سنڌ جا تاريخي ٻيلا تباھ ٿيڻ کان بچايا وڃن

0
31

 دنيا ۾ ٻيلا جتي ڪنھن ملڪ جي سونھن هوندا آھن اتي اهي ان ملڪ جي موسم، جھنگلي جيوت، انساني رهڻي ڪھڻي ۽ ماحول دوستي ۾ به پنھنجو وڏو ڪردار ادا ڪندا آھن. ٻيلن جي نه هجڻ سان انساني زندگين سميت جيتن، جانورن، پکين ۽ ماحول تي تمام منفي اثر پون ٿا، ٻيلن جي نه هجڻ سبب موسمي تبديلي برساتن جو نه هئڻ برابر جھنگلي جيوت جي نسل ڪشي کان ويندي عام انسان کي آڪسيجن جي مناسب فراهمي نه ٿيڻ ۽ ٻيلن مان حاصل ٿيندڙ قدرتي غذا ماکي، کنئور سميت ٻين غذائن جي کوٽ جي ڪري به ڪافي نقصان ٿين ٿا،

                  ان ڪري ٻيلا انسان جانور توڙي پکي پکڻ کان ويندي ملڪ جي زرعي زمينن جي لاءِ هڪ نئين زندگي مثل ٿين ٿا جن جي بچاءُ ۽ واڌ ويجھه لاءِ انھن تي مڪمل توجه درڪار هوندي آھي، سنڌ ۾ به ڪافي ٻيلا موجود هئا يا ڪٿي اڄ به ٻيلا ته آھن پر اهي مناسب سار سنڀال نھ ٿيڻ ڪري تباھ حالي جو شڪار بنيل آھن، ائين ئي سنڌ جي تمام بهترين ۽ سرسبز علائقي سنڌ جي دل سڏجندڙ ضلعي شھيد بينظير آباد جي تاريخي شھر سڪرنڊ جي ڀر ۾ به ساڍا پنج سؤ کان وڌيڪ ايڪڙن تي قائم ٿيل هڪ قديم ٻيلو موجود آھي جيڪو پئي ٻيلو سڏيو وڃي ٿو.

  سڪرنڊ سنڌ جو سرسبز شاداب پيداواري ۽ آبادي جي لحاظ کان خوشحال تعلقو آھي. وڻ وڻڪاري، گل گلزار، خوشگوار آبھوا، برساتن ۽ معاشي ترقيءَ ۾ ٻيلن جو وڏو دخل ھُوندو آھي. تعلقي سڪرنڊ جي اولھه پاسي سنڌو درياءُ وھي ٿو.

 سڪرنڊ ۾ ٻن قسمن جا ٻيلا آھن، ھڪ ڪچي وارا ٻيلا ۽ ٻيو پڪي بند ٻاھران پَئي ٻيلو آھي، جيڪو سڪرنڊ شھر کان اولھه پاسي نيشنل ھاءِ وي روڊ باءِ پاس سڪرنڊ کان شروع ٿي بچاءُ بند سان وڃي لڳي ٿو. (لفظ پَئي) معنيٰ اھڙي زمين جنھن کي ٻن پاسن کان پاڻي لڳي يا ٻن ڪڙين جي وچ واري زمين. ھن ٻيلي جي ايراضي سنڌو درياءُ ۽ سڪرنڊ ڍنڍ جي وچ ۾ آھي، شايد ان ڪري ھنڌ جو نالو پَئي مشھُور ٿيو، پَئي ٻيلي ويجهو اٽڪل 23 ڳوٺ آھن جن جي آبادي 30000 جي لڳ ڀڳ ھُوندي. سڪرنڊ وارو علائقو ڪنھن دؤر ۾ ٽالپرن جي رياست ۾ ايندو ھو، ٽالپرن پنھنجي رياست ۾ جيڪي به ٻيلا پوکيا ھُئا انھن جي سُٺي سار سنڀال رکي ۽ ٻيلن مان وڻ وڍڻ جي سختي پڻ ڪيائون. جڏھن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ سنڌو دريا تي بچاءَ بند ڏنو ويو، ھي ٻيلو درياءُ جي پاڻي کان الڳ ڪيو ويو ۽ ھن ٻيلي کي ڍنڍ جي پاڻي سان آباد رکيو ويو.

  انگريزن پنھنجي دؤر ۾ 1883ع ۾ ھن ٻيلي جي ايراضي 5901 ايڪڙ َتي مشتمل ڏيکاري ھُئي. انگريز سرڪار جڏھن 1932ع يا 33ع ۾ ايريگشن سسٽم جو بنياد وڌو ته ھن ٻيلي لاءِ روھڙي ڪينال مان  پاڻي جي رٿابندي ڪئي وئي. انگريز سرڪار جي خاتمي کانپوءِ پاڪستاني سرڪار ھن ملڪ جون واڳون سنڀاليون. ذريعن موجب پَئي ٻيلي کي بچائڻ لاءِ ھر مھيني 300 ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آھي جنھن کي سنڌ حڪومت منظور به ڪيو پر ڪجھ مليو ڪونه. ھاڻي ھن ٻيلي کي سولر سسٽم تي ھلندڙ  ٽيوب ويلن مان پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ڪنھن دؤر ۾ ھن ٻيلي جي ماکي پڻ ڏاڍي مشھور ھُوندي ھُئي، پَئي ٻيلو پنھنجي قدرتي حُسن ۽ شڪار گاھ طور ڏاڍو مشھُور ھُو،

 ان جي ھاڪ ٻُڌي پاڪستان جو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ھتي آيو ۽ ڏاڍو شڪار ڪري خوش ٿيو ۽ ھن ٻيلي ۾ رھائش لاءِ بنگلو ٺھراڻڻ جو حڪم ڏنو جيڪو 1961ع ۾ ٺھي تيار ٿيو. جنھن جي يادگار (سر ) پڻ ڀت ۾ لڳل آھي. انگريزن ھن ٻيلي جي ايراضي 5901 ايڪڙ  طئي ڪئي، ھن وقت ٻيلي وٽ 4646 ايڪڙ آھي 14-02-1966 ع  ۾ سابق صدر ايوب خان جي خارجه وزير ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس اعليٰ آفيسرن پڻ ھتي شڪار ڪيو. صدر ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جن پنھجي ھٿن سان ارجونا ۽ ڪونو ڪارس جا ٻوٽا لڳايا، جيڪي سُٺي سار سنڀال جي ڪري ان بنگلي جي اڱڻ جي سونھن آھن.

پئي ٻيلي ۾ صدر ايوب خان 3 دفعا شڪار ڪرڻ آيو ۽ پاڪستان جا مشھُور سياستدان، جنرل، سپريم ڪورٽ جا جج ۽ ڪيئي ڏيھي توڙي پرڏيھي شخصيتن پڻ ھتي شڪار ڪيو ۽ ايوب بنگلي جا مھمان پڻ ٿيا، جنھن جي شاھدي ھتي جي رکيل وزيٽر ڪتاب ۾ سندن لکيل نوٽ آھن. بدقسمتي سان اهو پئي ٻيلو هاڻ صرف نالي خاطر وڃي ٻيلو بچيو آھي، ان جي ايراضي تي قبضن کان ويندي وڻن جي واڍي تائين پئي ٻيلي سان اهڙو ته حشر ڪيو ويو آھي جو اتي هاڻ نھ ته اهي تاريخي وڻ رهيا آھن ۽ نھ ئي وري اها ڪا ساڳي ايراضي رهي آهي. ٻيلي کاتي جي آفيسرن ۽ مقامي رهواسين کان ويندي بااثرن به پئي ٻيلي جي تباهي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، جنھن کي جتان وجھه لڳو ان اتان پنھنجو مفاد حاصل ڪري ٻيلي کي بس تباھ ئي ڪيو آھي.

 پئي ٻيلو جيڪو وڏي ڄمار رکندڙ هڪ تاريخي حيثيت وارو قديمي ٻيلو آھي جيڪو سنڌو درياءُ جي ڪپ تي آباد هجڻ ڪري ڪنھن دؤر ۾ علائقي جي لاءِ وڏو لاڀ ڏيندڙ ليکيو ويندو هو، جنهن ۾ ناياب وڻ ۽ بھترين نموني سان چؤنڪڙيون ۽ لکين وڻ هجڻ سبب تمام گھاٽو ۽ تاريخي شمار ٿيندو هو، هن جي حفاظت لاءِ ان وقت جي سرڪار پاران هڪ بهترين قسم جي ديوار پڻ ڏياري هئي، جيڪا اڪثر هنڌن تان ماڻھن پاران کاٽ ھڻي ٽوڙي وئي آھي، ان جي وقت سر مرمت نھ ٿيڻ ڪري اها ڪٿان ته زبون حال به بنجي وئي آھي.

 پئي ٻيلي ۾ جانورن جي وڏي شڪار گاھ سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن پاران شڪار ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته پئي ٻيلو ايترو ته گھاٽو هوندو هو جو ٻيلي ۾ گڏ هلڻ وارا ماڻھو به هڪ ٻئي کي ڏسي نھ سگھندا هئا يا اڪثر ڪري هڪ ٻئي کان وڇڙي ويندا هئا. ان ئي ٻيلي ۾ هر قسم جي جھنگلي جيوت سان گڏ ديسي پرديسي پکي پڻ موجود هئا. ٻيلي جي هڪ طرف سنڌو درياءُ ۽ ٻئي طرف وري سڪرنڊ شھر ۽ ٻيلي جي وچ واري حصي تي تاريخي شڪر ڍنڍ جيڪا وقت جي دز ۾ لٽجي وئي، ماضي جي شاهڪار ان ڍنڍ جي مٿان ۽ آسپاس ۾ آبادي وڌي وئي.

پئي ٻيلو جتي ماچيس کڻي وڃڻ تي به سختي سان منع ٿيل هئي پر ان ٻيلي جي ڪن حصن کي هڪ ٻه ڀيرا باھ پڻ لڳي چڪي آھي جيڪو هڪ وڏو سواليا نشان پڻ آھي. ان باھ بابت ڪھڙي انڪوائري ٿي ڪنھن کي ذميوار ڄاڻائي ڪھڙي سزا ڏني وئي رپورٽ ڪٿي آھي، اڄ تائين ان بابت ڪنھن کي ڪابه معلومات ئي ناهي.

 ٻيلي جي قيمتي ۽ ناياب وڻن جي واڍي سان گڏ ٻيلي جي زمين تي زرعي مقصدن لاءِ پوکي پڻ ڪئي وئي. پوکي ڪرڻ ۾ مبينا شرط رکيل هو ته فصل سان گڏ اتي ٻوٽا ۽ چڪيون فصل سان گڏ رکيون وينديون پر فصل ته پوکيا ويا پر ٻوٽا رکجي نھ سگھيا.

 نتيجي ۾ جيڪو اهو شاندار پئي ٻيلو تاريخ ۾ ھڪ شڪار گاھ ۽ دنيا جي ملڪن جي سربراهن جو پسنديده علائقو آھستي آھستي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي، سڪرنڊ جي هن قديمي پئي ٻيلي ۾ نالي ماتر وڃي وڻ بچيا آھن. هتان جي نااهل آفيسرن توڙي ملازمن جي نااهلي ۽ ٻيلي جي مڪمل سار سنڀار نھ ٿيڻ ڪري پاڪستان جي زرعي صوبي سنڌ جي دل واري حيثيت رکندڙ شھيد بينظير آباد جو هي تاريخي ٻيلو تباھ حالي جو شڪار بنجي ويو آھي،

جيڪو اڄ به وقت جي حڪمرانن ڏي نھاري رهيو آھي. هن ٻيلي جي ڀرسان سنڌو درياھ وهندڙ آھي ان ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي ته پئي ٻيلي کي ٻيھر ساڳيو اوج بخشڻ لاءِ سنڌ جو ٻيلو کاتو ننڊ مان سجاڳ ٿئي ۽ هن ٻيلي ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪري سياسي مداخلت کان آزاد ڪري هن ٻيلي جي زمينن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي هت ٻيھر ماضي وانگر ڌيان ڏئي ناياب وڻ لڳايا وڃن ۽ پئي ٻيلي سميت سنڌ جي ٻين تباھ ٿيندڙ ٻيلن کي پڻ بچايو وڃي ته جيئن دنيا ۾ ٿيندڙ موسمي تبديلين وارن اثرن کان پاڪستان متاثر ٿيڻ کان بچڻ سميت هتي جھنگلي جيوت، پکين جا آستان آباد ٿي سگھن ان سان گڏ سنڌ واسين لاءِ ناياب بڻيل ماکي کنئور ۽ ٻيون سوغاتون به آسان بنجي پون.