سنڌ جا اختيار، وسيلا ۽ وجود بچايو مارچ هڪ نئون اتساهه !

0
143
ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جي وجود ۽ بقا جو مسئلو!

 12فيبروري تي سنڌ جي راڄڌاني، سنڌ جي دل ۽ پوري ملڪ جي معاشي حب جي حيثيت رکندڙ شهر ۽ سنڌين لاءِ جذباتي، روحاني ۽ تاريخي اهميت جي حامل شهر ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان هزارين مردن، عورتن، ٻارن، پوڙهن، نوجوانن، شاگردن سان گڏ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي تائين “سنڌ جا اختيار، وسيلا ۽ وجود بچايو مارچ” ڪيو ويو. ان تاريخي مارچ يقينن هزارين سورن، ڏچن، دردن ۾ وڪوڙيل سنڌ ۽ سنڌ جي غريب مسڪين عوام ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو ته کڻي ڇا به ٿي وڃي، سنڌ جي ماڻهن کي ڪيتريون ئي تڪليفون ڏئي کين هيسيايو وڃي، دٻايو وڃي، هر طرف کان گهيرو تنگ ڪيو وڃي پر سنڌ وڙهندي، سنڌ جو عوام پنهنجي وجود لاءِ، پنهنجن اختيارن لاءِ، پنهنجن وسيلن لاءِ ويڙهه ڪندو ۽ آخر دم تائين وڙهندو.

“اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي،

متان تون سمجهين مئا مور سارا”

 “جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي

ٻيو ٻاريندو ڪير؟ کاهوڙڪي کير ري.” ( شاهه سائين)

عوامي تحريڪ سنڌ جي وجود، سنڌ جي وسيلن، سنڌ جي شهرن جي مالڪي، سنڌ جي اختيارن جهڙن اهم مسئلن تي پرامن  ۽ منظم نموني هزارين ماڻهن جي تاريخي ريلي ڪڍي نه فقط سنڌي عوام کي سندن وجود سان لاڳاپيل مسئلن بابت آگاهي ڏني پر جدوجهد جو گس به ڏسيو.

“لکن ڪروڙن شديد زخمن،

 سهي وڃڻ کان پوءِ به پيرن،

چيو ته هلبو اڃان به اڳتي”

عوامي تحريڪ طرفان جن مسئلن تي هي مارچ ڪيو ويو آهي اهي اڄ جي دور ۽ آئينده ڪيترن سالن تائين سنڌ ۽ سنڌي عوام مٿان پنهنجا اثر ڇڏيندا. سنڌ مٿان وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ظلمن جي جيڪا تلوار لٽڪائي وئي آهي انهن جو جيڪڏهن هن وقت تدارڪ نه ٿيو ته شايد ايندڙ ڪجھه سالن ۾ سنڌ جي وجود ۽ سنڌ جي اختيارن مٿان سنڌي ماڻهن جي حق لاءِ تمام ڌکيا موڙ سامهون اچي ويندا. ڊسمبر 2022ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان سنڌ اسيمبلي مان ٻه قراردادون پاس ڪري وفاق کي سنڌ جي معدني وسيلن تي جيڪو اختيار ڏنو ويو آهي سو درحقيقت هن ملڪ جي باني محمد علي جناح جي صوبائي خودمختياري جي اصولن ۽ سندس پاران 1940ع ۾ لاهور شهر ۾ پاس ڪرايل ٺهراءُ جيڪو بعد ۾ پاڪستان جو بنياد بڻيو ان تاريخي دستاويز جي انحرافي ۽ محمد علي جناح جي صوبائي خومختياري لاءِ ڪيل اڻٿڪ ڪوششن مٿان پاڻي هارڻ برابر آهي. پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي ۽ ان جو بنياد 1940ع واري لاهور قرارداد ۽ 11 آگسٽ 1947ع تي محمد علي جناح جي ڪيل تاريخ ساز تقرير آهن جن موجب هي ملڪ مڪمل سيڪيولر ۽ جمهوري وفاقي ملڪ هوندو پر ملڪ دشمن قوتن، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ملڪ تي قبضو ڪري، قائد اعظم کي پاسيرو ڪري ان جي ايمبولينس مان پيٽرول کٽائي کيس قتل ڪري ملڪ ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين هر ڏينهن سنڌ کي تباهه و برباد ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا آهن.

پاڪستان جي بنياد جي حقيقي دستاويزن جو انڪار ڪري وحداني مرڪزيت واري اصول تحت صوبن خاص طور سنڌ جا حق، وسيلا، اختيار کسيا ويا آهن. ارڙهين آئيني ترميم ۾ نالي ماتر جيڪي اختيار صوبن کي مليا انهن تي به آئين موجب مڪمل طور عمل نه ڪيو ويو آهي ۽ ارڙهين آئيني ترميم جي نالي ۾ همدرديون وٺندڙ پيپلزپارٽي ئي گذريل 14 سالن کان سنڌ جي اختيارن جو سودو ڪندي پئي اچي جنهن جو تازو مثال پارليامينٽ جنهن ۾ هن وقت نواز ليگ، پيپلزپارٽي، فضل الرحمان وغيره اتحادي ٿيا ويٺا آهن ان پارليامينٽ سنڌ جي ساحلي پٽي تي وفاق کي اختيار ڏيڻ جهڙو خطرناڪ قانون (بل) پاس ڪيو آهي ۽ پيپلزپارٽي ان ۾ سندن ڌر ٿي بيٺي آهي نه فقط اهو پر ڪراچي مان قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل پيپلزپارٽي جي هڪ ايم اين اي قادر مندوخيل قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي رهائشي قانون ۾ ترميم جو بل پيش آهي جنهن موجب ڪو به ڌاريو 6 مهينا سنڌ ۾ رهڻ سان قانوني طور صوبي جو ڊوميسائيل حاصل ڪري ويندو. سنڌ مٿان ٻي جيڪا تلوار لٽڪائي وئي آهي سا ڊجيٽل آدمشماري آهي جيڪا مڪمل طور غير آئيني آهي. مٿان هن آدمشماري ۾ شناختي ڪارڊ جو شرط ختم ڪري سنڌ ۾ رهندڙ لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪي ڌارين دهشتگردن کي قانوني طور سنڌ جو شهري تسليم ڪيو ويندو جيڪا ڳالھه رڳو ڳڻتي جوڳي ناهي پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ ته 2018ع ۾ ئي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سنڌ خاص طور سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ رهندڙ لکين افغانين ۽ ٻين غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي جو حڪم ڏنو هو جيڪي صوبي ۾ دهشتگردي جو وڏو سبب آهن پر نه ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي ڪو عمل ٿيو آهي نه ئي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪا قانونسازي ڪئي وئي آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي تي عمل ڪري سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري واري  معاملي تي غور ڪيو وڃي ها پر ڇاڪاڻ ته هن ڊجيٽل آدمشماري جيڪا هڪ مخصوص منصوبي يعني سنڌين جي نسل ڪشي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ گهري سازش تحت ڪرائي پئي وڃي ان ڪري ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ لاءِ سرڪار ملڪ جي آئين جو ئي احترام نه ڪيو ۽ آئين جي خلاف ورزي ڪندي هي آدمشماري پئي ڪرائي. ايئن ئي ٻئي طرف ملڪي معيشت کي عالمي سامراجي معاشي دهشتگرد اداري آئي ايم ايف حوالي ڪري ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي آڻي، ملڪ کي هٿ وٺي هن هٿرادو معاشي بحران ۾ آڻي عوام تي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرائي عوام کي هر طرف کان سوگهو ڪري ڇڏيو ويو آهي پر باوجود انهن سڀني مشڪلاتن جي عوامي تحريڪ ڪراچي ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي “ سنڌ جا اختيار، وسيلا ۽ وجود بچايو مارچ” ڪيو آهي تنهن عمل سنڌ جي قومي جدوجهد جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آندو آهي ۽ يقينن سنڌ هاڻ پنهنجي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي آواز اٿاريندي، وڙهندي ۽ جنگ ڪندي.