سنڌ جو ‘سسٽم’ ۽ سسٽم جا ‘دادلا’

0
243
سنڌ جو ‘سسٽم’ ۽ سسٽم جا ‘دادلا’

محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ کي پهريان پنج سال وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت ۽ بعد جا 11 سال سنڌ ۾ بغير شراڪت جي حڪومت جو موقعو مليو. هن سڄي عرصي ۾ ‘سسٽم’ لفظ اقتدار جي ايوانن، سرڪاري آفيسن، سنڌ سيڪريٽريٽ کان شهباز بلڊنگ ۽ ضلعي آفيسن تائين گهڻو ٻُڌڻ ۾ آيو. جيئن ته ليکڪ سياسي ڪارڪن هجن ۽ بعد ۾ پڙهائي پوري ڪرڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي اڻڀي کاتي، جيڪو هينئر سَڻڀو ترين کاتو سڏجي ٿو ۾ ماستريءَ کان وٺي روينيو جي سڻڀي ترين ۽ آخر ۾ قانون کاتي ۽ جوڊيشري ۾ مجموئي طور تي 14 سال سرڪاري ملازمت ڪئي آهي، ان ڪري سرڪاري آفيسن جي ڪاروهنوار، اُتي رشوت ستاني، دادلن آفيسرن ۽ ملازمن جي دادلائپ انهن جي ڪنهن به قانون کان مٿانهون هجڻ کان وٺي ڊي ايم جي آفيسرن (جن کي هاڻي پي اي ايس) جي وحشت سان گڏ صوبائي سروس گروپ جي آفيسرن (ايڪس پي سي ايس) جي حشمت ۽ پي ايس پي (پوليس سروس گروپ آف پاڪستان جن کي رينڪر پوليس وارا پيٽروليم سروس آف پاڪستان چوندا آهن) آفيسرن جي دهشت کي ويجهي کان نه رڳو ڏٺو پر محسوس به ڪيو آهي ۽ ڀوڳيو به آهي.

منهنجي خيال ۾ جنهن نظام کي اڄ ‘سسٽم’ چيو وڃي ٿو ۽ جن آفيسرن کي سسٽم جو ماڻهو چيو وڃي ٿو، اهو هر سياسي ۽ غير سياسي حڪومتن ۾ ڪنهن نه شڪل ۾ جاري ۽ ساري رهندو آيو آهي. سسٽم بنيادي طور تي ان نظام حڪومت جو نالو آهي، جنهن ۾ هڪ قانوني De Jure نظام حڪومت جي مٿان هڪ اصل ۽ نظر نه ايندڙ De fecto  حڪومت آهي، جيڪا ئي ڪنهن به قانون کان بالاتر ٿي نظام حڪومت هلائي ٿي، سنڌ ۾ ته اها ڳالھ زبان زد عام آهي ته هتي نه رڳو اهو سسٽم پنهجي ڀيانڪ شڪل سان موجود آهي پر هتي de fecto وزير اعليٰ، وزير، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري، آئي جي به آهن. هونئن ته هِي سسٽم هر دور ۾ اهو ڀلي آمر پرويز مشرف جو هجي، ضياءَ جو ڪارو دور هجي يا ايوبي آمريت هجي يا شهيد ذوالفقار ڀٽو جي سول مارشل لا ۽ بعد ۾ اڌوگابري جمهوريت جو هجي، محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو هجي، آمريت جي ڪُک مان جنم وٺندڙ شريف ڀائرن ۽ عمران خان جو هجي، سسٽم ۽ سسٽم جا دادلا موجود رهيا آهن.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي دورِ حڪومت ۾ سسٽم ايترو مشهور ۽ بدنام ڇو آهي ۽ ان سسٽم جا دادلا آفيسر ۽ انهن جا سرپرست اڪثر ڪري ٿوري وقت لاءِ ڪڏهن حقيقي ۽ ڪڏهن نمائشي طور تي زير بحث ۽ زير عتاب ڇو ايندا رهن ٿا، معاملو دراصل اهو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جا اڳواڻ مالي بي قاعدگين، اقربا پروري ۽ اڻ ڍنگائپ سان هر ڪم جي شروعات اُتان ڪندا آهن، جتي ٻيا ختم ڪندا آهن، کين يا ته چڱو ڪم ڪرڻ ايندو ناهي ۽ جيڪڏهن ڪندا آهن ته ان کي مشهور ڪرڻ ۽ ان جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ وٽن ڪا قابل ميڊيا ٽيم نه هوندي آهي. پيپلز پارٽي پنهجي ابتدائي دور اقتدار کان سنڌين جي ووٽن تي معتبري ماڻي اقتدار ۾ ته ايندي آهي پر سنڌي ان لاءِ هاري، مزدور ۽ هڪ ٻي زبان جانور کان وڌيڪ سندن لاءِ ڪابه اهميت نه رکندا آهن، اها ٻه اکيائي آفيسرن جي مقرريءَ کان وٺي، سياسي عهدن تائين ۽ ميڊيا تائين توهان کي هر جڳھ تي نظر ايندي. سنڌ جي ووٽن تي سينيٽ ۾ ڌارين جي لوڌ، اهم کاتن ۾ ڌارين جي مقرريءَ کان وٺي ميڊيا ۾ پارٽيءَ جا محبوب چھرا غير سنڌي ئي رهيا آهن. ڪجهه ڏهاڙا اڳ سسٽم جا ڪجهه منظورِ نظر آفيسر، جن ۾ ڪجهه پوليس آفيسرن ۽ روينيو آفيسرن کي پنهنجن عهدن تان هٽايو ويو آهي، جنهن تي سنڌ جي ماڻهن مجموعي طور تي ۽ ڪراچي شهر ۾ ڪاروبار ڪندڙ خاص طور تي ساراهيو آهي، ٻڌايو وڃي ته هڪ وڏي غير سياسي شخصيت ڪراچيءَ جو دورو ڪيو، جتي واپارين سسٽم ۽ ان جي آفيسرن جي خلاف شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ طاقتور حلقن جي پريشر تي اهي آفيسر هٽيا آهن.

انهن هٽايل آفيسرن ۾ ٻه ڪردار سب انسپيڪٽر نصير تنولي ۽ سب انسپيڪٽر اعظم راڄپر آهن، جيڪي سسٽم جي اعليٰ ترين عهديدار جا منظورِ نظر ٻُڌايا وڃن ٿا ۽ گذريل 15 سالن کان ڪراچيءَ جي ضلعي ڏکڻ جي اهم ترين ٿاڻن تي ئي مقرر رهيا آهن، پوليس جي ڪنهن به اعليٰ آفيسر جي پڇا ڳاڇا کان وٺي ڪنهن به احتساب ۽ قانون کان بالاتر رهيا آهن. انسپيڪٽر ڪورائي، انسپيڪٽر وڌو به ڪراچيءَ جي ان ئي سسٽم جا ڪارندا آهن، جڏهن ته روينيو ۾ مقرر آفيسرن، خاص طور تي ضلعي ملير، اولھ، اوڀر ۽ ڪياماڙي لاءِ سنڌ جي هر فرد کي خبر آهي ته، اهي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ هاڻوڪي بلوچستان جي ڪهڙي ‘سياستدان’ جي سسٽم ۾ آهن.

ملير، ڪياماڙي ۽ اولھ ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر، اُتان جا پوليس آفيسر، سسٽم جا حصا آهن، سڀني کي خبر سهي ته ضلعي ملير جي سسٽم جو انچارج ڪهڙو اڳوڻو ايم پي اي آهي، ڪنهن وٽ ضلعي سينٽرل جي چارج آهي ۽ ڪنهن وٽ اوڀر، ڪياماڙي ۽ اولھ جي چارج آهي. ورڪس ۽ سروسز جي چيف انجنيئر ايوب جوڻيجو لاءِ مشهور آهي ته، هي سسٽم جو ماڻهو آهي ۽ هر حڪومت ۾ پنهجي کاتي ۽ وزير کان به وڌيڪ بااختيار رهندو آهي، چند ڏينهن پهرين ايوب جوڻيجو وٽ هڪ درجن کان وڌيڪ عهدن سان گڏ سنڌ ۾ گهر ۽ روڊ ٺهرائڻ جي ورلڊ بينڪ جي پراجيڪٽ جي چارج به هئي، سسٽم جا دادلا آفيسر ته رٽائرمينٽ کان پوءِ ان ئي کاتي جي پراجيڪٽ جا انچارج لڳل آهن، تعليم کاتي ۾ رسول بخش شاهه، قاضي ڪبير کان وٺي اريگيشن کاتي ۾ جاويد ميمڻ تائين ڪيترا ئي دادلا رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن حاجي نمازي جي آشيرواد سان سڻڀن عهدن تي براجمان آهن.

ڪجھ مهينا پهرين نگران حڪومت ۾ ڪراچي جي پنجن ضلعن ملير، اوڀر، اولھ، ڪورنگي ۽ ڪياماڙي ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ماڻهن جي زمينن تي قبضي جي خلاف وزير اعليٰ جي انسپيڪشن ٽيم (سي ايم آئي ٽي) جاچ شروع ڪئي، صرف ضلعي اولھ جي منگھو پير تعلقي ۾ جاچ جي دوران جاچ ٽيم جي رپورٽ موجب، ساڍا پنج هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪري سنڌ حڪومت کي ٽي ارب روپين جو نقصان پهچايو ويو آهي، سڀني کي خبر آهي ته ضلعو اولھ ۽ ڪياماڙي ڪهڙي ۽ ڪنهن جي دادلي جي ذاتي جاگير آهي. انسپيڪشن ٽيم جي رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته، ضلعي اولھ ۾ وڏي پيماني تي هزارين افغان باشندن جا ڊوميسائيل ٺاهي انهن جو رڪارڊ گم ڪيو ويو آهي پر سنڌ جي هڪ سينيئر بيوروڪريٽ جيڪو سدائين باور ڪرائيندو آهي ته هو هڪ ايماندار ۽ ماضي جو قومي ڪارڪن رهيو آهي، نه رڳو ان رپورٽ جي آڌار تي روينيو جي آفيسرن کي ڊيڄاري نه صرف انهن کان وڏي ڏيتي ليتي ڪئي پر ان قوم سان ويساهه گهاتي ڪندي افغانين جي ڊوميسائيل وارو مسئلو به لئي مٽي ڪري ڇڏيو، سلام آهي سنڌ جي لائق فرزند بيوروڪريٽ شڪيل منڱڻيجو کي، جنهن عهدي تي اچڻ شرط اها رپورٽ هن سال جي اپريل ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ کي وڌيڪ قانوني قدم لاءِ موڪلي، جيڪا تادم تحرير سنڌ جي وزيراعليٰ هائوس جي ڪهڙي ميز يا ڪنهن الماريءَ جي اونهي خاني ۾ لڪل آهي، ان جو سنڌ جي زندگي موت سان لاڳاپيل ان مسئلي تي سنڌ جو لائق وزير اعليٰ خاموش آهي.سسٽم جا ڪل پرزا ته سنڌ جي هر ضلعي ۽ شهر ۾ موجود آهن، جتي هو هر قانون ۽ قاعدي کان بالاتر ٿي روزانو جي بنياد تي سنڌ جي عوام جي اهنجن ۾ اضافي سان گڏ پنهجي سرپست سياسي آقائن جي آشيرواد سان سنڌ جي خزاني ۽ وسلين کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن، سسٽم جو هِي بدقسمت چڪر الائي ڪڏهن ختم ٿئي پر سنڌي ماڻهن جي نڌڻڪي هجڻ جو احساس اڃان وڌيڪ شديد ٿئي ٿو ته انهن کي ته پاڪستان جي وڏين سياسي جماعتن بشمول نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي سڀني پيپلز پارٽي کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو آهي، ۽ انهن جي پرواھ نه سندن ووٽ تي چونڊجي آيل حڪمرانن کي آهي، نه ڪنهن ڪمزور يا طاقتور حلقي کي آهي، جيئن ڪراچي جا ماڻهو ۽ واپاري ڌڻي سائين وارا آهن، تيئن سنڌ جي ماڻهن جو پيپلز پارٽي جي ووٽرن جو ڪو به ڌڻي سائين نه آهي، کين هڪ طرف حڪمرانن جي بي رخي، بداعمالين ۽ ڪرپشن مرڻ کان وڌيڪ بدتر حالت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف اپوزيشن مان طاقتورن آڏو سرينڊر ڪرڻ جا ڀاشن ٿا ملن.

ڏسجي ته ڪراچي جي مضبوط ‘سيٺ مافيا’ جنهن جا هٿ اسلام آباد ۽ پنڊي تائين ڊگھا آهن، هٿان سسٽم شڪست ٿو کائي يا سسٽم انهن مٿان حاوي ٿئي ٿو، ڪجھ به ٿئي پر ڪراچي کان ٻاهر رهندڙ مخلوق ان سسٽم جي چڪي مان نڪرندي نظر نٿي اچي.

تُو اِدهر اُدهر ڪِي بات نه ڪر، يه بتا ڪه قافلا ڪيون لُٽا،

تري رهبري ڪا سوال هي، همين راهزن سي غرض نهين.