ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ ۾ حڪومت مخالف تنظيمن جي گڏيل اتحاد جي ڊي اي طرفان سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي خلاف 11 جنوري کان شروع ٿيندڙ بيداري مارچ جي حوالي سان اهم اجلاس ڄامشوري ۾ ٿي گذريو، جي ايم سيد منزل تي ايس يو پي صدر ۽ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، جماعت اسلامي جي حافظ طاهر مجيد، فنڪشنل ليگ جي زاهده ابڙو، پروفيسر ممتاز بانو، قومي عوامي تحريڪ جي شوڪت علي سريوال، عوامي جمهوري پارٽي جي خادم ٽالپر، پي ٽي آئي جي فيصل مغل، سنڌ يونائيٽيڊ آبادگار جو رسول لغاري، خضر حيات مڱريو، ارباب انور، لياقت علي، عنايت علي، حافظ بخشل سيهڙو، روشن ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، فقير غلام نبي سوڌو مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاھ ڳالهائيندي چيو ته اسان سياسي جماعتون آهيون پر امن جدوجهد تي يقين رکون ٿا، اسان هٿيار نه کڻنداسين، ملڪ جي صدر آصف زرداري گرين انيشيٽو پاڪستان جي نالي سان جيڪو غير قانوني ۽ غير آئيني منصوبو جوڙيو آهي، ان سان عوام متاثر ٿيندو، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻيا صوبائي وزير رڳو ڪوڙ هڻندا ٿا وتن، 1991ع واري پاڻي ٺاھ جي ابتڙ فيصلا ڪيا پيا وڃن، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي وڏو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن اوهان آئين جي ابتڙ ڪم ڪندا ته پوءِ فيڊريشن ڪيئن بچي سگهندي، هن وقت جيڪي به فيصلا ڪيا پيا وڃن انهن جو سڌو فائدو ملڪ جي عوام بجاءِ وفاقي حڪومت جي نوازيل ڪمپنين کي ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو بيداري مارچ، ڊويزنن، ضلعن ۽ شهرن تائين منتقل ڪيو ويندو ۽ هي تحريڪ جاري رهندي ۽ دنيا کي ٻڌائيندا سين ته هي ملٽري بيوروڪريسي، ڪجهه حڪمران ڪارندا، پرڏيهي ۽ ڏيهي مفاد پرست عوام جي خلاف ۽ پنهنجي مفادن لاءِ غلط منصوبا جوڙي رهيا آهن جنهن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿيندي ۽ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيندا جيڪو فيصلو اسان کي قبول نه آهي. جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم يا ڪئنال ٺهڻ سان ٻهراڙين سان گڏ سنڌ جي شهري آبادين تي به وڏو اثر پوندو، ان لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرين ۾ سڄاڳي پيدا ڪري انهن کي پنهنجي احتجاج ۾ شريڪ ڪرايو ويندو. هن چيو ته پ پ سدائين وفاق ۾ ۽ سنڌ ۾ الڳ الڳ موقف اختيار ڪيو آهي، ان ڪري عوام پ پ جي قيادت ۽ ان جي پاليسين ۽ چالبازين کان واقف ٿي چڪو آهي. اجلاس ۾ شريڪ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي ڪڍي پئي وڃي ۽ پيئڻ ۽ جيئن جو وسيلو پاڻي ڦريو پيو وڃي، ان خلاف 11 جنوري کان ميرپور خاص ۽ 12 جنوري کان عمرڪوٽ تائين بيداري مارچ ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته پر امن احتجاج ۽ بيداري مارچ ۾ شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏين.