ڏوڪري (ن پ ا) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڏوڪري ويجھو ڳوٺ ڪوٽ مرزا ڪالو پهتو، ٻٻرلو جي مظاهرين کي ماني پهچائڻ بعد واپس ايندي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن نوجوان جي تڏي تي پهچي سندن وارثن ۽ دعا زم زم سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ شفيق شاهاڻي سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو چوڻ هو ته سنڌ جو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ پنجاب کي کئڻ نه ڏينداسين، ۽ جيستائين تڪراري ڪئنالن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ٿئي تيستائين احتجاج جاري رهندا.