سنڌ جا وڪيل، “سنڌ جا وڪيل” بڻجي تڪراري نون ڪينالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيستائين تڪراري ڪينالن وارو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي، ڌرڻو جاري رهندو. ڪينال مخالف احتجاج ڪندڙ سنڌ جي سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ وڪيلن واري ڌرڻي ۾ پهچي ويا آهن. سڀ ڌريون پرعزم آهن ته ڪينال رد ٿيڻ واري فيصلي تائين احتجاج ختم نه ڪبو. ڌرڻي سبب هزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن. حيرت اها آهي ته، پنجاب ۽ وفاق جي ناعاقبت انديش انتظاميا معاملي جي سنگيني محسوس ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ انهن سنڌ تي وار ڪري هڪ نئون محاذ کوليو آهي، جيڪو ان قوم خلاف کوليو ويو آهي، جنهن جي جدوجهد ملڪ جي ٻين صوبن جي هلچل کان بنهه مختلف، جمهوري ۽ پرامن آهي. سنڌ جي ان پرامن احتجاج تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ سنڌ تي وڏاندري ويڙهه مڙهي ويئي ته، اهو هن ملڪ لاءِ هڪ ٻيو الميو هوندو.
وڪيلن سان گڏ سڄي سنڌ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي گڏ ٿي آهي. اهي پنهنجي جيئاپي جو آئيني، انساني حق (پاڻي) گهرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن. پاڻي زندگي آهي، پاڻي جيئاپو آهي ۽ پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ زندگيءَ کان محروم ڪرڻ جي مترادف آهي. هيستائين نون ڪينالن خلاف سنڌ ۾ جيڪو تاريخي احتجاج ٿيو آهي، ان جا مثال ماضيءَ ۾ نٿا ملن. ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ سنڌ جون سڀ ڌريون ائين گڏ نه هيون، جيئن هن ڀيري آهن. اهو احتجاج هڪ واضح ريفرنڊم آهي ۽ هميشه وانگر معاملن کي بندوق جي نال مان ڏسڻ جون هيراڪ مقتدر ڌريون معاملي جي سنگيني محسوس ڪرڻ ۽ هٺ ۽ هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار نه آهن. اهڙي ئي هٺ ۽ هوڏ جي ڪري ملڪ کي نقصان ٿيندو رهيو آهي. حيرت هيءَ آهي ته هتي ‘جمهوريت’ جي دعوا ته ڪئي وڃي ٿي ۽ عمل وري ان جي ابتڙ نظر اچي ٿو. پنجاب وٽ سنڌو دريا جي پاڻيءَ تي ڏيڍ صديءَ جي ڌاڙيواليءَ جو تجربو آهي، ان مان اها اميد ڪجي ته اهو آسانيءَ سان اها ڌاڙيوالي ختم ڪندو، اهو به تڏهن، جڏهن ان سان گڏ وفاقي حڪومت ۽ ارسا به بيٺل هجي، اهو ڏکيو نظر اچي ٿو. ان ڪري جڏهن سنڌ جي عوام اهو ڏٺو ته روايتي احتجاج کي ليکي ۾ نٿو آندو وڃي ته معاملو ڌرڻي تائين پهتو آهي. سنڌ ڪو غيرقانوني عمل نه پر احتجاج جو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪري رهي آهي، پر هر گهڙيءَ آئين ۽ قانون جي پاسداريءَ جا ڀاشن ڏيندڙ وفاقي حڪمران پاڻ ئي سنڌ کي ان جي پاڻيءَ جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪندي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. حد ته اها آهي، جو سنڌ جي عوام جي احتجاج وارن ڏينهن ۾ به ارهه زورائي ڪندي پنجاب پهرين تونسه- پنجند لنڪ ڪينال کولي پاڻي کنيو ويو ۽ وري ٻئي لنڪ ڪينال چشما- جهلم کي کولي پاڻي کنيو پيو وڃي. ٻنهي ڪينالن مان پاڻيءَ جو ڌاڙو جاري آهي. جيئن ته اهي ٻئي فلڊ ڪينال آهن، صرف ان ئي وقت وهائڻا آهن، جڏهن ٻوڏ واري صورتحال هجي ۽ درياءَ ۾ چاڙهه هجي. پنجاب ڪنهن به واعدي ۽ معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، ويتر سنڌوءَ تي نوان ڪينال اڏي سنڌوءَ جو رخ موڙڻ ۽ سنڌ کي بُٺ ۽ بيابان بنائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. آخر سنڌ اها ناانصافي ڪيئن برداشت ڪندي!
سنڌ ۽ سنڌي عوام جي جيئاپي خاطر احتجاج جو آئيني حق استعمال ڪندڙ وڪيلن جي جدوجهد ۾ سياسي ڌريون به ٻٻرلوءِ باءِ پاس جي ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويون آهن ۽ بيمثال ٻڌيءَ جو مثال قائم ڪيل آهي. جڌهن معاملو سنڌ جي عوام، سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌوءَ جو هجي ته اهڙي صورتحال ۾ اسان به اڻڌريا نٿا رهي سگهون. اسان به ان طرف آهيون، جنهن طرف سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌوءَ جا مفاد آهن. هي عوام جو اهڙو سونامي آهي، جيڪو هر جبر ۽ ستم جي ڀرجهلن کي لوڙهي ڇڏيندو. ان ڪري وفاق کي ملڪي مفاد خاطر بنان دير نون ڪينالن جي منصوبن کي رد ڪرڻ جو واضح اعلان ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ گهرجي.