ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو اڳوڻو گورنر ڪمال اظفر ڊگھي علالت سبب 95 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پ پ جو سينيئر اڳواڻ ڪمال اظفر بيماري سبب خانگي اسپتال ۾ داخل هو، جتي ڪالهه سندس ساھه جو سڳو ٽُٽي پيو. ڪمال اظفر جي لاڏاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، گورنر ڪامران ٽسوري سميت صوبائي وزيرن ۽ سياستدانن ُک جو اظهار ڪيو آهي. ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته ڪمال اظهر سينيئر سياستدان هو، سندس سياست لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگھجن.