ڪراچي(رپورٽ: سترام مهيشوري + شاهد ميراڻي) “عجب ڪرپشن جي غضب ڪهاڻي” سنڌ ناڻي کاتي جي نگراني ۾ هلندڙ ٽريزري آفيسون (ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسون) ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويون، پينشن، جي پي فنڊ ۽ ايل پي آر جي ادائگين ۾ 5 ارب، 46ڪروڙ 59 لک 90 هزار رپين جي بيقاعدگين جو انڪشاف، مُدي خارج ۽ غيرواسطيدار شناختي ڪارڊن تي پينشنرن کي هڪ ارب 46 ڪروڙ، 54 لک 20 هزار رپيا جاري ڪيا ويا. جڏهن ته رٽائرڊ ٿيل ملازمن کي پينشن جي مد ۾ سندن اصل رقم کان هڪ ارب 20 ڪروڙ 61 لک 41 هزار رپيا وڌيڪ ادا ڪرڻ جو به اسڪينڊل سامهون اچي ويو، ان حوالي سان آڊٽ رپورٽ 2024_25ع ۾ مختلف ضلعن ۾ قائم اڪائونٽس آفيسن ۾ ڪرپشن جا هوشربا انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. رپورٽ موجب دادو، نوشهروفيروز، ڄامشورو، شهيد بينظيرآباد، خيرپور، ٺٽو، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ضلعن جي اڪائونٽس آفيسن ۾ جعلي، مُدي خارج ۽ غلط شناختي ڪارڊن جي بنياد تي پينشنرن کي هڪ ارب 46 ڪروڙ 54 لک رپيا جاري ڪيا ويا. مليل ڄاڻ موجب دادو جي ضلعي اڪائونٽس آفيس 410 آءِ ڊيز ذريعي مرد پينشنرن کي فيملي پينشن جي مد ۾ 478.6 ملين جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ساڳئي آفيس 706 آءَ ڊيز ذريعي پراڻن شناختي ڪارڊن تي 431.1 ملين روپيا ادا ڪيا. دادو جي اڪائونٽس آفيس هڪ ٻئي ڪيس ۾ 107 آءِ ڊيز ذريعي پراڻي شناختي ڪارڊن تي 80.4 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا. سيپ ماسٽر رڪارڊ ۾ نوان شناختي ڪارڊ اپڊيٽ ڪرڻ کانسواءِ پينشن رهتن جي مد ۾ 6.1 ملين جاري ڪيا ويا. ٻئي طرف نوشهروفيروز جي اڪائونٽس آفيس پڻ ساڳئي واٽ تي هلندي 687 آءِ ڊيز ذريعي مرد پينشنرن کي فيملي پينشن جا 291.2 ملين روپيا ادا ڪيا. ساڳئي آفيس 1112 پينشنرن کي مُدو ختم ٿيل شناختي ڪارڊن جي بنياد تي ماهوار پينشن جي مد ۾ 61.8 ملين جاري ڪيا. هوڏانهن ڄامشوري جي اڪائونٽس آفيس پڻ ڊمي شناختي ڪارڊن تي پينشنرن جي نالي ۾66.6 ملين روپيا لوڻ پاڻي ڪري ڇڏيا. ٺٽي جي اڪائونٽس آفيس پڻ شڪي ۽ غلط شناختي ڪارڊن تي پينشن جي مد ۾ 25.2 ملين رپيا جاري ڪيا. لاڙڪاڻي اڪائونٽس آفيس پڻ مُدي خارج شناختي ڪارڊن تي جي پي فنڊ جي مد ۾ 23.5 ملين ادا ڪيا. شهيد بينظيرآباد جي اڪائونٽس آفيس پڻ انهي ڊوڙ ۾ پوئتي نه رهي، سُڃاڻپ ڪارڊ جا درست نمبر نه هجڻ باوجود پينشنرن کي فنڊن جي ادائگي ڪئي وئي. هوڏانهن ميرپورخاص، مٽياري، دادو، مٺي، بينظيرآباد، ٺٽو، شڪارپور، خيرپور، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ پينشن، جي پي فنڊ ۽ ايل پي آر جي مد ۾ 2 ارب، 79 ڪروڙ رپين جون اضافي ادائگيون ڪري سرڪاري خزاني کي کاٽ هنيو ويو، آڊٽ رپورٽ موجب ميرپورخاص اڪائونٽس آفيس ڪرپشن جي انهي ڊوڙ ۾ سڀني کان اڳڀري رهي جنهن پينشنرن کي پينشن، ايل پي آر ۽ جي پي فنڊ جي مد ۾ 2 کان 3 ڀيرا رقمن جي ادائگي ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو، انهي عمل سان سرڪار کي 2 ارب 57 ڪروڙ 88 لک 24 هزار رپين جو نقصان ٿيو. مٽياري جي اڪائونٽس آفيس پڻ ايل پي آر، گريجوئٽي، ڪميوٽيشن ۽ رهتن جي ادائگين جي مد ۾ پينشنرن کي 76.8 ملين جي اضافي رقم جاري ڪري ڇڏي. ساڳئي آفيس ايل پي آر جي مد ۾ 4.2 ملين ۽ پينشن جي رهتن جي ڊبل ادائگي جي مد ۾ 1.2 ملين ۽ ڊبل پگھارن جي مد ۾ 1.2 ملين جاري ڪيا. شهيد بينظيرآباد اڪائونٽس آفيس جي پي فنڊ، ڪميونٽيشن ۽ جي پي فنڊ جي مد ۾ 22.5 ملين جي ڊبل ادائگي ڪئي. مٺي اڪائونٽس آفيس پڻ جي پي فنڊ جي فائنل سيٽلمينٽ، ڪميونٽيشن ۽ گريجوئٽي جي مد ۾ پينشنرن کي ڊبل ادائگي ڪري سرڪار کي 25.8 ملين جو نقصان ڏنو ويو. رپورٽ موجب شڪارپور اڪائونٽس آفيس 9.5 ملين، خيرپور اڪائونٽس آفيس 8.2، حيدرآباد اڪائونٽس آفيس 8 ملين، ٺٽو آفيس 5.3، لاڙڪاڻو اڪائونٽس آفيس 4.3، سکر اڪائونٽس آفيس هڪ ملين رپيا پينشنرن کي اضافي جاري ڪري ڇڏيا. آڊٽ رپورٽ موجب شڪارپور، ميرپورخاص، سانگهڙ، سکر، نوشهروفيروز، دادو، ٺٽو، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ بدين ضلعن ۾ اڻپورن دستاويزن، مُدي خارج شناختي ڪارڊن، غلط فيملي پينشن ۽ رهتن جي مد ۾ مختلف پينشنرن کي هڪ ارب 20 ڪروڙ 61 لک 41 هزار رپيا جاري ڪري سرڪاري خزاني کي ڳاڙهي جھنڊي ڏيکاري وئي.
ٺيڪيدارن کان گهٽ ٽيڪس وصولي: سرڪار کي سوا ارب جو نقصان
ڪراچي: ناڻي کاتي سيڪريٽري سميت حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري، عمرڪوٽ، سجاول، گھوٽڪي، ٺٽو، ميرپورخاص، بدين، قمبر، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، شڪارپور ۽ ٽنڊوالهيار جي اڪائونٽس آفيسن، ٺيڪيدارن جي مختلف ٽيڪسن توڙي ٻين ادائگين ۾ گھٽ ڪٽوتي ڪري سرڪار کي هڪ ارب 15 ڪروڙ 83 لک 68 هزار رپين جو نقصان پهچايو.
|
حاتم طائي کي مات: پينشنرن کي اضافي 70 لک جاري
ڪراچي: “ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا“: سنڌ سرڪار حاتم طائي جي سخاوت کي مات ڏئي مختلف پينشنرن کي 70 لک رپيا اضافي جاري ڪري ڇڏيا. ان حوالي سان آڊٽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گريڊ 10 جي ملازم غلام محمد جي نالي تي 3 لک 70 هزار 479 رپيا ۽ هڪ لک 8 هزار 122 رپيا، 17هين گريڊ جي آفيسر ارجن جي نالي تي هڪ لک 46 هزار 221 ۽ هڪ لک 6 هزار 345، 20هين گريڊ جي ڊاڪٽر نواز عباسي کي 8 لک 67 هزار 445 ۽ 6 لک 56 هزار 135 رپيا، 18هين گريڊ جي آفيسر نسيم اختر گوپانگ جي نالي تي 3 لک 36 هزار 343 ۽ 2 لک 72 هزار 490 رپيا، گريڊ 2 جي فوتي ملازمه نصيبان جي نالي تي 10 لک رپيا، 15هين گريڊ جي ملازم اشرف جي نالي تي 15 لک رپيا، 17هين گريڊ جي آفيسر رضيه شاھ کي 4 لک 30 هزار رپيا ۽ 19هين گريڊ جي آفيسر محمد حسن انصاري کي 12 لک 36 هزار 698 رپيا جاري ڪيا ويا آهن.
|
ڊي ڊي او اڪائونٽس ذريعي سوا 2 ارب جون غيرقانوني ادائگيون
ڪراچي: ناڻي کاتي جي ماتحت ضلعي اڪائونٽس آفيسن حيدرآباد، دادو، نوشهروفيروز، سکر، شهيد بينظيرآباد، خيرپور، عمرڪوٽ، مٺي، شڪارپور، قمبر، سانگهڙ، مٽياري، ٺٽو، گھوٽڪي، ٽنڊوالهيار، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻو، سجاول ۽ ڪراچي ۾ ڊي ڊي او اڪائونٽس ذريعي 2 ارب 31 ڪروڙ 49 لک 23 هزار رپين جون غيرقانوني ادائگيون ڪري ڇڏيون آهن.
|
مال مفت.. 22ڪامورن تي “اعزازيه“ جي سوا 2 ڪروڙن جي نوازش
ڪراچي: “مال مفت، دل بيرحم“ سنڌ جي 18هين گريڊ جي 22 ڪامورن تي اعزازيه جي نالي ۾ خاص نوازش، سرڪاري خزاني تي 2 ڪروڙ 21 لک 80 هزارن جي چٽي وڌي وئي. آڊٽ رپورٽ موجب سنڌ جي گورنر جي هاڻوڪي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو کي سوشل ويلفيئر کاتي ۾ سيڪريٽري هجڻ وقت 2 لک 42 هزار 950 رپيا، سنڌ سرڪار جي 20هين گريڊ جي آفيسر شهمير ڀٽو کي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم ۾ مقرري دوران 5 لک 16 هزار 920 رپيا اعزازيو ادا ڪيو ويو. جڏهن ته زراعت کاتي جي ظهير بڙدي کي 2 لک 6 هزار 420، ٽرانسپورٽ کاتي جي مطيع الرحمان کي هڪ لک 33 هزار 560، گورنر سيڪريٽريٽ ۾ ڪم ڪندڙ فيصل چانڊيو کي هڪ لک 65 هزار 380 رپيا، صحت کاتي جي محمد شفيق بخاري کي 2 لک 48 هزار 70 رپيا، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي تڏهوڪي آفيسر سعيد ڪيريو کي هڪ لک 50 هزار رپيا، ٽرانسپورٽ کاتي جي ممتاز انڙ کي 8 لک 75 هزار 100 رپيا، تعليم کاتي جي غلام اصغر سهاڳ کي 3 لک 17 هزار 80 رپيا، سروسز کاتي جي اڳوڻي آفيسر ۽ ڪاليجز کاتي جي هاڻوڪي سيڪريٽري شهاب قمر انصاري کي 5 لک 68 هزار 320 رپيا ۽ 7 لک 57 هزار 760 رپين جي ڊبل ادائگي ڪئي وئي. ساڳئي کاتي جي منصور احمد کي 75 هزار 850 رپيا، مڪاني کاتي جي فياض جماڻي کي هڪ لک 14 هزار 570 رپيا، ٽرانسپورٽ کاتي جي سيد شميم حيدر کي 58 هزار 750 رپيا، صحت کاتي جي صدر علي سومرو کي هڪ لک 90 هزار 500 رپيا، مڪاني کاتي جي آفيسر مسعود علي کي ٽن مدن ۾ 10 لک، سماجي ڀلائي کاتي جي حاجي محمود کي 58 هزار 750 رپيا، تعليم کاتي جي حسنين ڪلهوڙو کي 4 لک رپيا، صحت کاتي جي ياسر علي کي 3 لک 73 هزار 20 رپيا، تعليم کاتي جي ڪاشف کوسو کي 2 لک 89 هزار 720 رپيا، تعليم کاتي جي هڪ ٻئي آفيسر غلام مصطفيٰ کي ٻن مدن ۾ سوا 6 لک رپيا، سي ايم انسپيڪشن ٽيم جي سبحان شيخ کي هڪ لک 17 هزار 500 رپيا ۽ صحت کاتي جي نعيم شريف چانڊيو کي 58 هزار 750 رپيا جاري ڪيا ويا.
|
سخاوت جي انتها: سنڌ جي غيرواسطيدار ڪامورن کي اعزازئي سان نوازيو ويو !!
ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران بجيٽ تياري جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي، ناڻي ۽ قانون واري کاتي جي بجيٽ تياري ۾ حصو وٺندڙ ملازمن کي ٽن پگھارن جيترو واڌو بونس اعزازئي جي شڪل ۾ ڏنو ويندو آهي. جڏهن ته موجوده آڊٽ رپورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي غيرواسطيدار ڪامورن کي پڻ اعزازئي جي مد ۾ سوا 2 ڪروڙ رپيا کڻندي ظاهر ڪيو ويو آهي.