سنڌ ڌرتيءَ جي ھزارين سالن تي مشتمل تاريخ، تمدن، تھذيب، ثقافت، واپار، شھري اڏاوتون ۽ فني عروج جا داستان اسان جي ھيريٽيج جي ورثي وارين عمارتن مان ظاھر ٿين ٿيون. اڄ جي سنڌ، جيڪا مھان سنڌو ماٿريءَ جي شاھد آهي، جتي هزارين سالن جي تھذيب جا نشان اڃا تائين وقت جي سيني تي زنده آهن. اهي نشان نه فقط عمارتن، دڙن، دروازن، بازارن، مدرسن، مندرن، مسجدن ۽ حويلين جي صورت ۾ آهن، پر انهن ۾ هڪ نه ڇيھ ٿيندڙ سماجي، مذهبي، ۽ معاشي تاريخ سمايل آهي. پر افسوس ته انهن آثارن جي حفاظت جو نه ڪو جامع منصوبو آهي ۽ نه ئي ڪو جٽادار عملي ڪم! اها لاپرواهي ۽ غفلت هاڻي ڏوهن جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جتي نه فقط قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي، پر گهڻو ڪري ته خود حڪومتي ادارا انهيءَ ڪُڌي ڪم ۾ حصيدار نظر اچن ٿا.
تازو ڪراچيءَ ۾ پيش آيل هڪ خارس واري عمارت جيڪا اهم ورثي واري حيثيت ۾ ھئي ان جي غيرقانوني ڊهڻ واري واقعي، جنهن کي سنڌ جي محفوظ قرار ڏنل ورثي جي حيثيت پڻ حاصل هئي، سنڌ حڪومت جي اندروني نااهلي، اداري جي اندر خردبردي ۽ ثقافتي ورثي جي بيقدريءَ جي هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ مثال جيان سمجهيو ويو. خارس بلڊنگ جي مالڪ سان ملي ڀڳت ڪري ان جو ڊھڻ، قانوني پابندين کي لتاڙي، ورثي جي تحفظ لاءِ ٺهيل ادارن کي اعتماد ۾ نه وٺي، هڪ اهڙي ايراضيءَ تي بلڊوزر هلائڻ قانون جي حڪم جي مسخري ڪرڻ کان گهٽ نه آهي. خاص طور تي جڏهن ثقافت کاتي کي ڄاڻي واڻي پاسي تي رکيو ويو ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ اهڙا اجازت ناما جاري ڪيا، جن جي ڪا به قانوني حيثيت نه هئي. هِن عمل جي جاچ هڪ اعليٰ حڪومتي آفيسر جي حڪم تي شروع ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ مڪمل رپورٽ سامهون آئي جنھن ۾ ڀيانڪ انڪشاف ٿيا ته انهيءَ غيرقانوني قدم ۾ ڪيترائي اهلڪار شامل هئا، جن جو مقصد ورثي جي عمارت کي مٽائي، اُن زمين تان ڪروڙين رپين جو فائدو حاصل ڪرڻ هو. افسوس ته ان قسم جون سنڌ جي ھيريٽيج واريون علامتي عمارتون، جيڪي مستقبل جي نسلن لاءِ تاريخي علم، جمالياتي ذوق، ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿيون، اڄ صرف تعميرات ۽ نفعن جي حساب ڪتاب جو شڪار بڻجي ويون آهن. ساڳيءَ ريت، سنڌ جي هڪ ٻئي اهم شهر شڪارپور، جيڪو هڪ زماني ۾ “سنڌ جو پئرس” سڏبو هو، اڄ پاڻ ئي پنهنجي آخري ساهن سان وسامي رهيو آهي. هتي جون تاريخي بازارون، هندن جي قديم مذهبي اڏاوتون، مسجدون، ڪلاڪ ٽاور، ۽ اسپتالون، سڀ حڪمرانن جي بي رحم نظراندازيءَ سان ڳري رهيون آهن. 1947ع کانپوءِ هن شهر جي مذهبي ۽ واپاري جوڙجڪ ۾ آيل تبديلي نه رڳو سماجي اڏاوت تي اثر وڌو، پر عمارتن جي سنڀال به ختم ٿي وئي. جنھن جي ڪري ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون جيڪي هندو واپارين جي دور جي شاهڪار ڏيک ۾ هيون، اڄ اھي تباھ ٿيندي، ٽٽندي ۽ ميساريل حالتن ۾ آهن.
هتي سوال اهو نه آهي ته صرف ڪراچي يا شڪارپور ۾ ورثي جو تحفظ نه پيو ٿئي، پر سنڌ جي هر ضلعي، هر شهر، هر ڳوٺ ۾ بي پرواهي جو ساڳيو داستان ورجائجي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن عالمي طور تي ثقافتي ورثن جي عمارتن، تاريخي ماڳن، ۽ ثقافتي نشانن ذريعي ٻاھريان ملڪ اربين ڊالرن جي آمدني حاصل ڪن ٿا. يورپ، وچ اوڀر، ۽ ايشيا جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ پنھنجو پاڙيسري ملڪ ڀارت پڻ سرفھرست آھي اھي پنهنجي تاريخي عمارتن کي نه رڳو محفوظ ڪن ٿا، پر انهن کي سياحت جي وسيلي طور به استعمال ڪن ٿا. ان جي ابتڙ سنڌ جي ثقافت کاتي وٽ نه ته ڪا جامع ڊجيٽل فهرست آهي نه ئي وري ڪا سنجيده منصوبابندي!
جيڪڏهن سنڌ جي ورثي کي بچائڻو آهي ته پهرين مرحلي ۾ سياسي، ادارتي، ۽ سماجي سطح تي ذهني تبديلي آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. هر ورثي واري ماڳ لاءِ هڪ مخصوص ڪئٽلاگ ۽ لٽريچر هجڻ گهرجي، جنهن ۾ ان جي تاريخ، قانوني حيثيت، تعميري تفصيل ۽ ان تي ٿيندڙ هر ڪم ڪار جو رڪارڊ هجي. اهڙي معلومات ڊجيٽل شڪل ۾ موجود هجڻ ته ضرور کپي ته جيئن ڪنهن به وقت ڪنهن به اداري، محقق، يا شهرين کي اھو لٽريچر حاصل ٿي سگهي. ٻئي طرف، ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي انتهائي ضروري آهي. بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ضلعي انتظاميه، آثار قديمه وارو کاتو ۽ مقامي حڪومتون پنهنجو پنهنجو ڪم ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪري ته رھيون آھن پر ڪنهن وٽ به ڪو گڏيل لائحه عمل نه آهي. جيڪڏهن هڪ نئين ٺھندڙ پروجيڪٽ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ بلڊنگ اٿارٽي وٽ درخواست اچي ٿي ته ان کي لازمي طور ثقافت کاتي سان صلاح ڪرڻ گهرجي، ته ان پيش ٿيل پروجيڪٽ ڀرسان يا اتي ڪو تھذيبي، ثقافتي ورثو ته نه آھي! اهڙو عمل قانون تحت ضروري آهي، پر ان ھوندي به جي ڪو ڀڃڪڙي ڪري ته ان سلسلي ۾ قانونن تي نظرثاني ڪري انهن کي سخت بنائڻ گهرجي. ٽيون اهم قدم قانوني ذميواريءَ جو تعين آهي. جڏهن ڪو اهلڪار قانون جي ڀڃڪڙي ڪري، يا ڪنهن ورثي جي تباهيءَ ۾ ڄاڻي واڻي حصو وٺي، ته ان لاءِ نه رڳو انتظامي ڪارروائي پر فوجداري قدم پڻ کنيا وڃن. جيستائين ماڻهن کي اهو احساس نه ٿئي ته ثقافتي ورثن کي نقصان پهچائڻ هڪ سنگين ڏوه آهي، جيڪڏھن ائين نه ڪيو ويو ته ھتي ھر ڪو آپي شاھيءَ جي نشي ۾ ھوندو ۽ سنڌ جي وسيع ورثن کي نقصان ڏيندو رھندو.
حڪومت جي اعليٰ قيادت، خاص طور تي چيف سيڪريٽري ۽ چيف منسٽر سنڌ جي سطح تي جيڪو قدم کنيو ويو آهي، ان کي هڪ شروعاتي سگنل طور وٺڻ کپي. پر اهو قدم تڏهن ئي اثرائتو ثابت ٿيندو، جڏهن ان مان هڪ ڊگهو، منظم ۽ شفاف نظام جنم وٺي. چيف سيڪريٽري پاران نه صرف جاچ جو حڪم جاري ڪرڻ، پر ان جي نتيجي ۾ قانوني ڪارروائي، اهلڪارن جي معطلي، ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي کي حوالي ڪرڻ اهڙا قدم آهن، جيڪي ايندڙ عمل لاءِ رستو هموار ڪري سگهن ٿا. اهو به ضروري آهي ته سنڌ جو ثقافت کاتو نه صرف پنهنجي داخلي نااهلين جو جائزو وٺي، پر پنهنجي ملازمن جي روايتي تربيتن جي جڳھ تي ٽيڪنيڪل تربيتون، نگرانيءَ ۽ ذميواريءَ جو جديد فريم ورڪ استعمال ڪري. جيڪڏهن ڪنهن ورثي واري جاءِ کي خطرو آهي ته ان بابت فوري اطلاع ڏيڻ، قانوني رستي روڪ ڪرڻ ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ثقافت کاتي جي ئي پهرين ذميواري آهي. ان سان گڏ ھن سرشتي ۾ جدت ۽ جديد ڌارائن تي مشتمل فني تربيتون پڻ ضروري آهن. ضلعي سطح تي ثقافتي ورثن جي نگرانيءَ لاءِ هڪ مستقل ٽيم مقرر ٿيڻ گهرجي، جيڪا باقاعدي مانيٽرنگ، رپورٽنگ ۽ مرمتي تجويزن تي ڪم ڪري. ان سلسلي ۾ عالمي ادارن جهڙوڪ يونيسڪو يا آئڪومس سان تعاون، فنڊنگ، ۽ ٽيڪنيڪل مشورا وٺي سگهجن ٿا ته جيئن عالمي معيار تي اسان جو قديم ورثو محفوظ رهي سگهي. ثقافت کاتي جي ضرورت آهي ته سنڌ جي تعليم واري کاتي سان ملي ثقافتي ورثن جي اهميت بابت اسڪول سطح تي ڪورس تيار ڪري نصاب ۾ شامل ڪيا وڃن، ته جيئن ايندڙ نسلن ۾ پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت لاءِ جذبو پيدا ٿئي. ميڊيا، سماجي سوشل نيٽورڪ ۽ عام بحثن ذريعي پنھنجي ثقافتي ورثي بابت شعور اجاڳر ڪرڻ لازمي آهي.
سنڌ جو ثقافتي ورثو رڳو ماضيءَ جو اثاثو نه آهي، پر اهو مستقبل لاءِ هڪ اقتصادي، سماجي ۽ سياحت جو شاندار موقعو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اسان اڄ قدم نه کنيا ته ياد رکو اسان جي شاندار تاريخ، جيڪا هزارين سالن جي محنتن، علم، تهذيب، ۽ سڃاڻپ سان جڙيل آهي، هميشه لاءِ وسامي ويندي. ۽ ان لاپرواھيءَ جو ڏوھ ۽ ان جو عذاب صرف اسان جو ئي نسل نه پر ايندڙ نسل پڻ ڀوڳيندو. ان لاءِ سنڌ حڪومت کان اها پُرزور اپيل پڻ ڪجي ٿي ته اھا سنڌ جي بي بها تهذيبي ورثي جي تحفظ، سار سنڀال ۽ بحالي لاءِ روايتي بيانن کان اڳتي وڌي، ان نازڪ ۽ اهم مقصد کي پائيدار بڻائڻ لاءِ پنهنجي سالياني بجيٽ ۾ خطير رقم مختص ڪري. هي سرمايو نه فقط هن عظيم ورثي کي وقت جي بي رحم هٿن کان بچائيندو، پر سنڌ اندر سياحت جي واڌاري، مقامي معيشت جي بحالي، ۽ عالمي سطح تي ثقافتي سڃاڻپ جي بحاليءَ لاءِ هڪ مضبوط بنياد پڻ مهيا ڪندو. سنڌ جي ثقافت کي دائمي حيثيت ڏيڻ لاءِ هاڻي اهڙن فيصلن جي گهُر ڪئي وڃي، جيڪا صرف لفظن تائين محدود نه هجي پر عملي ميدان ۾ لهي، هن ڌرتيءَ جي تهذيب کي نئين سر محفوظ بڻائي سگهي.