ٺٽو ( رپورٽ :اسماعيل ميمڻ ) هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان (ايڇ آر سي پي ) پاران ٺٽو ۾ انساني واري حقن صورتحال بابت منعقن ڪيل گڏجاڻي ۾ ايڇ آر سي پي جي ڪوچيئرپرسن اسد اقبال بٽ خطاب ڪندي چيو ته ٺٽي ، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي پٽي ۾ سمنڊ جي وڌندڙ کاري پاڻي اڳتي وڌي نه رڳو هتان جي 40 لک ايڪڙ کان مٿي زرعي زمين تباهي جي ور چاڙهي وڌيڪ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي پر ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ ۾ گھربل مقدار 10 ايم ايف ايف فوٽ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري خوبصورت انڊس ڊيلٽا جي صتم ٿيڻ سميت هتان جي سامونڊي واسين جي پيئڻ جو پاڻي ناپيد ٿي ويو آهي، هن چيو ته سامونڊي تباهڪاري سبب ٺٽو سجاول ۽ بدين ضلعن ۾ جي زراعت سخت متاثر، انساني زندگي جي جيئاپي جي واحد ذريعي مٺي پيئڻ جي پاڻي جي اڻاٺ پڻ انساني حقن جي کليل لتاڙ آهي، هن چيو ته سنڌوءَ جي هيٺائين پاسي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ نه ڪرڻ ڪري وڏي تيزي سان نه رڳو سمنڊ اڳتي وڌي تباهي ڪري رهيو آهي پر ايندڙ سالن ۾  تاريخي ضلعا پڻ سمنڊ جي ور چڙهي سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، ان موقعي تي قاضي خضر حبيب ،ندا تنوير، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ ياسمين شاھ پڻ خطاب ڪيو.