پريالوءِ(ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي دستوري گڏجاڻي نامياري شاعر ديدار معصوم جي صدارت هيٺ منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڻي ۽ سنڌو درياءَ بابت خاص لکڻيون پيش ڪيون ويون، گڏجاڻي ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جي بحران، درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙن ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف مزاحمتي ادب جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، صدارتي خطاب ڪندي ديدار معصوم چيو ته ادب صرف شاعري ۽ افسانن تائين محدود ناهي، پر اهو معاشري جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو سڀ کان مؤثر هٿيار آهي، سجاد ميراڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت پاڻي جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، پر افسوس جو ادبي حلقن مان هن مسئلي تي اڃا تائين ڀرپور مزاحمتي لهر نظر نٿي اچي، اديبن ۽ شاعرن کي گهرجي ته هو سنڌ جي پاڻي تي ٿيندڙ ڌاڙن خلاف لکڻيون لکن ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جو ذميوار ڪردار ادا ڪن، شاعري ۽ مضمونن جي پيشڪش دوران زين ديدار، عطا ميراڻي، عبدالرزاق آزاد، حاڪم ابڙو ۽ اسد ٿهيم پنهنجي لکڻين ۾ پاڻيءَ جي تحفظ، درياءَ جي وهڪرن تي ٿيندڙ قبضي ۽ تڪراري ڪئنالن جي اثرن بابت خيالن جو اظهار ڪيو.