سنڌ جا هنرمند … مير الطاف حسين ٽالپر

0
47
سنڌ جا هنرمند ... مير الطاف حسين ٽالپر

  اسان وٽ اهو مشهور ڪرايو ويو آهي ته سنڌ بنيادي طور تي زرعي علائقو آهي. اها ڳالھه انگريزن جي دور کان پوءِ واري سنڌ تي ته لاڳو ڪري سگهجي ٿي پر انگريزن جي قبضي کان اڳ سنڌ جي معيشت هنر، صنعت ۽ واپار تي دارومدار رکندڙ هئي.. اهو سلسلو 5 هزار سالن کان هلندڙ هو. زراعت سنڌ جي معيشت جي شھه رڳ ڪونه هئي، ها البته سنڌ هميشگ کان زرعي جنسن ۾ نه رڳو خود ڪفيل رهندي آئي آهي پر پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ اناج پيدا ڪري پنهنجي اوسي پاسي وارين قومن جون ضرورتون به پوريون ڪندي رهي آهي. ان جي باوجود سنڌ جي معاشي سگھه هزارين سالن کان وٺي هنر، صنعت ۽ واپار ئي رهيا هئا. سنڌ جي هنرمندن جون صلاحيتون پرکڻ لاءِ اسانجي نوجوانن کي قديم آثارن مان مليل سامان ضرور ڏسڻ گهرجن جيڪي سنڌ جي مختلف عجائب گهرن ۾ نمائش لاءِ موجود آهن، خاص طور تي مُهين جي دڙي واري ميوزم ۾ 5 هزار سال پراڻا اوزار ۽ سامان ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندو ته اهي ايتري نفاست سان ان زماني جي ڪاريگرن ڪيئن ٺاهيا هوندا؟

هتي 250 سال پراڻين توپن جون تصويرون ڏسي سگهو ٿا جيڪي سنڌ جي ڪاريگرن جون تيار ڪيل آهن. اهي توبون خيرپور ميرس جي فيض محل ۾ رکيل آهن. ايترو عرصو گذرڻ جي باوجود به اهي بلڪل اصل حالت ۾ آهن. انهن ۾ جيڪو ڌاتو استعمال ڪيل آهي اهو بغير ڪنهن رنگ يا پالش جي چمڪندو نطر ايندو. ڪٿي به ڪٽ يا زنگ جو نالو نشان ڪونه ملندو. اهي توپون اتر سنڌ جي پهرين ٽالپر حڪمران مير سهراب خان مقامي هنرمندن کان تيار ڪرايون هيون. اتي ئي هنن توپن جي ٻئي پاسي (فيض محل جي فرنٽ واري تصوير ۾ مان انهن جي نشاندهي ڳاڙهي دائري سان ڪئي آهي) انگريزن جون ٺهيل توپون به رکيل آهن جيڪي مير سهراب خان کان گهڻو پوءِ خيرپور جي حڪمرانن انگريزن کان خريد ڪيون هيون. انگريزن جي ٺهيل توپن کي زنگ ڳاري ڇڏيو آهي ڇو ته انهن جي تياري ۾ ناقص ڌاتو استعمال ٿيل آهي. انهن کي زنگ کان بچائڻ لاءِ هر سال ڇھه ماهي رنگ ڪرايو ويندو آهي پر ان جي باوجود اهي ڳرنديون ٿيون وڃن.

آرچر لينگلي 1855 کان 1860 تائين خيرپور ميرس ۾ رهيو، ان ٻن جلدن ۾ هزهائينيس مير علي مراد خان ٽالپر اول جي خيرپور ميرس رياست بابت ڪتاب لکيو آهي. ان ۾ خيرپور جي هنرمندن جي ڪاريگري بابت به لکيو آهي. ان زماني ۾ بندوقون الڳ قسم جون هونديون هيون جن جي نالي ۾ پهريون بارود ڀري پوءِ گوليون ڀري فائر ڪيو ويندو هو. انهن بندوقن ۾ سڀ کان اهم پرزو هوندو هو فائرنگ پن جنهن جي ڌڪ لڳڻ سان نالي ۾ موجود بارود ڦاٽندو هو. هن لکيو آهي ته خيرپور ۾ اهي فائرنگ پن اهڙي ته اعليٰ معيار جون ٺهن ٿيون جو هندستان ته ڇا پر انگلنڊ ۾ به ان معيار جون ڪونه ٿيون ٺهن.

انگريز واپاري قوم هئي. انهن وٽان صنعتي انقلاب جي شروعات ٿي. انهن جو مقابلو پنهنجي ئي پاڙيسري ٻين يورپي قومن سان هو. برصغير انهن لاءِ هڪ وڏو “ڪنزيومر مارڪيٽ” هو. انڪري انهن مقامي هنرمندن کي تباھه ڪيو. مقامي صنعتن کي ختم ڪيو، ديسي ۽ ولايتي جي پروپيگنڊا ڪري مقامي پيداوار کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو ته جيئن هتان جا ماڻهو صرف انگريزن جون ٺهيل شيون خريد ڪن. هتان جي ماڻهن کي هنر، صنعت ۽ واپار کان الڳ ڪري زراعت تي لڳايو ته جيئن هتان گھڻي کان گھڻو خام مال سستي اگهه تي خريد ڪري يورپ اماڻي سگهن.

هاڻي ته انهن انگريزن جا وفادار غلام ۽ دلال پنجاپي سنڌين کي زراعت کان به بيدخل ڪري کين خانه بدوشي ۾ ڌڪي رهيا آهن. زوريءَ پنجاب جون ٺهيل ٿرڊ ڪلاس دونمبري شيون سنڌين جي ڪنڌ ۾ ھڻي رهيا آهن…. (فيس بوڪ تان ورتل)