سنڌ جو هڪ مطالبو آهي ته ڪئنال رد ڪيا وڃن: صنعان قريشي

0
25
سنڌ جو هڪ مطالبو آهي ته ڪئنال رد ڪيا وڃن: صنعان قريشي
سنڌ جو هڪ مطالبو آهي ته ڪئنال رد ڪيا وڃن: صنعان قريشي

رتوديرو(ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان جي ساٿين  مقصود خان قريشي ۽ سلمان وڌو کي سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ گوليون هڻي ماري ساڙي شهيد ڪيو ويو هو، اسان هتي گڏ ٿي سنڌو درياءَ مٿان ٺھندڙ تڪراري ڪئنالن کي رد ٿا ڪيون، پيپلزپارٽي کي اقتدار سنڌ جي سودي ڪرڻ جي عيوض مليو آھي، سنڌ مان ووٽ حاصل ڪري جڏھن چونڊجي اسيمبلن ۾ پهچن ٿا ته سنڌ جي مستقبل جو سودو ٿا ڪن، سنڌي قوم هاڻي انهن جي رستا روڪ ڪندي، هن چيو ته  سنڌو درياءَ مٿان ٺھندڙ ڪئنالن جي خلاف تحريڪ جاري رهندي. هن وقت سموري سنڌ جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪئنال رد ڪيا وڃن.