سنڌ جون سرسبز زمينون بنجر ۽ پنجاب جا صحرا به سرسبز؟

0
54
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

چونڊيل حڪومت هجي، آمريت هجي يا وري نگران سيٽ اپ، هر دور ۾ جيڪو عمل مشترڪ نظر ايندو آهي، اهو آهي پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جون ڪوششون. سنڌ کي پاڻيءَ جو منصفاڻو حصو نٿو ڏنو وڃي. پنجاب واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري ڊيلٽا ۾ بدترين تباهي آيل آهي. اتي جي ماحوليات ۽ معيشت تباهه ٿي وئي آهي. سمنڊ سنڌ جون لکين ايڪڙ زرخيز زمينون ڳڙڪائي ويو آهي ۽ اهو عمل جاري آهي. سنڌ جي سرير ۾ صحرا سرايت ڪندو وڃي، ته ٻئي طرف پنجاب وري صحرا کي به سرسبز ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل آهي. پنجاب جي اهڙين ئي ڪوششن مان هڪ تازي ڪوشش بهاولپور ۽ بهاول نگر ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سليمانڪي هيڊورڪس کان هڪ نئين فيڊر چئنل لاءِ پاڻيءَ جي ارسا کان اين او سي حاصل ڪرڻ آهي ۽ ارسا سنڌ کي ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ ئي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکي ارسا طرفان اين او سي جاري ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير، نگران وزيراعظم کي اپيل ڪئي آهي ته چونڊيل حڪومت جي اچڻ تائين اهو فيصلو معطل ڪيو وڃي.

سنڌ جي معيشت ۽ ماحوليات لاءِ موت جي مترادف تڪراري پاڻي رٿا ڪالاباغ ڊيم ۾ ناڪامي کانپوءِ پنجاب پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ جون نيون ڪوششون ڪندو رهيو آهي. جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي آهي، تڏهن پنجاب چشما-جهلم، تونسا- پنجند لنڪ ڪئنالن جي ذريعي پاڻي کڻندو رهيو آهي، جڏهن ته اهي فلڊ ڪئنال آهن، ۽ صرف ان وقت وهائي سگهجن ٿا، جڏهن دريا ۾ چاڙهه هجي پر پنجاب انهن اصولن کي اورانگهيندو رهي ٿو. هڪ ته سنڌ کي پاڻي ان جي حصي کان گهٽ ڏنو وڃي ٿو. سنڌ جي اها ئي گهر رهندي آئي آهي ته حصي جو پاڻي گڊوءَ تائين پهچائي ڏنو وڃي پر ايئن نٿو ڪيو وڃي ۽ پاڻي رستي ۾ ئي لفٽ مشينن ذريعي چوري ٿي وڃي ٿو. بلوچستان کي کوٽ کان به آجو ڪيو ويو آهي، سموري کوٽ سنڌ کي کڻڻي پوي ٿي. انهن سمورين نا انصافين باوجود جيڪا پاڻيءَ جي لَپ ملي ٿي، ان تي به پنجاب طرفان ڌاڙي جون ڪوششون جاري آهن. هن ڀيري به غير قانوني طريقي سان چولستان جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ارسا کان اين او سي حاصل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ارسا ۾ چئن ئي صوبن جي نمائندگي آهي ۽ ان کي اهڙو ڪوبه اختيار ڪونهي جو صوبن جي رضامنديءَ کانسواءِ اهڙو فيصلو ڪري سگهي. ٻي ڳالهه اها مشاهدي ۾ آئي آهي ته نگران حڪومت کان تڪڙ ۾ هڪٻئي پٺيان تڪراري فيصلا ڪرايا پيا وڃن ۽ چونڊيل حڪومت جو به انتظار نه پيو ڪيو وڃي. اهي غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا نگران منتظمين کان ان ڪري ڪرايا پيا وڃن، جو چونڊيل حڪومت دوران اهڙن تڪراري فيصلن جي مخالفت ۽ مزاحمت جو اصل مقتدر ڌرين کي خوف آهي. هي ڪو معمولي فيصلو نه آهي، جنهن کي اهڙي نموني نظرانداز ڪري ڇڏجي. آخر اهي اهم فيصلا هن ملڪ جي استحڪام جي قيمت تي آخر ڇو پيا ڪرايا وڃن؟ پاڻيءَ جو مسئلو سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي. سنڌ هميشه پاڻيءَ واري معاملي تي پاڻ سان ٿيندڙ نا انصافيءَ تي احتجاج ڪندي رهي آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي آهي ئي ڪونه. ٻيو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه تحت پنجاب جي ڪئنال سسٽم لاءِ پاڻيءَ جو جيترو حصو مختص آهي، پنجاب ان حصي کان به وڌيڪ کڻي رهيو آهي. مٿان وري پنهنجو ريگستان آباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. آخر هيءَ جيڪا لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي کنيو ويندو، اهو پاڻي ڪنهن نه ڪنهن جي حصي مان ته هوندو.

اسان سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي وقتائتي قدم ۽ نگران وزيراعظم کي خط لکي ڪيل احتجاج کي اسان ساراهيون ٿا. ارسا هڪ آئيني ادارو آهي، ان کي آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ڪو مفتوح علائقو ڪونهي، جنهن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي. ان ڪري هوش حواس، ڏاهپ ۽ تدبر کان ڪم ورتو وڃي ۽ معاملن جي سنگينيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هي ملڪ ڪنهن ٻئي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.