سنڌ جو حَق- هِتي رَک!

0
22
ڀُنگ جي رقم بجيٽ ۾ ڇو نه رکجي؟!...

سنڌ سان پاڻيءَ جي معاملي تي ناانصافي جاري آهي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي تنقيد ڪندڙ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن جا محافظ ۽ چيمپيئن سڏائيندڙ به ان سڄي ناانصافيءَ تي خاموش آهن. سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي نه پيو ملي ۽ چشما بدران گڊو وٽ سنڌ جي پاڻيءَ جو حصو پهچائي ڏيڻ واري گُهر نٿي مڃي وڃي، جنهن ڪري گڊو وٽ پاڻي پهچندي پهچندي اُن جو وڏو حصو چوري ٿي وڃي ٿو ۽ پنجاب سرڪار ان چوريءَ کي روڪڻ لاءِ تيار نه آهي. ارسا جي نااهليءَ سبب سنڌ کي پهرين اپريل کان 4 مئي تائين 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۽ انڊينٽ موجب پاڻي ملي نه سگهيو آهي. رُڳو آڳاٽي خريف ۾ به تونسا ۽ سکر جي وچ ۾ 412635 ڪيوسڪ پاڻي غائب ٿيڻ جون خبرون آهن. سنڌ ۾ 71 سيڪڙو کوٽ باوجود نه صرف منگلا ۽ تربيلا ڊيمن ۾ 2.11 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو پر چشما جهلم ۽ تونسا پنجند ڪينال کولي پاڻي کنيو ويو. ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي جو طوطو تڏهن ٻولي ٿو، جڏهن ڪنهن تجزياتي رپورٽ ۾ صحافي ۽ پاڻي ماهر اهڙو ڪو انڪشاف ڪن ٿا، تڏهن ئي موصوف ڇِرڪ ڀري اُٿي چوي ٿو ته، بروبر، چشما ۽ سکر وچ ۾ درياءَ جي ڦهلاءُ وڌڻ ڪري لاسز ٿين ٿا ۽ چوري به ٿئي ٿي. موصوف اهو پڻ انڪشاف ڪري ٿو ته، هن آڳاٽي خريف ۾ ڊيم ڀرڻ کان روڪيو هو (پر نه مڃيائون).

سنڌيءَ جي چوڻي آهي ته، “ٻه ڀائر- ٽيون ليکو”، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، هن ملڪ جي مُني صدي واري عرصي ۾ جيڪا ڳالهه نه ٿي آهي، اُها آهي سنڌ جو وڏي ڀاءُ سان ليکو نه ڪرڻ، هر ناانصافي برداشت ڪرڻ ۽ سنڌ جي اُن ‘عفو ۽ درگذر’ واري روش جي ڪري هاڻي وڏي ڀاءُ ان ناانصافيءَ کي پنهنجو حق سمجهي ورتو آهي. سنڌ جو عوام جڏهن انهن ناانصافين خلاف اُٿي کڙو ٿئي ٿو، مزاحمت ڪري ٿو ته سنڌ جا منتظمين ۽ سنڌ جي حقن جي تحفظ جا دعويدار ۽ چيمپيئن سڏائيندڙ منتظمين اهي دانهون ڪرڻ شروع ڪن ٿا ته، جمهوريت خلاف سازش پئي ٿئي! سنڌ زرعي صوبو آهي ۽ ان جي زرعي معيشت جو دارومدار پاڻيءَ تي آهي پر افسوس جو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙيوالي جاري آهي، جنهن کي نه سنڌ جا منتظمين روڪرائي سگهيا آهن ۽ نه ئي پنجاب ڪنهن واعدي ۽ معاهدي جي پاسداري ڪرڻ لاءِ تيار آهي. مشرف جي دور ۾ درياءَ جي وهڪرن تي ٽيليميٽري سسٽم لڳائي ان جو انتظام واپڊا جي حوالي ڪيو ويو هو پر ان کي هلڻ نه ڏنو ويو. سنڌ اها گُهر ڪندي رهي آهي ته، اُن کي پنهنجي حصي جو پاڻي گڊو وٽ پهچائي ڏنو وڃي پر ائين نٿو ڪيو وڃي ۽ چشما کان پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، جنهن جو وڏو حصو پنجاب ۾ ئي چوري ڪيو وڃي ٿو. ملڪ ۾ ڊيمن ڀرڻ جو به ڪو طريقيڪار ڪونهي ۽ واپڊا کي ڪو چوڻ آکڻ وارو ڪونهي. هميشه ائين ٿيندو آهي ته، آڳاٽي خريف دوران جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هوندي آهي ته ان وقت واپڊا طرفان ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ شروع ڪيو ويندو آهي ۽ خاص طور تي منگلا ڊيم ۾ گهڻو ذخيرو ان ڪري ڪيو ويندو آهي، جو کين اهو خوف هوندو آهي ته، متان هي ڊيم ڀرجي نه سگهي ۽ پوءِ اڪثر سالن ۾ ائين ٿيندو آهي ته، جڏهن گهڻيون برساتون پونديون آهن، ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي ته منگلا مان مُک وهڪري ۾ پاڻي واپس ڇڏيو ويندو آهي.

ٻن ڀائرن جي وچ ۾ هميشه ليکي جي ضرورت ۽ اهميت کي سنڌ جا حڪمران نظرانداز ڪندا رهيا آهن. هن وقت وڏي ڀاءُ کي اهو چوڻ جي ضرورت آهي ته، “سنڌ جو حق- هتي رک!”. 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائي ٺاهه جي پئرا -2 تحت سنڌ جي حصي جو پورو پاڻي ورتو وڃي. پنجاب کي، خاص طور تي ارسا کي پابند ڪيو وڃي ته، سنڌ جي حصي جو پاڻي گڊو وٽ پهچائي ڏنو وڃي ۽ دريائي وهڪرن تي ٽيليميٽري سسٽم لڳايو وڃي، جنهن جو انتظام به ڪنهن اڻ ڌرئي اداري وٽ هجڻ گهرجي.