ڪراچي: اليڪشن ڪميشن پاران پابندي هٽائڻ بعد روينيو کاتي جي اختيارين هڪ ئي ڌڪ ۾ 38 سب رجسٽرارن کي تبديل ڪري ڇڏيو، ان  حوالي سان روينيو کاتي جي اختيارين پاران اليڪشن ڪميشن جي منظوري بعد ميرپورماٿيلو، ميرپورساڪرو، حيدرآباد، ميهڙ، ڄامشورو، دوڙ سميت ڪراچي جي مختلف تعلقن ۽ ٽائونن جي سب رجسٽرارن کي تبديل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب ته ساماري جي سب رجسٽرار فهيم اختر کي بدلي ڪري بن قاسم ڪراچي، ميرپورخاص مان ذوالفقار لاکو کي بدلي ڪري صدر ٽائون 2 ڪراچي، آفتاب ڪولاچي کي ڊگھڙي مان بدلي ڪري ڪلفٽن ون ڪراچي، مشتاق عمراڻي کي ڪوٽ غلام محمد مان بدلي ڪري ڪلفٽن 2 ڪراچي، نعيم ڦلپوٽو کي ٺري ميرواھ مان بدلي ڪري ملير ٽائون، سانگھڙ جي سب رجسٽرار بدرالدين ميتلو کي بدلي ڪري  شاھ فيصل ٽائون ڪراچي، اوٻاوڙي جي اعجاز ڪولاچي کي بدلي ڪري گلشن اقبال ٽائون ون، ميرپورماٿيلو جي سب رجسٽرار نياز پتافي کي بدلي ڪري گلشن اقبال ٽائون ٽو، پني عاقل جي محمد اڪبر  کي بدلي ڪري گلشن اقبال 3 ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل صفدر قريشي کي بلديه ٽائون ۾ مقرر ڪري اتان شاهد عبدالستار کي ميهڙ بدلي ڪيو ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل شاڪر وگھيو کي جمشيد ٽائون ون ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان اسماعيل راهپوٽو کان اضافي چارج واپس ورتي وئي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل غلام مرتضيٰ پاٽولي کي جمشيد ٽائون 2 ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ساڳئي ريت پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل علي احمد جوڻيجو کي لياقت آباد ٽائون، شڪيل ملاح کي محراب پور مان بدلي ڪري نارٿ ناظم آباد، نظير عمراڻي کي سائيٽ ٽائون، ميهڙ مان عبدالحفيظ لاشاري کي بدلي ڪري لانڍي ٽائون، جوهي مان نظير برهماڻي کي بدلي ڪري ڪورنگي ٽائون، دادو مان علي شير کوسو کي بدلي ڪري نيو ڪراچي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل مهيش ڪمار کي هالا ۾ سب رجسٽرار مقرر ڪيو ويو ، غلام مرتضيٰ پتافي کي هالا مان بدلي ڪري لياري ٽائون، گمبٽ مان عبدالنبي لاشاري کي بدلي ڪري  گلبرگ ٽائون، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل فاروق اعظم کي اورنگي ٽائون، نديم بلوچ کي گڏاپ ٽائون ون، باقراڻي مان اقبال حسين کي بدلي ڪري گڏاپ ٽائون ٽو، مٽياري مان گل حسن لنڊ کي بدلي ڪري ڪياماڙي ٽائون، گھوٽڪي مان ضمير الدين سومرو کي بدلي ڪري هيڊرڪوارٽر حيدرآباد، ٽنڊومحمد خان مان منير شاهه کي سٽي 2 حيدرآباد ۾ سب رجسٽرار مقرر ڪيو ويو آهي. ٽنڊوالهيار مان صديق ميمڻ کي بدلي ڪري لطيف آباد حيدرآباد، منظور عباسي کي دوڙ، اياز قريشي کي ڄامشورو، رميش ڪمار کي قاسم آباد، پرويز راڄپر کي ٺٽو، رانا واحد کي سنجھورو، نعيم ميمڻ کي ميرپورساڪرو ۽ نور محمد جيسر کي ٺل ۾ خالي پيل سب رجسٽرار وارن عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي.

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 170 مختيارڪار تبديل، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب محرابپور جي مختيارڪار فهد خليل الله کي سب ڊويزن گلشن اقبال ۾ مختيار ڪار مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل نواز ٽالپر کي سب ڊويزن آرام باغ، سهيل ميمڻ کي سب ڊويزن گلزار هجري، عمران عباسي کي سب ڊويزن فيروز آباد،  شاهد دايو کي سب ڊويزن سول لائينز، سيف الله کي سب ڊويزن صدر.  مسرت شاهين کي گارڊن، علي شير سميجو کي نيو ڪراچي، وقار جروار کي لياقت آباد،  عرفان لاشاري کي لانڍي، وزير اوڏ کي ڪورنگي، لياقت راجپوت کي تلهار ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو، اسلم شر کي مختيارڪار ڳوٺ آباد گهوٽڪي جي خالي عهدي تي مقرر ٿي ويو آهي، جليل بروهي کي واسا حيدرآباد ۾ رڪوري مختيارڪار مقرر ڪيو ويو، مجموعي طور تي 170 مختيارڪارن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.