قابلِ تجديد توانائي جي ذريعن(Renewable energy sources) جنهن ۾ ونڊ (هوا) سولر (سج جي روشني)، هائيڊرو (پاڻي) ۽ بايوماس شامل آھن، اڄ جي دنيا لاءِ توانائي جو سڀ کان محفوظ، ماحول دوست ۽ پائيدار ذريعو بڻجي چڪو آھي. جڏهن ته روايتي توانائي جا ذريعا، جهڙوڪ ڪوئلو، تيل ۽ گئس نه صرف محدود آھن پر ماحول لاءِ پڻ انتهائي خطرناڪ آھن. رينيو ايبل توانائي جي ذريعن سان ماحولياتي گدلاڻ جو خطرو نٿو رهي ۽ ھي وسيلا قدرت طرفان مسلسل ۽ مفت مهيا ٿيندڙ آھن. دنيا جي ترقي يافته ملڪن، خاص طور يورپ، چين، آمريڪا، آسٽريليا ۽ هندستان ۾ رينيو ايبل انرجي تي سيڙپڪاري مسلسل وڌي رهي آهي. عالمي ادارن جو اھو اندازو آھي ته 2050 تائين دنيا جي 60 سيڪڙي کان وڌيڪ بجلي جي پيداوار رينيو ايبل ذريعن مان ٿيندي. اقوام متحده (UN) به دنيا جي ملڪن کي پائيدار ترقيءَ لاءِ رينيو ايبل انرجي ڏانهن رخ ڪرڻ جي صلاح ڏيئي رهيو آھي. پاڪستان وٽ هوا، سج ۽ پاڻي جا قدرتي وسيلا تمام گھڻا آھن. جيڪڏهن صحيح پاليسين ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ڪم ڪيو وڃي ته ملڪ نه فقط پاڻ کي پاڻڀرو بڻائي سگهي ٿو پر بجلي برآمد به ڪري سگهي ٿو.
سنڌ جي ڪوھستاني ۽ سمنڊ ڪناري وارا علائقا، خاص طور جھمپير، گھارو، ڪيٽي بندر ۽ ٺٽو ونڊ انرجي لاءِ انتهائي موزون آھن. ھي علائقو عالمي سطح تي “ونڊ ڪاريڊور” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جتي سال جا ١٢ مهينا تيز ۽ مناسب مقدار ۾ هوائون هلن ٿيون. ان ئي پسمنظر ۾ پاڪستان جي متبادل توانائي واري اداري AEDB ۽ نيپرا جي رٿائن تحت 2006 کانپوءِ مختلف ملڪي ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ھن خطي ۾ سيڙپڪاري لاءِ دعوت ڏني وئي. ابتدائي طور جھمپير ڪوھستان ۽ گھارو جي سامونڊي پٽي مان گڏيل طور تي لڳ ڀڳ ٣٩ ھزار ايڪڙ زمين متبادل توانائي لاءِ مختص ڪئي وئي. بعد ۾ ان زمين کي مختلف ڪمپنين کي سب ليز جي بنياد تي ڏنو ويو. ان وقت سرڪاري اعلانن ۾ ٻڌايو ويو ته ھن منصوبن مان نه صرف ملڪ کي صاف، سستي ۽ ماحول دوست بجلي ملي سگھندي، پر مقامي سطح تي روزگار، ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جا بھترين موقعا بـ ملندا پر ھن وقت مقامي رھواسي احساس محرومي جو شڪار آھن. ونڊ انرجي جي ترقي باوجود مقامي رھواسين جي زندگين ۾ ڪي خاص تبديليون نه آيون، ڇاڪاڻ مقامي آبادين جي دعويٰ آھي ته سندن قديمي ۽ اباڻيون زمينون بغير مناسب معاوضي جي ڪمپنين حوالي ڪيون ويون. سندن زرعي زمينن ۽ چوپائي مال جي چراگاھن کي سخت نقصان ڏنو ۽ روزگار جي حوالي سان ڪمپنين ۾ موجود آفيس بيسڊ يا ٽيڪنيڪل نوڪرين لاءِ ٻاهريان ماڻھو مقرر ٿين ٿا. مقامي نوجوانن کي رڳو چوڪيداري يا مزدوريءَ تائين محدود رکيو ويو آھي. ٻي پاسي جتي روزانو 1800 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آھي، اتي ئي آس پاس جا ڳوٺ اونداهيءَ ۾ ٻڏل آھن.
ڪمپنيون، پيداوار ۽ زميني صورتحال
جھمپير، جنگشاھي ۽ گھارو جي علائقن ۾ ھي 36 ونڊ انرجي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آھن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
- Zorlu Energy Pakistan (Pvt.) Ltd …. 56 MW
- FFC Energy …. 50 MW
- Three Gorges First Wind Farm …. 50 MW
- Foundation Wind Energy – I …. 50 MW
- Foundation Wind Energy- II ….50 MW
- Sapphire Wind …. 53 MW
- Yunus Energy …. 50 MW
- Metro Power Company …. 50 MW
- Gul Ahmad Wind …. 50 MW
- Master Wind Energy …. 50 MW
- Tenaga Generasi …. 50 MW
- HydroChina Dawood Wind Power ….50 MW
- Sachal Energy Development …. 50 MW
- United Energy Pakistan Wind Power …. 99 MW
- Artistic Wind Power …. 50 MW
- Act Wind (Tapal Wind) …. 30 MW
- Hawa Energy …. 50 MW
- Jhampir Power …. 50 MW
- Three Gorges Second Wind Farm …. 50 MW
- Three Gorges Third Wind Farm …. 50 MW
- Tricon Boston Consulting-A …. 50 MW
- Tricon Boston Consulting-B …. 50 MW
- Tricon Boston Consulting-C …. 50 MW
- Zephyr Power …. 50 MW
- Din Energy Limited …. 50 MW
- Lucky Renewables Pvt. Ltd (TRICOM) …. 50 MW
- Master Green Energy Ltd …. 50 MW
- Act 2 Din Wind Pvt Ltd …. 50 MW
- Artistic Wind Power Pvt. Ltd …. 50 MW
- Indus Wind Energy Limited …. 50 MW
- Lakeside Energy …. 50 MW
- Liberty Wind Power-1 …. 50 MW
- Gul Ahmed Electric Limited …. 50 MW
- Liberty Wind Power-II (Pvt.) Ltd …. 50 MW
- NASDA Green Energy (Pvt) Limited …. 50 MW
- Metro 2 Wind Power Limited …. 50 MW
اهي ڪمپنيون روزانو گڏيل طور 1800 ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي نيشنل گرڊ کي وڪرو ڪري رهيون آھن. ھي پيداوار ملڪ جي توانائي بحران کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آھي.
هڪ محتاط اندازي موجب، في يونٽ ونڊ انرجي جو ٽيرف 5.5 کان 12 روپيا في يونٽ تائين آھي، جيڪو ڪمپني جي شروعاتي سيڙپڪاري، آپريشنل خرچن ۽ معاهدي جي قسمن تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏھن اوسط ٽيرف 10 روپيا في يونٽ ورتو وڃي، ته هڪ 50 ميگا واٽ جي ڪمپني روزانو لڳ ڀڳ 12 لک روپين جي بجلي وڪرو ڪري رهي آھي. تنھن کانپوءِ
Corporate Social Responsibility (CSR) تحت هر ڪمپني پابند آھي ته اها پنهنجي منصوبن سان متاثر ٿيندڙ علائقن جي مقامي آبادي لاءِ تعليم، صحت، روزگار، انفراسٽرڪچر ۽ ماحول جي بھتري لاءِ فنڊ مختص ڪري. پر بدقسمتيءَ سان ڪوھستان جي ونڊ انرجي منصوبن ۾ اھي فنڊ شفاف طريقي سان استعمال نٿا ٿين. ڪمپنيون اڪثر ڪري سالانا رپورٽون پيش ڪن ٿيون، جن ۾ ڄاڻايل ھوندو آھي ته فلاڻي اسڪول يا واٽر سپلاءِ منصوبي لاءِ فنڊ ڏنا ويا، پر سرزمين تي ان جا آثار ئي نـ ملندا. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته CSR فنڊ ڪجھ بااثرن ڪمپني آفيسرن جي ذريعي محدود ماڻهن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. جڏھن تـ سنڌ حڪومت کي سي ايس آر بابت پاليسي واضح ڪرڻ گھرجي,
مطالبا ۽ تجويزون
* جھمپير، جنگشاھي ۽ گھارو کي لوڊشيڊنگ/ڏسو صفحو 7 بقايا 01
فري علائقو قرار ڏنو وڃي.
* زمين جي حقيقي مالڪن کي معاوضو ڏنو وڃي.
* مقامي نوجوانن کي ونڊ ٽيڪنالاجي بابت ٽيڪنيڪل تربيت ڏيئي کين نوڪرين جا موقعا ڏنا وڃن.
* ماحولياتي تحفظ جي بحالي اپاءَ ورتا وڃن.
* حڪومت هر ڪمپني جي CSR پاليسي پبلڪ ڪري ۽ ان جي تحت ٿيل خرچن جي آڊٽ ڪرائي.
* ضلعي سطح تي اڻ ڌري ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا CSR منصوبا چونڊي ۽ ان جي نگراني ڪري.
* مقامي ڪميونٽيز سان سڌي ريت مشاورت جو نظام لاڳو ڪيو وڃي، جيئن اصل ضرورتن کي اوليت ملي.
* فنڊز جو حصو تعليم، عورتن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي بحالي لاءِ محفوظ رکيو وڃي.
ونڊ پاور جي هنن منصوبن جو قدرتي ماحول تي وڏو اثر پيو آھي. ھي علائقو مائيگريٽري برڊز (موسمي پکين) لاءِ اهم گذرگاھ ھو، جتي ھاڻي ونڊ ٽربائنز پکين جي پرواز ۾ رنڊڪ بڻجي رهيون آھن. رات جي روشني، شور، ۽ گاڏين جي اچ وڃ جانورن جي قدرتي ماحول کي متاثر ڪري ڇڏيو آھي. جهنگلي جانورن ۽ ٻين جيوت جي نسلن ۾ به گهٽتائي جو خدشو وڌي ويو آھي.
ونڊ انرجي جي ترقي پاڪستان لاءِ توانائي جي خودمختياري طرف ھڪ اهم قدم آھي، پر مقامي سطح تي انصاف، شفافيت، وائلڊ لائيف جي تحفظ ۽ CSR جي اثرائتي ورڇ بنا ھي ترقي وارو منصوبو اڌورو آھي. حڪومت، ڪمپنين ۽ مقامي برادرين جي گڏيل ڪوششن سان ھن ترقيءَ کي سڀني لاءِ فائديمند بڻائي سگھجي ٿو.