ننگرپارڪر جي فطري حسن جي تباهي سان گڏ هن سماجي اڻ برابري ۽ معاشي استحصال جو ذميوار آهي. ترقي پسند سياسي جدوجهد ذريعي هن استحصال پسند نظام کي تبديل ڪري سگهجي ٿو:

ڪارونجهر تي باهڙي، وساڻي ناهي،

ڪنهن ڄاتو آهي، ڪڏهن مچ مچي پوي. (اياز)

سنڌ ۾ ماحوليات جو سوال سنڌو، ڪارونجهر، ڪينجهر منڇر، ٻيٽن، لاڙ ڊيلٽا، ڪاڇي، ڪوهستان جي فطري زندگيءَ ۽ جياپي سان سلهاڙيل آهي. اهو سوال سرمائيداراڻي ترقي ۽ ساڄي رجعتي بيانيي جي خلاف آهي.

هي اسان جو فطري حق آهي ته اسان جي فطري جياپي ۽ سونهن جي مظهر سنڌو درياءَ، ٿر ڪارونجهر، ڪينجهر منڇر، ٻيٽن تي سرمائيداراڻي اُجاڙ ۽ تباهي کي قبول نه ڪندي جدجهد ڪريون. سنڌو ۽ سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ سنڌ، سنڌ نه هوندي! سنڌ جي سڃاڻپ، بقا ۽ وجود جا خاص بنياد سنڌو، سنڌي ٻوليءَ ۽ موهن جو دڙو آهن، ان پاسي آئون بيٺل رهندس.

[email protected]