ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير احسن اقبال جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاھه سان ملاقات، ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير ۽ پلاننگ ڪميشن ۾ منظوري/ اختيار نه ملڻ سبب التوا هيٺ 20 منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوسٽل هاءِ وي کي اقتصادي راهداري بڻايو ويندو وفاقي وزير احسن اقبال ٻڌايو ته 25 سال اڳ اڏيل مڪران ڪوسٽل هاءِ وي اقتصادي راهداري  بڻجي ناهي سگهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روڊ سيڪٽر جي منصوبن کي نه رڳو پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ذريعو بڻائڻ گهرجي پر انهن کي اقتصادي زونن ۾ به تبديل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي  نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان ڳنڍيل هجڻ ڪري ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين حصن تائين سامان پهچائڻ لاءِ رسائي فراهم ڪندو، پلاننگ واري وزير ناصر شاهه چيو ته سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي ڪل ڊيگھه 279 ڪلوميٽر آهي، اهو  N5گهاري کان علي بندر (بدين) تائين پکڙيل آهي، سنڌ حڪومت 2007ع ۾ سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) تحت اها رٿا شروع ڪئي، مالي مشڪلاتن سبب منصوبي کي مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، سنڌ جي وڏي وزير احسن اقبال سان گذريل ٻن سالن کان نظرثاني لاءِ التوا هيٺ منصوبن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهن. انهن منصوبن ۾ حيدرآباد پيڪيج جي حصي طور اوڀر جي تعمير ۽ ڏکڻ ۾ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جي توسيع، حيدرآباد شهر کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ فلٽر پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ نيٽ ورڪ جي توسيع شامل آهي. وفاقي وزير وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته رٿا جي منظوري جلد ٿيندي، وڏي وزير چيو ته  سائيٽ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي ۾ روڊن جي بحالي ۽ تعمير 13 آگسٽ 2024ع کان منظوري جي انتظار ۾ آهي. جنهن تي وفاقي وزير احسن اقبال ٻڌايو ته هو سائيٽ انڊسٽريل ايريا جو دورو ڪرڻ بعد انهي رٿا کي پلاننگ ڪميشن کان ڪليئر ڪرائيندو. وڏي وزير چيو ته ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج هن وقت PC-I جي منظوري حاصل ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهي. پلاننگ ڪميشن تفصيلي ڪاٿو نه ملڻ تي پي سي ون واپس ڪري ڇڏي. حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج (اصلاح ۽ بحالي) پڻ PC-I جي منظوري لاءِ نظرثاني هيٺ آهي پلاننگ ڪميشن تفصيلي ڪاٿي لاءِ PC-I واپس ڪري ڇڏي. 2022ع ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثر سنڌ ۾ موجوده اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ وزيراعظم پروگرام (1800 يونٽس) کي هر لحاظ کان ڪليئر ڪيو ويو آهي  سمورن اسڪولن جا ٽينڊر هن وقت جاچ جي مرحلي ۾ آهن ٻي ٽماهي لاءِ تجويز ڪيل 2000 ملين رپيا ڪافي ناهن. جنهن تي وفاقي وزير چيو ته ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا ويندا. هوڏانهن وفاقي وزير احسن اقبال ڪيٽي بندر وٽ ڪوسٽل هاءِ وي جو معائنو ڪيو.