سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا 6 کان 9 فيبروري تائين بند رکڻ جو فيصلو

0
71

پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به 6 کان 9 فيبروري تائين سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 سنڌ جي تعليم کاتي موجب ملڪ ۾ عام چونڊن سبب سمورا پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون 6 کان 9 فيبروري تائين بند رهنديون

سنڌ ۾ تعليمي ادارن جا ٻار 9 موڪلن جو مزو وٺندا، آچر ۽ ڇنڇر ان کان اڳ، اهڙي طرح 9 فيبروري کان پوءِ 10 ۽ 11 تي ڇنڇر ۽ آچر جون موڪلون هونديون، 5 فيبروري تي سنڌ ۾ ڪشمير ڊي جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي

وڏي وزير مقبول باقر سنڌ جي سرڪاري نجي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي.

گذريل ڏينهن پنجاب ڪابينا عام چونڊن جي سلسلي ۾ 6 کان 9 فيبروري تائين سمورا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو هو

واضح رهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، جنهن لاءِ تياريون جاري آهن

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ڪميشن جو چونڊون 8 فيبروري تي ئي ڪرائڻ جو اعلان

بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ڪوبه امڪان ناهي: چيف اليڪشن ڪمشنر