ارسا ۽ پنجاب هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جا اعتراض نظرانداز ڪري ڇڏيا، تڪراري تونسا پنجند ڪئنال مان پاڻي جي کڻت وڌائي ڇڏي، سنڌ سرڪار وفاق ۽ ارسا کي احتجاجي خط اُماڻي ڇڏيو، آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته پنجاب گذريل رات هڪ هزار ڪيوسڪ واڌو پاڻي کنيو آهي، تڪراري ٽي پي ڪئنال وسيلي سنڌو درياهه مان 3 هزار 8 سئو ڪيوسڪ پاني کنيو پيو وڃي، پنجاب جهلم ۽ چناب زون کي پنهنجو پاڻي ڏيڻ بدران سنڌ جو پاڻي کڻي رهيو آهي، سنڌ ۾ وونئڻ ۽ ساريالي فصل لاءِ پاڻي ناهي، سکر بئراج تي 4 هزار ۽ ڪوٽڙي بئراج تي 23 سئو ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي، وفاق ۽ ارسا جون سنڌ سان زيادتيون جاري آهن، ٽي پي ڪئنال ذريعي پاڻيءَ کڻڻ ناانصافي آهي، پنجاب، وفاق ۽ ارسا جي رويي تي سنڌ ۾ بيچيني وڌي رهي آهي