ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري ۽ شاهد ميراڻي) سنڌ جو احتجاج رد: تونسا پنجند کانپوءِ اجگر جيڏو ٻيو وڏو ڪئنال چشما جهلم لنڪ ڪئنال پڻ کلي ويو 250 ڪيوسڪ پاڻي فراهم، سنڌ آبپاشي کاتي جي ارسا کي موڪيل 2 خطن بعد پيپلز پارٽي پاران سنڌ ارسا مٿان بي اعتمادي ظاهر، ارسا چيئرمين جي استعيفا جي گهر، ان حوالي سان پنجاب آبپاشي کاتي جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايو ويو آهي ته تونسا پنجند ڪئنال کان پوءِ چشما جهلم لنڪ ڪينال کي پڻ کوليو ويو آهي، جنهن کي شروعاتي طور تي 250 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڳتي هلي واڌارو ڪيو ويندو. جڏهن ته ارسا توڙي سنڌ آبپاشي کاتي جي ويب سائيٽن تي وري چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ظاهر ڪري کڻت ٻُڙي ڏيکاري وئي آهي. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ٻن احتجاجي خطن باوجود ارسا تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ بجاءِ لاڳيتو 3814 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي جاري رکي. ٻئي پاسي اترين علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ بعد دريائي وهڪرن ۾ بهتري اچي وئي آهي، جيڪي وڌي 128511 ڪيوسڪ تي پهچي ويا آهن، تربيلا وٽ سنڌوءَ جو وهڪرو 39300، منگلا وٽ جهلم جو وهڪرو 41464 ، ڪابل ندي جو وهڪرو 30200 ۽ چناب جو وهڪرو 17547 ڪيوسڪ رهيو، اهڙي صورتحال باوجود سنڌ کي تونسا وٽان رڳو 33953 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو، جيڪو رستي ۾ ضايع ٿيندو گڊو وٽ 27799 ۽ سکر وٽ 24860 ڪيوسڪ جي صورت ۾ پهتو. ڪالهه ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 4365 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا. ٻئي طرف تربيلا ۾ گذريل ڏينهن 19300 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ بعد ڊيم جي سطح 1420.47 فوٽن تي پهچي وئي، ڊيم ۾ 18.47 فوٽ پاڻي ذخيرو ٿي چڪو هو، ساڳئي ريت منگلا ڊيم ۾ 16462 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، جنهن بعد ڊيم جي سطح وڌي 1111.95 فوٽن تي پهتي، ڊيم ۾ 61.95 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو هو. هوڏانهن چشما بئراج تي اڏيل چشما ڍنڍ ۾ 9.35 فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ بعد ڍنڍ جي سطح 647.5 فوٽ ٿي وئي هئي. هوڏانهن پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي پنجاب کي پاڻي مهيا ڪندڙ لنڪ ڪئنال کولڻ کي غيرآئيني ۽ ارسا جي ناڪامي قرار ڏيندي ارسا چيئرمين جي استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال اصل ۾ فلڊ ڪئنال آهن جيڪي صرف ٻوڏ جي صورتحال ۾ وهائي سگهجن ٿا، هن وقت سنڌ ۾65 سيڪڙو کوٽ هوندي اهي لنڪ ڪئنال کولي پاڻيءَ جي کڻت جاري رکڻ وارو عمل غيرآئيني ۽ ارسا جي نااهلي ۽ ناڪامي آهي،ارسا چيئرمين لنڪ ڪئنالن کي بند نه ڪرائڻ تان استعيفا ڏئي. جڏهن ته ارسا چيئرمين ۽ ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ مان کنيو وڃي. هن چيو ته سنڌو جي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، وزيراعظم پاڻ مداخلت ڪري لنڪ ڪئنالن کي بند ڪرائي. هن چيو ته وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنالن وارو هڪ طرفو فيصلو واپس نه ورتو ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو ساٿ ڇڏڻ ۾ دير نه ڪندي. نوازليگ کي سمجهڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي ووٽن تي بيٺل آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جي حمايت واپس ورتي ته پوءِ ڪنهن به جماعت وٽ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت نه هوندي ۽ ملڪ ۾ ڪو ٻيو اچي ويندو يا قومي حڪومت ٺاهي ويندي. هن چيو ته ملڪ نين چونڊن يا قومي حڪومت جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، وفاقي حڪومت انهي سازش کي سمجهي 6 تڪراري ڪئنالن واري منصوبي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري.