اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي شديد احتجاج باوجود وزيراعظم شهباز شريف تڪراري 6 ڪئنالن مان ڪڇي ڪئنال منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي پ پ سان تعلق رکندڙ وڏو وزير سرفراز بگٽي به موجود هو، تونسا ۾ ڪڇي ڪئنال جي بحالي واري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪڇي ڪئنال منصوبي جي بحاليءَ سان بلوچستان جي متاثر علائقن کي نئين زندگي ملندي، منهنجي ڪوششن، پنجاب حڪومت، احسن اقبال ۽ واپڊا جي سهڪار سان هي منصوبو ٻيهر بحال ٿيو. هن چيو ته هن منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي جو ڪم 1998ع ۾ نواز شريف جي دور ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنرل مشرف جي دور ۾ هن منصوبي کي بغير ڪنهن ٽينڊر جي ٺيڪيدارن حوالي ڪيو ويو ۽ غريب قوم جو پئسو بيدردي سان ضايع ڪيو ويو. ان منصوبي تي هينئر تائين 100 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ ڪڇي ڪئنال کي تمام گهڻو نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته ان منصوبي جي ٻئي مرحلي کي مڪمل ڪرڻ اصل چئلينج آهي، ان لاءِ اسان کي جتان وسيلا آڻڻا پوندا ۽ ان پروجيڪٽ کي مڪمل ڪنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف تونسا بئراج مان ڪڍيل ڪڇي ڪئنال جي ٻوڏ متاثر حصن جي بحالي واري منصوبي جو افتتاح ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو ته پنجاب جي زمين تي سڀ ڪم ٿيڻ گهرجن، اهو واهه نه پر بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي. وزير اعلي بلوچستان سرفراز بگٽي چيو ته هي منصوبو 2002ع ۾ منظور ڪيو ويو هو پر پوءِ هي منصوبو مئل گهوڙو بڻجي ويو هو، نواز شريف اقتدار ۾ اچي ان کي زنده ڪيو، هن ڪئنال جو 100 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي، ان کي شهباز شريف تيز رفتاري سان مڪمل ڪري سگهي ٿو.رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪڇي ڪئنال منصوبو 2018ع ۾ مسلم ليگ ن جي دور ۾ شروع ٿيو پر 2022ع جي ٻوڏ ۾ ان کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هاڻي جڏهن ته وزيراعظم جي هدايتن تي ربيع جي موسم کان اڳ منصوبي کي بحال ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته ريگستان کي زرخيز بڻائڻ جو سفر وزيراعظم جو ويزن آهي، بنجر زمينن کي آباد ڪرڻ هڪ سفر آهي، چيئرمين واپڊا سجاد غني بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ڪڇي ڪئنال کي 45 ڏينهن ۾ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ پهريون مرحلو اڄ مڪمل ڪيو ويو آهي. ڪڇي ڪئنال کان بلوچستان جي 7 لک 15 هزار ايڪڙ ايراضي آباد ٿيندي.
سنڌوءَ درياءَ تي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف نوشهرو فيروز ۾ جسقم پاران ڌرڻو
نوشهروفيروز ( رپورٽر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي ھزارين ڪارڪنن باءِ پاس نوشهروفيروز وٽ ڌرڻو ھڻي قومي شاهراھ کي ڪيترن ئي ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنھن سبب قومي شاهراھ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. جسقم ڪارڪنن پھريان پريس ڪلب نوشهروفيروز وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد چار ڪلوميٽر پيدل مارچ ڪرڻ بعد باءِ پاس نوشهروفيروز وٽ پھتي جتي ڪارڪنن جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، اياز راڄپر، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو، راڳي وقار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو درياهه اسان جي ساھ جي رڳ آھي ۽ 6 ڪئنال اڏي سنڌوءَ جو منھن موڙي سنڌوءَ جي ھزارين سالن جي تھذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته پنجاب پنھنجو پاڻي اڳئي وڪرو ڪري چڪو آھي ۽ سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا آھن. جنھن سبب سنڌوءِ جي ڊيلٽا تباھ ٿي وئي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳھي ويو آھي. لکين ماڻھو پاڻي نه ھجڻ ڪري دربدر آھن. سنڌ جي جھنگلي جيوت ذري گھٽ ختم ٿي وئي آھي. پاڻي جي کوٽ سنڌ جي ذريعي معيشت سخت متاثر آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي.
حيدرآباد ۾ اڄ ”رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو“ مارچ ڪيو ويندو
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ رواداري ڪاميٽي جي سڏ تي اڄ ڇنڇر جي ڏينهن حيدرآباد ۾ ”رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو“ مارچ ڪيو ويندو. اهو مارچ اولڊ ڪيمپس کان شروع ٿي پريس ڪلب تائين پهچندو جتي سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف احتجاج به ڪيو ويندو. سنڌ رواداري ڪاميٽي پاران مارچ جي جاڳرتا جي سلسلي ۾ قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر چوڪ تي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. مشعل بردار ريلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مشعل بردار ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ مشعلون کنيل هيون جڏهن ته انهن پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، درياهه خاطر جهيڙو آ، پاڻي خاطر جهيڙو آ، انتهاپسندي نامنظور، لطيف جي ڌرتي، امن ٿي چاهي جهڙا نعرا به هنيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي رواداري ڪاميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، عاليا بخشل، پروفيسر امداد چانڊيو، حمز علي چانڊيو، سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، نظير قريشي، بختاور ڄام، ماروي لطيفي، پشپا ڪماري، ماروي اعواڻ، صائمه جعفري، سارنگ ڄام، ماهنور شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. سنڌو درياهه کي سڪائڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو جياپو کسڻ واري سازش ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. حڪمران پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته سنڌ جون هزارين عورتون ۽ نوجوان رستا بند ڪري ويهي رهندا ۽ پوءِ حڪمرانن جو هلڻ ڏکيو ٿي پوندو. هنن چيو ته حڪومت کي خبردار ٿا ڪريون ته سنڌو درياهه تي ڪو به نئون ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. سنڌ نوان ڪئنال ته قبول نه ڪندي. اسان جو مطالبو آهي ته اڳ ۾ ئي سنڌ جي اجازت ۽ راضپي کانسواءِ سنڌو درياهه مان جيڪا غيرقانوني طور ڪئنال ڪڍيا ويا آهن يا ڊيم اڏيا ويا آهن انهن کي ختم ڪيو وڃي. هنن سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين رٿيل رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.
سنڌو اسان جو ساھ آهي ان مٿان ڪو به ڪئنال منظور ناهي: صنعان قريشي
سڪرنڊ (ن پ ا)جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌو درياهه مٿان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ واري اعلان کي رد ڪرڻ لاءِ 24 نومبر تي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي قومي شاهراھ بلاڪ ڪرڻ واري پروگرام جي دعوت ڏيڻ لاءِ دڙي مگسي ماڙي جلباڻي مجيد ڪيريو ۽ سنڌ ٿنڪرس فورم جي چيئرمين محمد منير شاھ وٽ درگاھ پير ذاڪري پهتو جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو اسان جو ساھ آهي ان مٿان ڪنهن به قسم جو ڪئنال منظور ناهي، اسين سائين جي ايم سيد جي نظريي عدم تشدد جا قائل آهيون، ان ڪري اسان کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان جي جدوجهد تيسيتائين جاري رهندي جيسيتائين ڪئنالن جو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي ان ڪري حڪمرانن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته اسان کي اميد آهي ته سنڌ واسي 24 نومبر تي اسان جو ڀرپور ساٿ ڏيندا ان موقعي تي سنڌ ٿنڪرس فورم جي چيئرمين سيد محمد منير شاھ ڳالهائيندي چيو ته مهربانيون صنعان خان قريشي جون جيڪو درگاھ تي ڪهي اچي ان پيغام ڏنو آهي جيڪو اسان جو خود جو مسئلو آهي اسين سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن کي سنڌ دشمني سمجهون ٿا ان موقعي تي ڏاڏو اطهر سومرو ، ديدرار شام ، جساف جو مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، ، آصف رضا مگسي ، مسعود شاھ ، برڪت جلباڻي، مورڙيو مير بحر قربان ٻنڀ ، عالم ڪيريو ۽ ٻيا شريڪ هئا.
سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال اڏڻ خلاف لاڙڪاڻي ۽ نصيرآباد ۾ احتجاج
لاڙڪاڻو/نصيرآباد (نمائندن وٽان) سنڌو درياههمٿان نوان ڪئنال اڏڻ خلاف لاڙڪاڻي ۽ نصيرآباد ۾ ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ نوجوان اتحاد طرفان سنڌو درياهه مٿان 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف اسلم خان تنيو، راحيل عباس ڪلهوڙو، عاقب ميمڻ، مظفر سومرو، سجاد ڀيو، عبدالغفور چانڊيو، بدر ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هوڏانهن نصيرآباد ۾جساف طرفان اطھر سنڌيءَ، مدثر مسڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.