سنڌ جون ريتون۽ رسمون. شاعري ۽ فلسفي جي نظر ۾

0
48
سنڌ-جون-ريتون۽-رسمون-شاعري-۽-فلسفي-جي-ن

  مون کي يادآهي ته امان مون کي اڪثر چوندي هئي ته درياشاھه تي وٺي هل ته اکا چاڙهي، پلوءِ پائي اچان.سنڌ جي لاڙ ۾ سمنڊ کي درياءَ به چوندا آهن.منهنجي امان سنڌ جي سوکي بندر جي هئي جتان ڪنهن زماني ۾ وڻجارا واپار سانگي ڏيساور ويندا هئا ۽ انهن جو ونيون پنهنجي پيارن جي سلامتي سان گهر موٽڻ لاءِ درياءَ تي اکا چاڙهنديون هيون ۽ پلوءِ پائينديون هيون. انهن رسمن کي شاھه سائين پنهنجي شاعري ۾ تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي؛

اڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،

آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي،

شاھه عبدالطيف ڀٽائي، سر سامونڊي

“وچين جان ويهي، جر پلوءِ پايان”

شاهھ عبدالطيف ڀٽائي، سر سريراڳ

                 سنڌ ۾ درياءَ تي اکا چاڙهڻ ۽ پلوءِ پائڻ جي ريت تمام پراڻي آهي، جنهن ۾ سنڌي هندو پنهنجي وس آهر درياءَ شاهھ کي ڪجهھ نه ڪجهھ ارپڻ ڪندا هئا. سکيا ماڻهو درياءَ ۾ کٿوري وجهندا هئا ته غريب ماڻهو وري چوکا. اسان جيڪي ريتون ۽ رسمون پنهنجي وڏن کي ڪندا ڏسندا ايندا آهيون سي اسان لاءِ مقدس هونديون آهن پوءِ ڀلي انهن جو مقصد ۽ مطلب اسان سمجهون به يا نه. اڄ جي سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ پراڻي وڻج واپار جا طور طريقا ختم ٿي چڪا آهن پر انهن سان جڙيل ريتون، رسمون ۽ رواج باقي رهجي ويا آهن، جن کي اسان دل سان سانڍي رکيو آهي. هڪ هڪ ڪري وڻجارا لڏي هليا ويا. وڻجارن جو وايون خاموش ٿي ويون ۽ بندر برباد. تڙن تان هوڙا غائب ٿي ويا آهن ۽ هاڻي فقط سڃ وسي رهي آهي. پر ريتون باقي رهجي ويون آهن جيڪي ماڻهن جي پراڻي جياپي جي طور طريقن جا اهڃاڻ ڏين ٿيون،حال کي ماضي سان جوڙين ٿيون. اهي ماضي جا رڪارڊ آهن جن کي سمجهي اسان پنهنجي وڏن جي ذهنيت، طرز زندگي، دکن ۽ دردن جو اندازو لڳائي سگهون ٿا.

ريتون، رسمون يا رواج بي مقصد هرگز نه آهن. اهي پنهنجي ماحول ۽ حالتن جو ردِعمل هونديون آهن.ريتن۽ رسمن ۾ چوکن (چانورن) جو استعمال خاص اهميت رکي ٿو. اکن ڏيڻ جي رسم ۾ اهي درياءَ کي ارپڻ ڪيا ويندا آهن. ان کان علاوه شادي جي رسمن ۾ پڻ اهي مختلف اندازن سان پيش ڪيا ويندا آهن. يورپي عيسائي نئين ڪنوار تي چانور اڇليندا آهن. سنڌي هندو نئين ڪنوار کي گهر۾ استقبال ڪرڻ لاءِ چانئٺ تي چوکا رکندا آهن. هوءَ چوکن کي پنهجي پيرن سان هِلائي گهر ۾ داخل ٿيندي آهي. يورپي عيسائين ۽ سنڌين جو پنهنجي رسمن ۾ چوکن جو استعمال خاص معنيٰ رکي ٿو جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي.

هر سماج پنهنجي ماحول،قدرت، فطرت ۽ پيداواري طريقن مطابق ريتن ۽ رسمن کي تخليق ڪندو آهي جيڪي انهن جي نفسيات کي جنم ڏينديون آهن. جيڪي سماج درياءَ ڪناري وڻج واپار ڪندا آهن ۽ زرعي پيداواري نظام ۾ رهندا آهن تن جي ريتن، رسمن ۽ رواجن ۾ وڻج ۽ زراعت سان لاڳاپيل وڇوڙي جو درد،انتظار جو ڪرب، ملڻ جون مبارڪون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هونديون آهن.

ڪڙمي ۽ هاري زمين کيڙي ان ۾ ٻج سان گڏ پنهنجو رت ۽ پگهر پوکيندو آهي. هو ٻج ڦٽڻ تي فصل جي سنڀال پنهنجي اولاد جيئن ڪندو آهي ڇو جو هن جو جياپو ان تي هوندو آهي.هن جو سارين سان روح جو رشتو هوندو آهي.جڏهن سارين جا سنگ هوا ۾ لڏڻ ۽ ڪڏڻ لڳندا آهن ته هن جو من به انهن سان گڏ نچڻ لڳندو آهي. سج جي گھٽ وڌ تپش، ٻوڏ ۽ ڏڪار ڪڙمي جي جياپي کي متاثر ڪري ٿي. ڪراچي، نيويارڪ يا ٻين شهرن ۾ ماڻهو ڪنهن سپر اسٽور تان جڏهن چانور وٺندو آهي ته هن لاءِ اها فقط هڪ جنس (ڪموڊٽي) آهي

جنهن سان هن جو ڪوبه روحاني رشتو نه هوندو آهي پر ڪڙمي لاءِ اهو هن جي وجود جو مسئلو هوندو آهي. سج، چنڊ،تارن جي گردش، موسمن جو اچڻ ۽ ختم ٿيڻ جو سرشتو ڪڙمي کان وڌيڪ ڪير سمجهي سگهي ٿو. شهري ماڻهو ڀلي ان سرشتي کي سمجهي يا نه پر هو ان کان الڳ هر گز نه آهي. هن جي زندگي ان سرشتي جي محتاج آهي. ماڻهو جو وجود به موسمن جيان آهي. ٻار ڄمي، ٿو، بانبڙا پائي ٿو، ڊوڙي ٿو، جوان ٿئي ٿو، شادي ڪري ٿو ۽ ٻارَ ڄڻي ٿو ۽ پنهنجي وقت اچڻ تي ڪنهن سڪل گل جيان ڇڻي پوي ٿو، جنهن کي اسان موت چئون ٿا. موت کان سواءِ زندگي نه آهي. ڪڙمي ان ڳالهھ کي خوب سمجهي ٿو. نئين ڪنوار تي چانور ڇڙڪڻ جي رسم جو مقصد هڪ پيغام آهي ته سرشتي کي هلائڻ لاءِ هن جو گهر ۾ اچڻ ڪيترو اهم آهي. انڊين فلسفي ۽ تصوف ۾ ان سرشتي کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

“الموت جسر يوصل الحبيب ليٰ لقاءِ الحبيب”

“موت هڪ پل آهي، جنهن تان هڪ دوست لنگهي وڃي ٻئي دوست کي ملي ٿو.”

محمد صادق نقشبندي

جانورن کي موت جو شعور نه آهي ۽ نه وري ماضي جي غلطين جو احساس. جڏهن کان ماڻهو کي موت جو شعور آيو آهي تڏهن کان هن کي اهو خيال مسلسل ستائي رهيو آهي ته هو زندگي کي ڪيئن گزاري؟روسي ليکڪ ليو ٽالسٽائي انهي سوال کي خوبصورت انداز ۾ پڇي ٿو “جئين ته ماڻهو کي موت آهي ته پوءِ زندگي جو مقصد ڇا آهي” جيڪڏهن اسان فاني نه هجون ها ته پوءِ ٽالسٽائي اهو سوال هرگز نه ڪري ها. ان سوال جو اسان جي ريتن، رسمن ۽ رواجن تي وڏو اثر آهي. ريتون، رسمون ۽ رواج مصور جي مجسمي جيان آهن جن ۾ تصور ۽ خيال پوشيده هوندا آهن ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ فنڪار جهڙو تخيل کپي. شادي ۽ پنهنجي نسل کي وڌائڻ جي خواهش، اسان جي ريتن ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿي. ٻار ڄمڻ جي خوشي جون ريتون ڪنهن لحاظ کان موت جي غم جو نفسياتي رد عمل ٿي سگهي ٿيون.

مونکي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري

شاھه عبدالطيف ڀٽائي

پراڻي سنڌ ۾ چيئن جي رسم ڪئي ويندي هئي. اها انتهائي تڪليف ده ۽ خطرناڪ رسم هوندي هئي. ان رسم ۾ کڏ کوٽي ماڻهو کي ليٽايو ويندو هو، هن مٿان اڪ جا زهريلا پتا رکي، هيٺان هلڪي هلڪي باھه ٻاري سڄي رات ڇڏيو ويندو هو. ان رسم ۾ ماڻهو جي بچڻ جوامڪان گهٽ هوندو هو. شاهھ سائين چيئن کي ان وڻجاري جي وني جي انتظار جي ڪيفيت سان ڀيٽيو آهي جنهن جو پيارو وڻج کڻي ڏيساور ويو آهي ۽ خبر نه آهي ته موٽي به ايندو يا درياءَ جي ڇولين ۾ سهڻي جيان گم ٿي ويندو.اها رسم ڇو ڪئي ويندي هئي

ان لاءِ يقين سان چوڻ مشڪل آهي ۽ اهو ممڪن آهي ته ان جا هڪ کان وڌيڪ سبب  هجن. ڪنهن لاعلاج مرض مان ڇٽڪارو يا وري ڪنهن جن ڀوت مان جان ڇڏائڻ وغيره وغيره. فرينچ اينٿروپولاجسٽ جوزف گوئٽز ڪتاب “اوائلي ۽ تاريخ کان پهرين جا مذهب” ۾ ان جهڙي رسم جو ذڪري ڪيو آهي جيڪا آفريڪا جي قديم سماجن ۾ ڪئي ويندي هئي.جوزف جو خيال آهي ته اها نئين زندگي جي حصول جي ڪاوش هئي.

ريتن ۽ رسمن ۾ زندگي جو ڪو نه ڪو پهلو نمايان ٿيندو آهي. فتح ۽ ڪاميابي جو جشن انهن ۾ نمايان آهي. ڏياري ان جو هڪ مثال آهي جنهن ۾ رام جي راوڻ تي فتح کي ملهايو ويندو آهي. ماڻهو جي سماجي ۽ ثقافتي ارتقا ۾ ريتن، رسمن ۽ رواجن جو وڏو ڪردار آهي.اسان ريتن، رسمن ۽ رواجن کي پرکي انهن جي زندگي ۽ جياپي جي ڍانچي کي سمجهي سگهون ٿا.

هر سماج پنهنجي شعور ۽ ضرورتن موجب ماڻهن کي ڊيوٽي يا ڪردار مهيا ڪندو آهي جيڪو انهن کي پنهنجي تخليق ڪرڻ سان گڏسماج ۾ ضم ٿيڻ ۾ مدد ڪندو آهي.جيڪڏهن ڪو فرد پنهنجي ڊيوٽي ۽ ڪردار کي ادا نه ڪندوته هو سماج ۾ هلي نه سگهندو.ريتن ۽ رسمن ۾ ماڻهو پنهنجي وجود ۽ هئڻ جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ نوان سماجي رشتا پڻ جوڙي ٿو.

سب ريتون ۽ رسمون سٺيون به نه آهن. مثال طور ستي جي رسم جنهن ۾ مڙس جي مرڻ وقت هن جي زال کي گڏ ساڙيو ويندو هو. اها رسم سنڌ ۽ هند ۾ مصر مان آئي هئي. فرينڄ ليکڪ والٽئير پنهنجي ناول ڪينڊيڊ ۾ ان رسم تي شاندار نموني سان تنقيد ڪئي آهي. ريتن ۽ رسمن جو تجزيو ڪري اسين پراڻي ۽ فرسوده تاريخ تي تنقيد ڪري سگهون ٿا.