ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت 20هين گريڊ جي 42 ڊاڪٽرن کي باءِ پاس ڪندي 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ کي ٻيهر 20هين گريڊ واري پوسٽ تي ڊي جي صحت طور مقرر ڪري ڇڏيو، نظرانداز ٿيل ڊاڪٽرن پاران سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف ٻيهر عدالت وڃڻ جو اعلان، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي صحت کاتي ۾ 20هين گريڊ جا 2 وڏا عهدا 19هين گريڊ جي ڊاڪٽرن حوالي ڪري ڇڏيا، صحت کاتي جي سفارشن بعد چيف سيڪريٽري پاران 19هين گريڊ جي اي پي آءِ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ کي بدلي ڪري 20هين گريڊ جي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ کي وري اي پي آءِ جي 20 گريڊ جي پوسٽ تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي جي صحت ڊاڪٽر جمن باهوٽو جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد صحت کاتي جي اختيارين صوبي مان 19هين ۽ 20هين گريڊ جي ڊاڪٽرن جا ڊي جي صحت طور مقرري لاءِ انٽريو ورتا هئا، جنهن بعد صوبي ۾ موجود 20هين گريڊ جي 42 ڊاڪٽرن کي نظرانداز ڪندي 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ کي ڊي جي سنڌ مقرر ڪيو ويو ، واضح رهي ته سال 2020ع ۾ پڻ ارشاد ميمڻ کي ڊي جي واري 20هين گريڊ جي پوسٽ تان عدالتي حڪمن تحت هٽايو ويو هو، ذريعن موجب 20هين گريڊ جا 3 ڊپٽي ڊي جي ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ ڊاڪٽر عارف 19هين گريڊ جي ڊي جي ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جي ماتحت ڪم ڪندا. هوڏانهن صحت کاتي جي 20هين گريڊ جي متاثر ٿيل ڊاڪٽرن نئين ڊي جي جي مقرري کي ٻيهر چيلنج ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن،