اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو)  سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام جي  سخت رد عمل بعد وزير اعظم شهباز شريف ارسا چيئرمين جي مقرري جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آھي , وزير اعظم جي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني وزير اعظم جي ارسا چيئرمين جي مقرري جو آرڊر واپس وٺڻ جو حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو ان سان گڏ وزير اعظم  ارسا جي نئي  چيئرمين جي مقرري جو عمل به روڪي ڇڏيو آھي هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم نگران حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ آئين ۽ سي سي آء جي اختيارن کي اورانگهيندي جاري ڪرايل آرڊيننس جي روشني ۾ ارسا چيئرمين مقرر ڪيو هيو جنهن تي سنڌ واسين شديد احتجاج ڪيو هيو جڏهن پيپلزپارٽي جي سيد نويد قمر قومي اسمبلي ۾ احتجاج ڪندي ارسا چيئرمين جي مقرري وارو فيصلو واپس وٺڻ جي گهر ڪئي هئي سنڌ جي وڏي وزير به ان حوالي سان وزير اعظم سان رابطو ڪري سخت  تحفظات کان وفاقي حڪومت کي آگاه ڪيو هيو جنهن بعد ارسا چيئرمين جي مقرري جو آرڊر واپس ورتو ويو آھي

ڪراچي(رپورٽ : شاهد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  چيو آهي ته 91ع واري پاڻي ٺاھ تحت ارسا  ايڪٽ ۽ اٿارٽي جوڙي وئي، ارسا جو  مقصد اهڙي آزاد اٿارٽي  قائم ڪرڻ هو ته جيئن وفاق اثرانداز نه ٿئي. ارسا جا 5 ميمبر هوندا هئا،  4 ميمبر صوبا ۽ هڪ ميمبر وفاق مان مقرر ڪيو ويندو ھو، ارسا جي چيئرمين شپ 5 ميمبرن ۾ ورهائجي ويندي هئي، نگران دور ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي ارسا ايڪٽ ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون، هڪ تبديلي اها به هئي ته وفاقي سرڪار ئي  ارسا جو چيئرمين مقرر ڪندي، ائين  ارسا ۾ ڇهون ميمبر اچي ويو  سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ارسا جي معاملي تي خيالن جي مٽا سٽا ڪئي وئي، ڪابينا جو گڏيل فيصلو آهي ته ارسا ۾ وفاقي چيئرمين قبول نه ڪيو ويندو، انهي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. سنڌ جي نگران حڪومت پڻ  تڪراري آرڊيننس تي احتجاج ڪيو ويو هو. وڏي وزير چيو ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته انهي آرڊيننس  کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ها، اتي پيپلز پارٽي جا ميمبر راءِ جو اظهار ڪن ها، هن چيو ته  مون کي پڪ آهي ته آرڊيننس قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس نه ٿئي ها. وڏي وزير چيو ته وفاقي سرڪار ڪالاباغ جي حامي  ظفر محمود کي ارسا چيئرمين مقرر ڪيو ، جنهن تي اسان اعتراض واريو،  وڏي وزير چيو ته  اسان نٿا چاهيون ته ارسا کي وفاق جي ماتحت ڪيو وڃي، هن چيو ته 1991ع  ۾ نواز ليگ جي حڪومت ۾ پاڻي معاهدو ڪيو ويو، اسان کي پاڻي ٺاھه  تي اعتراض آهن پر ان کي بهتر ڪرڻ بدران وڌيڪ خراب ڪيو ويو آهي هن چيو ته مون وزيراعظم سان ڳالهايو آهي، ناانصافي برداشت نه ڪئي ويندي.