ٽنڊو محمد خان / شيخ ڀرڪيو ( رپورٽ : امتياز مڱريو / ايم رفيق ٿهيم ) سنڌ جو ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي پنهنجي هاري سميت زمين جي پراڻي تڪرار تان گوليون لڳڻ هڻي قتل ڪيو ويو آهي. ٽنڊو محمد خان ڀرسان ڳوٺ نم ليار ويجهو زرعي زمين جي پراڻي تڪراري معاملي تان سنڌ جو ناليوارو ليکڪ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي پنهنجي هارين سان گڏ سامهون ڌاري ڌر نظاماڻي برادري جي ماڻهن کي سان نوٽيس ڏيڻ لاءِ زرعي زمين تي ويو هو، جتي هٿياربندن انڌا ڌنڌ ڪري ڏني، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب ڊاڪٽر انور علي عالماڻي هاري احمد ٻارڻ سميت قتل ٿي ويو ، جڏهن ته سندس 2 عزيز نعمت الله عالماڻي ۽ علي احمد عالماڻي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. قتل ٿي ويل ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي ۽ سندس هاري احمد ٻارڻ جو مڙھ ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جنهن کانپوءِ سرڪاري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم جي بعد ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جي مڙھ کي سندس ابائي ڳوٺ حيدرآباد تعلقي جي سونو خان عالماڻي کڻائي ويا، جتي سندس رات دير سان ابائي ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي، جڏهن ته قتل ٿي ويل هاري احمد ٻارڻ جو لاش وارث بدين ضلعي جي سيراڻي کڻائي ويا. واقعي کانپوءِ ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي پاران قائم مخدوم بلاول ڪاليج ، دارلعلوم هائير سيڪنڊري ، گرلس ۽ بوائز اسڪولن کي سوڳ ۾ بند ڪيو ويو ، 3 ڏينهن ڪاليج ۽ اسڪول بند رکيا ويندا. ڊاڪٽر انور علي عالماڻي پنهنجي پويان هڪ پٽ ظفر علي عالماڻي ۽ 3 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن سندس زال هڪ سال اڳ ڪجھ عرصو علالت ۾ رهڻ بعد وفات ڪري وئي هئي. قتل واري واقعي واري هنڌ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ پنهنجي ٽيم سان گڏ جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ معلومات ورتي ، هوڏانهن ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان سيد مجاهد شاھ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر انور علي عالماڻي ۽ سندس هاري جي قتل واري ايف آءِ آر شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي سندس وارثن پاران تدفين کانپوءِ قتل واري ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي. هن ٻڌايو ته پوليس قتل واري واقعي ۾ گهربل مک جوابدار عبدالوهاب عرف شينهن نطاماڻي سميت وڌيڪ ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي جن کان پڇاڳاڇا جاري آهي ، وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.
سنڌ ادارا ساز شخصيت کان محروم: ڊاڪٽر انور ڪيترائي ادارا جوڙيا
ٽنڊو محمد خان : سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي 15 آڪٽوبر 1948 ۾ حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ سونو خان عالماڻي ۾ زميندار ڪريم بخش عالماڻي جي گهر ۾ جنم ورتو هو ، شروعاتي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ سونو خان عالماڻي مان شروع ڪئي ، جنهن کانپوءِ 1960 ۾ ٽنڊو محمد خان جي بوائز هاءِ اسڪول مان ايليمينٽري تعليم حاصل ڪئي ، 1964 ۾ مئٽرڪ پاس پبلڪ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي 1966ع ۾ انٽر به حيدرآباد مان ڪيائين ، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽري جي ڊگري ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شورو مان 1972 پاس ڪيائين. 1974 ع ۾ سرڪاري نوڪري به ڪيائين پر ستن مهينن اندر ان نوڪري تان استعيفى ڏئي ڇڏيائين ، انهيءَ کانپوءِ ٽنڊو محمد خان ۾ ذاتي ڪلينڪ کولي، پرائيويٽ پريڪٽس شروع ڪيائين سندس ڪلينڪ ۾ ڪجھ ڏينهن خيراتي طور مفت علاج ڪندو هو ، انڪري سندس ڪلينڪ شهر اندر سٺي شهرت ماڻي ، سندس سڀ کان اهم ڪارنامو ٽنڊو محمد خان ۾ پهريون دفعو دارالعلوم هائير سيڪنڊري اسڪول جو قيام عمل آندو ، جيڪو 1986ع ۾ انجمن خادم الاسلام جي پليٽ فارم تان قائم ٿيو، جيڪو اڳيان هلي مخدوم بلاول انٽرميڊيئيٽ ڪاليج جي شڪل اختيار ڪئي، هو ڊاڪٽر هئڻ سان گڏ هڪ ليکڪ پڻ هو، توڙي جو سندس لکڻين تي عام حلقن ۾ وڏي تنقيد به ٿيندي رهي ۽ کيس تڪراري ليکڪ طور به ڄاتو ويندو هو پر هو معاشري جي براين کي ڏسندي انهن خامين کي قلمبند به ڪندو رهيو. ان حوالي سان پاڻ پندرهن کن ڪتاب لکيائين. سندس ادبي خدمتن سان ڪيترائي ادبي پروگرام علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان منعقد ڪيا ۽ اسڪول ڪاليج جي اندر پڻ هر سال رهاڻ لطيف ، جشن لطيف جي نالي سان ادبي تقريبون منعقد ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ، کيس سنڌ ۽ پاڪستان جي اندر ادب سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري ڪيترائي ايوارڊ مڃتا طور مليا ، ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ مذهب ۽ ماڻهو، انقلاب ڇو؟ ، ماڊرن سنڌ جا مسئلا، سچ جو سڏ ، جيئڻ جو حقدار ڪير، رهگذر،ساڻيهه جا سنيها، خدا ۽ سرمائيدار، پڪار، دوزخ جو سفر، ڏات جا ڏنگ، رڃ جا رولاڪ، مورڙي جو موت، سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا (آتم ڪٿا)، هڪ اردو ڪتاب شامل آهن جنهن ۾ هن ڪيترن ئي رسالن ڪتابن ۾ ڪالم پڻ لکيا سندس ڪالم سنڌي اردو ۽ انگلش اخبارن ۾ شايع ٿي چڪا آهن ، سندس آخري 16هون ڪتاب 28 اپريل بروز سومر واري ڏينهن ٽنڊو محمد خان جي ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم هال ۾ رونمائي رکيل هئي .
ڊاڪٽر انور عالماڻي کي 3 گوليون لڳيون، واقعي تي اديبن ۾ ڏک جي لهر، 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان
ٽنڊو محمد خان: سنڌ جي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر علي محمد قريشي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر انور علي عالماڻي کي پسٽل جون 3 گوليون ۽ سندس هاري احمد ٻارڻ کي هڪ گولي لڳي آهي ڊاڪٽر انور علي عالماڻي کي هڪ گولي ٽنگ ۾، هڪ گوڏي کان مٿي ۽ ٽيئن ران ۾ گولي لڳل آهي ، جڏهن ته سندس هاري احمد ٻارڻ کي هڪ گولي نرن کان مٿي لڳي آهي جنهن سبب سندن موت واقعي ٿيو آهي ، هن موجب پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ليبارٽرين مان ٽيسٽ اچڻ کانپوءِ ظاهر ڪئي ويندي . ٻئي پاسي قتل ٿي ويل ڊاڪٽر انور علي عالماڻي جي قتل واري افسوسناڪ واقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي ، اعجاز جسڪاڻي ، دانشور مشڪور ڦلڪارو، پروفيسر قادر بخش مگسي ، علامه آءِ آءِ قاضي ادبي فورم جي جمن جانب طرفان 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.