سنڌ جو فڪري سپهه سالار شهيد الهه بخش سومرو

0
40
سنڌ جو فڪري سپهه سالار شهيد الهه بخش سومرو

چوڏهن مئي 1943ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي، ماضيءَ واري سنڌ جي پيرس شڪارپور ۾ هڪ سياسي قتل ٿيو هو. شڪارپور فوجداريءَ روڊ تي، الله بخش سومرو، تعويذ ڪندڙ هڪ ٺڳ مرشد کي روڪڻ لاءِ ٽانگي ۾ پنهنجن پراڻي دوست الاهي بخش جھلڻ سان وڃي رهيو هو ته اوچتو ڪٿان گولي آئي ۽ سنڌ جي الله بخش جي سيني ۾ وڃي لڳي ۽ هو ماريو ويو! اِها گولي دراصل سنڌ جي تاريخ جي سيني ۾ گولي هئي.هُن کي ڇو ماريو ويو؟ انهيءَ سوال جي تلاش ۾ سنڌ گذريل اٺ ڏهاڪا پريشان آهي ته ههڙي صوفي مرد، اعلى درجي جي سياستدان، ۽ غريب جي هڏ ڏوکي انسان جو قتل آخر ڪنهن جي فائدي ۾ ٿي سگهيو پئي! شهيد الله بخش تي اهڙو حملو زندگيءَ ۾ اڳ ۾ به ٿيو هو، هڪ دفعي ريل رستي شڪارپور وڃي رهيو هو ۽ قاتلن ريل ڪيرائڻ جي سازش رٿي هئي، پر کيس هڪ ٻه اسٽيشن پهريون لاٿو ويو هو. شهيد الله بخش جي قتل کان 3 مهينا پوءِ ئي هڪ انگريز جيڪو الله بخش جي شخصيت ۽ سياست سان عشق جي حد تائين متاثر  هو، سخت صدمي ۾ اچي ويو هو. J.S Bright، پنهنجي ڪتاب جيڪو آگسٽ 1943ع ۾ ڇپيو، “India’s Nationalist No.1. Mr. Allah Bux” ۾ مهاڳ ۾ لکي ٿو:He was a first rate champion on the field of India Politics, the teaming masses of National India wetted and cheered him, his score stands the highest”

هتي اها ڳالهه ويچار جوڳي آهي ته آخر سنڌ جي هن سياستدن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي، جو سامراج لڏي جي مخصوص (J.S Bright) کي هن لاءِ مٿيان لفظ لکڻا پيا. 63 صفحن جي هن ننڍڙي ڪتاب ۾ مان سمجهان ٿو، انگريز ليکڪ الهه بخش جي سموري سياسي زندگيءَ تي پهنجن ذاتي جذبن ۽ احساسن سان لکيو آهي.اوڻوهين صديءَ ۽ ويهين صديءَ جو شروعاتي دؤر خطابن ۽ لقبن جو دور هو. انگريز پنهنجي هر وفادار کي مال ملڪيت ۽ جاگير سان ته نوازيو پر، هنن کي عهدا، لقب ۽ خطاب به ڏنا. الهه بخش کي به “خانبهادر” ۽ O.B.E (Order of British Emperor) جا به خطاب ڏنا هئا. انگريزن اهڙا خطاب ۽ القاب ڪيترن ئي پنهنجن وفادارن کي ڏنا هئا، پر انهن سڀني Sirs، خانبهادرن، ۽ ٻين ڪيترن نوازيلن مان هڪڙو الهه بخش مڙس ماڻهو هو، جنهن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته، اهي، سر ۽ خانبهادر، سڀاڻي جي تاريخ ۾ غدار ليکيا ويندا ۽ پوءِ هن اهي سمورا القاب انگريز سرڪار کي پنهنجي استعيفا سميت واپس ڪري ڇڏيا ۽ غدارن جي طويل لسٽ مان پنهنجو نالو ڪٽرائي ڇڏيو. سکر بئراج جي نظام کي بهتر ڪرڻ، سرڪاري خرچن ۾ خاطر خواهه گھٽتائي ڪرڻ، اعزازي مئجسٽري ختم ڪرڻ، استادن جون پگهارون وڌائڻ، مولانا عبيدالله سنڌي جي جلاوطني ختم ڪري واپس گھرائڻ، سنڌ فرنٽيئر ريگوليشن کي ختم ڪرڻ اهم ڪارناما آهن.

J.S Bright جو اهو رايو آهي ته الهه بخش جو اهو قدم، انگلينڊ جي وزيراعظم ونسٽن چرچل جي 11 سيپٽمبر 1942ع واري انهيءَ تقرير جو نتيجو هو، جنهن ۾ هُن، ڪانگريس سميت هندستان تي سخت لفظن جو زهر اوڳاڇيو هو. هن سلسلي ۾ آريسر صاحب چئي ٿو، “رٺل اڳي ئي هئي، ويتر پيڪن جو نياپو.” يعني الهه بخش انگريز پاليسيءَ مان هونئن ئي بيزار ٿي پيو هو، ۽ پاڪستان جي تحريڪ کي انگريز جي هئي، وڌندي پئي وئي، مٿان وري چرچل جو اهڙو سخت خطاب…الهه بخش کي مليل لقب واپس ڪرڻ جي فيصلي ۾ دير نه لڳي.شهيد الهه بخش سومرو هڪ مڊل ڪلاس خاندان جو فرد، جيڪو نه انگلينڊ ۽ آمريڪا جي وڏين يونيورسٽين مان ڪا ڊگري وٺي آيو هو ۽ نه ڪنهن وڏيري، جاگيردار يا صنعتڪار جو پٽ هو، هو ته شڪارپور جي عام اسڪول مان تعليم يافته هو، ان لاءِ به تحقيق جي ضرورت آهي ته هو ڪيترو پڙهيل هو، ڪيترن اديبن لکيو آهي ته هو ميٽرڪ پاس هو، پر مرحوم نياز همايوني چوندو هو ته ميٽرڪ پڙهيو ضرور هو، پر امتحان نه ڏنو هيائين. بهرحال! ميٽرڪ کان مٿي پڙهيل نه هو. پوءِ هُن جو اعلى سياسي فڪر، ايڏو اوچو تدبُر، پاڪستان جي مذهبي ڪٽر تحريڪ دوران، ههڙي قومپرست سوچ، هُن ڪٿان حاصل ڪئي هئي….؟

انهي ڏِس ۾ عبدالواحد آريسر راءِ ڏئي ٿو ته: هڪ ته الهه بخش سومري جو دوستن جو حلقو، اعلى انساني قدر رکندڙ فرد، زبردست سياسي، سماجي، ديني ۽ ادبي دانش رکندڙ عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي مشتمل هو. جنهن ۾ محمد امين کوسو، ابوالڪلام، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا عبيدالله سنڌي، برڪت علي آزاد، دين محمد وفائي، ايني بيسنت، گانڌي ۽ ڄيٺي سپاهيملاڻي وغيره آهن. هي اهي ماڻهو هئا. جن جو هٿ ان وقت جي سياست جي نبض تي هو، هو ننڍي کنڊ جي ماضي، حال ۽ مستقبل مان واقف هئا.

۽ ٻيو سبب، الهه بخش جي قومپرست ذهنيت ۽ اعلى فڪر جو هو، انهيءَ دور جي شڪارپور! ورهاڱي اڳ واري شڪارپور جي تهذيب تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگهن ٿا. نهروءَ پنهنجي مشهور ڪتاب Discovery of India ۾ لکيو آهي ته، “ننڍي کنڊ ۾ بينڪنگ کي متعارف ڪرائڻ وارا شڪارپوري هئا”. انهيءَ دور واري شڪارپور ۾ سياسي، سماجي، تعليمي، ادبي ۽ تجارتي معيار ايترا ته اعلى هئا جو، الهه بخش سميت ڪيترن ماڻهن لاءِ بهتر ڪم ڪرڻ سازگار هو.

سائين جي.ايم سيد پنهنجي ڪتاب ۾ “پاڪستان جي ماضي ـ حال ۽ مستقبل تي طائرانه نظم” (جيڪو هُن شهيد الهه بخش سومري سان منسوب ڪيو آهي) ۾ پنهنجي وڏي سياسي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي لکي ٿو: “اسان (يعني مسلم ليگي) جون غلطيون هي هيون ته ڪانگريس جي غلطين جي جوش ۾ اچي، ردِ عمل طور وڃي آل انڊيا جماعت ٺاهي ۽ مذهبي نفرت جي باهه ۾ وڪوڙجي هندو مسلم فساد ۽ نفاق جا ڪارڻ بڻياسون ۽ صوفيانه اسلامي تعليم وساري، مذهبي ڪٽرپڻي جي سيلاب ۾ لڙهي وياسون.”

اهو ايڏو وڏو اعتراف، سائين سيد جي عظمت ته اهائي آهي پر، هُن شهيد الهه بخش لاءِ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهو پڻ الهه بخش جي سياسي تدبر ۽ دور انديشي جي ڪٿ لاءِ ڪافي آهي، سائين وڌيڪ لکي ٿو: “مون جڏهن شهيد الهه بخش کان مسلم ليگ ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان جي مخالفت جا سبب پڇيا، ته هن (الهه بخش) چيو ته مسلم ليگ جو مذهبي بنياد تي جداگانه قوم جو نظريو ئي غير اسلامي ۽ موجوده دنيا جي تسليم ڪيل نظرين جي موجب نه آهي. مون (جي.ايم سيد) چيو: تازو 1940ع ۾ پاڪستان جي قرارداد جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو آهي، ان لاءِ توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ ته چيائين: تون خيالي دنيا ۾ رهين ٿو ۽ عملي سياست ۾ ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو به پڇي ئي ڪونه!”

سائين جي.ايم سيد ۽ شهيد الهه بخش جي وچ ۾ مٿين مڪالمي مان چٽو آهي ته الهه بخش سومرو اڌ صدي اڳ سنڌ جي جداگانه حيثيت جو قائل هو، هن کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ڪنهن به خطي ۽ ملڪ جي تعبيداري نامنظور هئي نه صرف ايترو بلڪ هو سنڌ جي سياستدانن کي وقت به وقت ايندڙ خطرناڪ مستبقل (جيڪو هاڻي حال آهي) بابت آگاهه ڪندو رهيو، سندس چوڻ هو ته سنڌ، مس مس بمبئي پريزيڊينسيءَ کان جان ڇڏائي آهي، ائين نه ٿئي جو هاڻي مذهبي جنون ۾ اچي يا ڪا ٻي سياسي غلطي سبب هڪ دفعي وري غلام قوم بڻجي وڃون.

ويهين صديءَ جي سنڌ ۾ ٽي تمام وڏا ماڻهو پيدا ٿيا، جن کي تاريخ ابد تائين امر رکندي، هڪ سورهيه بادشاده (شهيد صبغت الله شاهه)، ٻيو سائين جي.ايم سيد ۽ ٽيون شهيد الهه بخش سومرو. سنڌ جي ڏاهي سياسي اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي راءِ سان ڪير ڪيترو متفق ٿو ٿئي ته “ايڪويهين صديءَ جي سنڌ انهن ٽنهي عظيم انسانن جي اولاد مان سخت مايوس آهي ۽ اسان کي هاڻي سن جي سيدن، شڪارپور جي سومرن ۽ ڪنگريءَ وارن مان سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي توقع رکڻ ئي بي معنى آهي”. بهرحال! اڄ سنڌ جو عظيم سياسي ۽ فڪري سپهه سالار شڪارپور ۾ پنجن پيرن جي مقام ۾ ابدي آرام ۾ آهي، خدا ڄاڻي ته هن جو روح، اڄ جي سنڌين لاءِ ڇا سوچيندو هوندو.