سنڌ جون زميون ڳڙڪائيندڙ ڪارپوريٽ فارمنگ جو راڪاس

0
24
سنڌ جون زميون ڳڙڪائيندڙ ڪارپوريٽ فارمنگ جو راڪاس

 پاڪستان ۾ هن وقت صوبن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ تاريخي تحريڪ جنم وٺي چڪي آهي. عوامي سمنڊ جو اڀار وفاق لاءِ هڪ اڻڄاتل حقيقت بڻجي ويو آهي. هڪ طرف وفاق ۽ پنجاب، اتحاد ۽ ايڪي جا راڳ آلاپي رهيا آهن، ته ٻئي طرف هڪ طرفا ۽ طاقت جي بنياد تي فيصلا ڪري ملڪ جي وحدت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. جڏھن سندن غلط فيصلا  عوامي احتجاجن ذريعي رد ٿين ٿا ته آئين، ادارن، رضامندين  ۽ منٿن جون ڳالهيون شروع ٿي وڃن ٿيون، ۽ جڏهن اهي به ناڪام ٿين ٿيون  ته ٻيهر طاقت جو استعمال ڪن ٿا، جنهن سان نفرت جا ٻج پوکي ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچائين ٿا.

                 اسان جي سياسي تاريخ جي اها به بدقسمتي رهي آهي ته جڏهن ڪو به عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري ٿو ته ان تي ملڪ دشمن، غدار ۽ غير محب وطن جا الزام لڳايا وڃن ٿا. سنڌ جي پاڻيءَ ۽ وسيلن تي ٿيندڙ حملا اهڙي استحصالي روش جو هڪ زنده مثال آهن. وفاق جو رويو ايترو بي حس آهي جو سندن زبان مان صرف اهو ئي نڪري ٿو: “ڊاڪا تو نهين ڊالا، چوري تو نهين ڪي ھي”. پر سنڌ جي پرامن احتجاجن سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. ھن عوامي احتجاج جي زور سبب حڪومت ۾ شامل پارٽيون، خاص طور تي پيپلز پارٽي، به رڳو علامتي جلسن جلوسن تائين محدود ٿي ويون آهن. پي ٽي آءِ به سوشل ميڊيا جي جعلي اڪائونٽن جي سهاري تبديلي جا نعرا ته لڳايا، پر هاڻي حقيقي تبديلي سنڌ جي عوامي جدوجهد جي صورت ۾ نظر اچي رهي آهي. ھن سڄي ھل ھنگامي پٺيان، استحصال پٺيان اصل ۾  ارڙھين ترميم وارو معاملو آهي، جيڪو وفاق کان ڪڏھن به ھضم نه ٿيو آھي. ارڙھين ترميم کان پوءِ وفاق جون دانھون ڪوڪون ڪڏھن به ختم نه ٿيون آھن. صوبن جي وسيلن تي مڪمل قبضي جي خواهش کي  سندن سخت ڌڪ رسيو آھي.

ارڙھين ترميم کان پوءِ صوبن کي جيڪي اختيار مليا آھن، انهن کي وفاق ڪڏهن به قبول نه ڪيو. انهيءَ ڪري وڏي ھوشياريءَ سان “ايس آءِ ايف سي” جهڙو ادارو قائم ڪيو ويو، جيڪو عملي طور تي صوبن جي حقن کي بي اثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يا ارڙھين ترميم کي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو آھي.

بظاهر ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ معيشت کي بهتر بڻائڻ ڏيکاريو ويو، پر حقيقت ۾ اهو ادارو صوبائي وسيلن جي لٽ مار لاءِ ٺهرايو ويو آهي. ڪارونجهر جبل تي قبضي جي ڪوشش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه ڪينال منصوبو – سڀ ان ئي اداري جي ذهني پيداوار آهن. پر هاڻ سنڌي عوام پنهنجي تاريخي شعور سان هن استحصال خلاف بي مثال جدوجهد ڪري رهيو آهي. ايس آءِ ايف سي جا اڻٽر اثر سنڌ جي علائقن تائين محدود ناهن رهڻا. ممڪن آهي ته جلد ئي خيبرپختونخوا به پنهنجي معدني وسيلن جي تحفظ لاءِ اهڙي ئي تحريڪ شروع ڪري. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي جدوجهد جو مرڪزي مقصد رڳو فردن يا منصوبن جو نه، پر اهڙن غير آئيني ادارن جي خاتمي تائين جاري رهڻ گهرجي. جيڪڏهن برائي کي جڙ کان نه ڪٽيو ويو ته روزانو نوان مسئلا سامهون ايندا رهندا ۽ عوام هڪ ڀوائتي خواب جيان ان مان گذرندو رهندو.

ان حوالي سان سنڌ جو موقف بلڪل واضح آهي: ڇھن ڪئنالن واري معاملي تي ڪو به سودو نه ٿيندو. سنڌ جو عوام پنهنجون روايتي امن پسندي ۽ عدم تشدد واري حڪمت عملي تي قائم رهي، احتجاج ڪندڙ ڌرين کي صلاح مشورا جاري رکڻ گهرجن ۽ مان سمجھان ٿو ته ٻئي مئي تي ٿيندڙ سي سي آءِ جي اجلاس تائين ڌرڻو “ٻٻرلوءِ” تي جاري رکندي سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد تي بيٺل واپارين ۽ مسافرن کي رستو ڏيڻ گهرجي. اهڙي عمل سان سنڌ جا اعليٰ اخلاقي معيار ٻين صوبن تائين مثبت پيغام پهچائيندا ته سنڌ ڪنهن به صوبي جي عوام سان نه پر وفاق جي استحصالي پاليسين جي مخالفت ڪري رهي آهي. سي سي آءِ اجلاس کانپوءِ، جيڪڏهن صوبن جي وسيلن تي وار جاري رهيا، ته پوءِ مستقل طور تي سخت احتجاج ۽ سرحدن جي بندش سميت وڌيڪ سياسي حڪمت عمليون اختيار ڪرڻ گهرجن، جيئن جدوجهد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي ۽ صوبن جي حقن جي مڪمل تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. اڄ جي تاريخ اسان کان اها تقاضا ڪري ٿي ته اسين صرف پنهنجا حق نه گهرون، پر انهن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڙهون.