مورو/نوان جتوئي (نمائندن وٽان) ننڊي کنڊ جو وڏو شاعر گدا خاصخيلي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، سنڌ اندر مزاحمتي شاعر طور سڃاڻپ رکندڙ نظم جو عالمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ ناليوارو شاعر گدا خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو، ناليوارو شاعر 7 ڏينهن کان نوشهروفيروز سول اسپتال جي دل واري وارڊ ۾ بيهوشي واري حالت ۾ داخل هو، جتي هن ڪالهه دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، سندس لاش نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي پهچايو ويو، جتي سموري سنڌ مان سوين ماڻهن ناليوارن صوفي فنڪارن فقير غلام رباني، فقير اعجاز علي، فقير رجب علي، قومي راڳي علي حسن خاصخيلي، فقير عطاءُ االله بالادي سنگ سان صوفياڻا ۽ گدا خاصخيلي جا ڪلام ڳائي سندس ڀيٽا پيش ڪئي، جنازي نماز ۾ تاج جويو، مظهرخاصخيلي، راشد لطيف، پنهل ساريو، نياز ڪالاڻي، نجم سرهيو، خالق جوڻيجو، هاشم کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن بعد مڙهه قومي جهنڊي ۾ ويڙهي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، گدا خاصخيلي سنڌ ۽ سيد جو سچو عاشق هو، کيس سنڌ سان ۽ مسڪين ماروئڙن سان پيار هوندو هو، گدا خاصخيلي کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي، ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز زنئور سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ قومي ڪارڪن گدا خاصخيلي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته گدا خاصخيلي جو لاڏاڻو صرف شعر  ادب جو نقصان ناهي، پر اهو مجموعي طور قومي تحريڪ ۽ سنڌ جو نقصان آهي، هوڏانهن جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڏک جو اظهار ڪندي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

گدا خاصخيلي ڪافي عرصي کان مختلف بيمارين سان جهيڙي رهيو هو

مورو/نوان جتوئي: قومي شاعر گدا حسين خاصخيلي ڪافي وقت کان مختلف بيمارين سان جهيڙي رهيو هو، گذريل ھفتي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشهروفيروز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو ڪوما ۾ ھو.

ساڃاهه وندن پاران گدا خاصخيلي سنڌ جو عاشق شاعر قرار

مورو: گدا خاصخيلي کي شاعرن، قومپرست اڳواڻن ۽ سنڌ پرستن سنڌ جو عاشق شاعر قرار ڏئي ڇڏيو، تاج جويو چيو ته گدا خاصخيلي سنڌ جو يگانو شاعر ھو، ھن جو آخري لمحي تائين ذھن، زبان، عشق، ايمان سلامت رھيو، اھا ئي امر ھجڻ جي نشاني آھي، عبدالخالق جوڻيجو چيو ته گدا جسماني وڇڙيو آھي، ذھني طور موجود آھي، گدا جيڪو قومي ڪم ڪري ويو آھي ان تي اسان کي فخر آھي،  پنھل ساريو چيو ته گدا صوفياڻي رنگ مزاج جو ھو، سندس آستانو ھڪ سياسي پليٽ فارم رھيو، مزاحمتي شاعري سندس سڃاڻپ رھي، مظھر خاصخيلي چيو تي گدا کي نظم تي بين الاقوامي ايوارڊ پڻ مليا، سندس جي نظم چاڳي ۽ فقران تي حملو، الله ۽ ڀڳوان تي حملو کي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو، ھاشم کوسو چيو ته گدا طبقاتي قومي آزادي جو حامي ھو ۽ پورھيتن جو شاعر ھو.