سنڌ جو چونڊيل ايوان مينڊيٽ جو حق ادا ڪري!

0
24
شاگرد يونين جي بحالي: پ پ حڪومت جمهوريت پسنديءَ جو ثبوت ڏي!

سنڌ جي معيشت ۽ ماحوليات جي موت مثل منصوبي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سنڌ کي سزا ڏيڻ لاءِ نت نوان گهاٽ گهڙجڻ لڳا آهن ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جون اٽڪلون نيون نيون صورتون وٺي سامهون اچي رهيون آهن. ان حوالي سان وفاق جي تازي واردات اها آهي ته، پنجاب جي چولستان واري رڻ پٽ کي آباد ڪرڻ لاءِ ٽي نوان ڊيم، ٻه نوان بيراج، هڪ لنڪ ڪينال ۽ ٻه نوان فيڊر ڪينال ٺاهڻ جي تياري ڪئي وئي آهي ۽ ارسا ايڪٽ ۾ صدارتي فرمان ذريعي رٿيل ترميم به ان رٿابندي جو حصو آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي ڌاڙي جي رٿابندي خلاف سنڌ ۾ احتجاج شروع ٿي ويا آهن. ان حوالي سان ٺٽي جي ساڃاهه وندن طرفان احتجاج جي شروعات ڪئي وئي آهي.

خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جو هن جاگريافيائي سٽاءَ سان ساٿ جو سڳو بنهه ڪمزور ٿي چڪو آهي. باقي رهي سنڌي قوم، ان به پنهنجي خوف کي فتح ڪري ورتو آهي ۽ ياد رکڻ گهرجي ته، جيڪي قومون خوف کي فتح ڪري وٺنديون آهن، انهن کي ڪنهن به طاقت ۽ جبر سان مطيع بنائي نٿو سگهجي. ملڪ قائم ٿيڻ جي 24 سالن ۾ اڌ ملڪ وڃائڻ کان پوءِ به هن ملڪ جي مقتدر قوتن تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ۽ سمجهڻ گهرجي ته هن وقت 1971ع واريون حالتون نه آهن، اهو ڇو ٿو وساريو وڃي ته، اسان گلوبل وليج ۾ رهون پيا، جديد دور آهي، جتي ڏاڍ ۽ جبر جي خبر کي روڪي ۽ دٻائي نٿو سگهجي. اسان وٽ مقتدر قوتون هر مهم جوئي هن ملڪ جي قيمت تي ڇو ٿيون ڪن؟ جن جو هر عمل ۽ رٿابندي هن ملڪ کي ڪمزور ڪندڙ هجي، اهي هن ملڪ جا سڄڻ ڪيئن ٿا ٿي سگهن. اهو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ سنڌ کي ان جو پاڻي چورائي، بُٺ ۽ بنجر بنائڻ جي رٿابندي آهي، جيڪا سنڌ جي پاڻي تي ان ڌاڙيوالي جو تسلسل آهي، جيڪا ڏيڍ صدي کان جاري آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ ان ۾ گهڻي تيزي اچي وئي آهي. پنجاب ڪنهن به واعدي ۽ معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه کي بلڊوز ڪيو ويو آهي. پاڻي ورڇ 91ع واري ٺاهه جي پيرا -2 تحت ڪرڻ بدران ٽه رخي فارمولي تحت ڪئي پئي وڃي. چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجند ڪينال، جيڪي فلڊ ڪينال آهن ۽ صرف ٻوڏ واري وقت ۾ وهائڻا آهن، اهي ڌئونس ۽ داداگيريءَ سان وهائي پاڻي چورايو ٿو وڃي. سنڌ کي اڳ ئي پاڻي جو پورو حصو نه ملڻ جي ڪري ڊيلٽا ۾ تباهي آئي آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. اتي پاڻي صرف ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ وڃي ٿو. ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سمنڊ اڳتي ڌوڪيندو اچي. هيستائين لکين ايڪڙ سنڌ جي زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي چُڪو آهي. سنڌ جي سرير ۾ صحرا سرايت ڪندو وڃي ۽ ويتر نوان منصوبا ٺاهي سنڌ کي بُٺ ۽ بنجر بنائڻ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي آندي پئي وڃي. پنجاب جي بنجر زمين، صحرا ۽ رڻ پٽ آباد پيا ٿين پر سنڌ جون زرخيز زمينون به بنجر بنايون پيون وڃن. هاڻي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ هڪ طرف 48 لک ايڪڙن تي آبادي جي رٿابندي آهي، جنهن لاءِ به پاڻي ڪٿان ايندو، تنهن لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙيوالي جي تياري ٿي چڪي آهي پر سنڌجي حڪمرانن جي ان حوالي سان تياري نٿي ڏسجي. سنڌ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمين ڏئي به چڪي آهي، جنهن جي تصديق قومي اسيمبليءَ ۾ پاڻي مامرن واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ڪندي چيو ته، سنڌ ۽ پنجاب کان 8 لک 12 هزار ايڪڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي.

سنڌ تي پاڻي جي ڌاڙي واري تازي واردات جو بنياد ارسا ايڪٽ ۾ ترميم تي بيهاريو ويو آهي ۽ اهو “نيڪ ڪم” پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ صدر مملڪت جي ذريعي وٺن جي تياري ٿي چڪي آهي. مڃيون ٿا ته بهارين ۽ بنگالين سميت ڌارين جي آبادڪاري اهم مسئلو آهي، ان تي ضرور احتجاج ٿيڻ گهرجي پر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي واري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم واري معاملي کي دٻائڻ ۽ ان تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه نه هجڻ گهرجي. سنڌ جي چونڊيل ايوان کي ڀرپور نموني سنڌ جي مينڊيٽ جو حق ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي رٿابندي جي رستي روڪ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.