ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ جون يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار ٿي ويون آهن، سنڌ مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن کي پگھار نه ملي سگھيو آهي، جنهن ڪري ملازمن ڌارڌار مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان ڏس ۾  مليل ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمن کي مقرر تاريخ تي ماهوار پگهاري جاري ناهي ٿي سگهي جنھن ڪري ملازمن جي نمائندا تنظيم سيوا جي سڏ تي يونيورسٽي جي انتظامي بلاڪ اڳيان ڌرڻو هڻي محمد علي گهانگهرو،ذوالفقار رستماڻي،نديم ميرجت ۽ جي اڳواڻي ۾ شديد نعريبازي ڪئي وئي انھي موقعي تي ملازم اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ مالي بحران پيدا ٿي ويو آهي مقرر تاريخ باوجود پگهارون پينشنون جاري ناهن ٿي سگهيون انتظاميا فوري طور تي پگهارون جاري ڪري ٻئي پاسي مھراڻ يونيورسٽي ۾ به ملازم تنظيم ميوا جي سڏ تي علي محمد شورو،شبير بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،انھي موقعي تي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جلد پگهارون جاري ڪيون وڃن،جڏهن ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن پاران به لسوا آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انھي موقعي تي سعيد احمد لاشاري،نظير نوحاڻي،مخدوم شمس ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پگهارون نه ملڻ ڪري ملازمن ۾ مايوسي آهي انتظاميا فوري طور تي رابطو ڪري، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي مھراڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس جي چارج رکندڙ ذيشان ميمڻ جو ٻڌايو هو هائر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ پاران گرانٽ جاري ناهي ٿي جنھن ڪري پگهارون جاري ناهن ٿي سگهيون سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوشش آهي اڌ پگهار جاري ڪيون پگهارون واري مسئلي کي ٻن ڏينھن اندر حل ڪيو ويندو،جڏهن ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار حاجي محمد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايندڙ هڪ ڏينھن اندر ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون ويندو،