سنڌ جاڳي پئي…..!!

0
47
سنڌ جاڳي پئي.....!!

پنجاب جي ريگستان کي سائو ڪرڻ ۽ سنڌ کي سڪائي ٺوٺ ڪرڻ واري ڪئنالي منصوبي خلاف سنڌ ائين اٿي رھي آھي، جيئن ساوڻ جي وسڪاري کان پوءِ پٽن مٿان گاھ جا سلا اڀري ايندا آھن. جيئن ٿر جي ڀٽن مٿان ڀرپور برسات کان پوءِ ھرھنڌ کنڀيون کڙي پونديون آھن. جيئن جواني اچڻ کان پوءِ مٽول مک مٿان موھيڙا اچي ان عمر جو اعلان ڪندا آھن، جيڪا عمر عشق جا پنڌ پڇائيندي آھي.

                 تاريخ جا دفتر ان سچ سان سٿيل آھن ته ھر قوم جي مٿان ڪوسيون ٿڌيون موسمون آيون آھن. بهار ۽ خزان جون مندون صرف وڻن جي مٿان نه پر ماڻھن جي مٿان به اينديون آھن ۽ ماڻھو به ڪڏھن سرءُ جي واءُ ۾ ڇڻ ڇڻ پتن جيان پسبو آھي ۽ ڪڏھن ان ۾ نوان گؤنچ ۽ تازا گل پيدا ٿيندا آھن. جيئن مند اچڻ جي انب جو وڻ ٻوربو آھي، تيئن قومون به ڀرپور اميد جو آئينو بڻجي وينديون آھن.

                 سنڌ جي سرزمين ڀلي سون جي کاڻين سان ڀريل نه ھجي پر سنڌ ۾ فطرت جي جيڪا سائي سونهن رھي آھي، ان جو حسن ھاڻي به سگھڙن جي شاعريءَ ۾ پنهنجي ڀرپور روپ سان سمايل آھي. پر افسوس ته جھڙي طرح دنيا جي ديسن ۾ وٽ ھاڻي جھنگلي جيوت جون تصويرون بچنديون پيون وڃن، تهڙي طرح لالچ، لوڀ ۽ ڌارين جي ڌاڙن سبب سنڌ جو اھو حسن لٽجي ويو آھي. نه ته اھائي سنڌ ھوندي ھئي، جنهن جي سونهن مٿان تاجل بيوس سوچيندو ھو ته “ڇا لکي ڇا لکان” ۽ اياز جي ڪويتا ڪنهن ڪويل وانگر ڪوڪي ان سنڌ جي سونهن جا گيت ڳائيندي ھئي، جنهن جا منظر موھيندڙ ھئا.

“ٺٽي جي ھوا ۾، گلابي بدن

ڍڪي ڪيئن اجرڪ، سڄي واس ون

مسافر ڪڏھن نم جي ڇانوَ ۾

اچي ويھ مون سان ڪڏھن ٺار من

ته سمجھين ته ھن ديس ۾ آھي ڇا؟

ته سمجھين ته ڇا تي ٿيو من مگن“

سنڌ ۾ تاريخي طور تي ڀالا ۽ بڙڇيون نه رھيون آھن. ڇو ته سنڌ ڪڏھن بکايل نه رھي آھي. اھا قومن ۽ قبيلن جي بک ھوندي آھي، جنهن سبب انهن جي اندر جا بگھڙ جاڳي پوندا آھن ۽ پراين ڌرتين مٿان يلغارون ڪري آزاد قومن کي غلام بڻائڻ ڪا فخر جوڳي ڳالھ ھرگز ٿي نه ٿي سگھي. اھوئي سبب آھي ته سنڌ جي تاريخي ماڳ موھن جي دڙي مان تير ۽ تلوارون نه مليون آھن. ڇو ته سنڌ سدائين ڏاٽن وارو ڏيھ رھيو آھي. ان ڪري ئي ته اسان جي قومي شاعر چيو آھي:

“سڄو ڏيھ ڏاٽا، ڪري جي اُڀا،

لکين عيد جا چنڊ اڀري پون“

سنڌ جي سموري سک ۽ سڪار جو سبب نه اھا سنڌو ندي آھي، جيڪا ھن ڌرتيءَ جي ھٿ مٿان ڀاڳ جي لڪير وانگر اڪريل آھي. اھا ندي ايتري ته ڀاڳ ڀري آھي، جو ان نديءَ جي ڀرپور وھڪرن کي صرف ڏسڻ به جھونن ويدن لکڻ وارن لاءِ پوڄا جھڙو ڪرم ھو. اھوئي سبب آھي ته رگويد ۾ جھڙي طرح سنڌو جي لاءِ سڀاويڪ اشلوڪ لکيل آھن، انهن کي پڙھي ماڻھوءَ جو من مڌ ماتو ٿي وڃي ٿو. ۽ ڇو نه ٿئي؟ جڏھن ڪو انسان اھو ڏسي ته ھڪ درياھ جي دم سان ديس سک سان جيون گذاري ٿو ۽ ان ڌرتيءَ جي لوڪ جي گھرن گھاٽن ۾ رکيل گندين ۾ ايترو اَن آھي جو اھو ايندڙ موسم تائين صرف گھر ڀاتين لاءِ نه پر اوطاق تي ايندڙ مھمانن جي لاءِ به جهجھو ۽ جام آھي. سنڌ جو سٻاجھو حسن ان حقيقت جي گواھي ڏيندو رھيو آھي، جنهن حقيقت ۾ ھن ڌرتيءَ جي امن جو راز سمايل آھي. سنڌ جي ماڻھن ڪنهن به قوم جي سرحد ان ڪري نه لتاڙي، ڇو ته انهن جي گھر ۾ بک ۽ ڀينگ نه ھئي. سنڌ امير ۽ آسودي ھئي.

سنڌ جي ان آسودائپ ۽ مڇي مانيءَ سان پيٽ ڀري سڪون جي ننڊ سمھڻ واري ڀاڳ جو سبب اھا سنڌو ندي آھي، جيڪا نه صرف سنڌ جي تاريخي طور تي سڃاڻ رھي آھي پر ان سبب سنڌ جي ماڻھن کي ڪڏھن پرديس ۾ نه پنڻو پيو ۽ نه وري پرائي روزي مٿان رھزن بڻجي ڌاڙا ھڻڻا پيا. پر اھا حقيقت آھي ته جڏھن به ڪنهن قوم کي بک اندر ۾ وڍ وڌا ته ان سنڌ مٿان حملا به ڪيا ۽ سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو. پر اھا به حقيقت آھي ته ڪنهن به حملي آور سنڌ ۾ پنهنجا ٿاڪ ٺاھي، مستقل طور تي ھن ڌرتيءَ کي غلام نه بڻايو. اھوئي سبب آھي ته ارغون آيا، ترخان آيا، ڪڏھن ٺٽي ننگر مٿان پورچوگيزن حملا ڪيا پر اھي لٽي ڦري ھليا ويا. دنيا جو فاتح سڪندر به سنڌ مان مَٽيو ھو. اياز ان سڪندر لاءِ لکيو ھو:

“آيو ويو سڪندر، سيوھڻ اڃان اتي آ

ھو کيرٿر کڙو آ، ويندا رھيا وناسي!“

جڏھن به ڪنهن سنڌ کي لٽيو آھي، ان بعد اھو واپس ويو آھي ته سنڌ وري پنهنجي ڀاڳ کي ھن ڀونءِ جي ڀاڳ سان جرڪايو آھي ۽ اھا ڀونءِ ھن قوم جي مدد بنھ نه ڪري ھا، جيڪڏھن ھن قوم وٽ اھڙو دادلو دريا نه ھجي ھا، جنهن دريا مٿان پاڪستان ٺھڻ بعد پنجاب مستقل طور تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. سنڌو دريا مٿان پنجاب جي ڌاڙن جو داستان پاڪستان جي تاريخ سان پوروڇوٽ آھي. جيئن جيئن ملڪ جي عمر وڌي آھي، تيئن تيئن سنڌو نديءَ مان پاڻي گھٽبو  ويو آھي. اھي ماڻھو جيڪي پنهنجي عمر جا پنج يا ڇھ ڏھاڪا ٽپي آيا آھن، انهن کي ڀليءَ ڀت معلوم ھوندو ته ان ۾ سنڌو دريا ائين نه ھو. ھاڻي جيڪو سنهڙو ۽ سڪل دريا ڪنهن نماڻي نالي وانگر رڪجي رڪجي وھي رھيو آھي، ڪڏھن ان جو روپ روح مٿان خوف ۽ خوبصورتيءَ جي سنگم وارو اثر پيدا ڪري ڇڏيندو ھو.

اھو سنڌو دريا ھو، جنهن لاءِ لطيف لکيو ھو:

“دھشت دم دريا ۾، جتي جايون جانارن

سڄا ٻيڙا سير ۾ ھليا ھيٺ وڃن

پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجھان تن

درندا دريا ۾ واڪا ڪيو ورن“

ڇا اھڙي منظر جي ڪا جھلڪ به موجود آھي، موجودھ سنڌو دريا ۾!؟ جڏھن ته اياز جي اکين به جيڪي سنڌوءَ جا مدمست منظر ڏٺا ھئا ۽ ھن پنهنجي ڪلا ۾ جن کي سريلي انداز سان سمايو ھو، انهن ۾ سنڌو دريا جو روپ سروپ الڳ ھو. خود اياز جي دور ۾ به سنڌ دريا وڏي دھشت وارو ھو، جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته اياز ڇو لکي ھا؟

“درياھ اندر جا دھشت آ، ڪنهن ڏينهن قيامت ٿي ويندي

تون مان ته رڳو ھن سنڌوءَ تي، ڪا لھر اڀاري وينداسين“

پر ھن وقت سنڌو ندي پنهنجي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ عين ابتڙ آھي. ھڪ دھشت دريا ۾ تمام گھڻي ۽ گجگوڙ ڪندڙ پاڻيءَ جي ھئي ۽ ٻين دھشت ھڪ دريا جي ويران منظر ۽ ان جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري ڏسڻ سبب پيدا ٿئي ٿي. اھا دھشت ھن وقت سنڌي ماڻھن جي رڳن ۾ وري ان غصي جو سبب بڻجي رھي آھي، جيڪو غصو تمام گھڻي غم کان پوءِ پيدا ٿيندو آھي. سنڌ ڪڏھن سوچيو به نه ھو ته جنهن ملڪ کي ھن پنهنجي ھٿن سان وجود ۾ آندو، ان ملڪ جي ڪرتن ڌرتن دريا مٿان ڌاڙا ھڻي سنڌ جي پنهنجي وجود کي سري کان ختم ڪرڻ وارا جيڪا نجس ۽ ناپاڪ منصوبا عمل ۾ آندا ويا آھن، انهن جي ردعمل ۾ جڏھن سنڌ جي ساھ جي رڳ ختم ٿي رھي آھي، تڏھن پوري قوم ائين اٿڻ لڳي آھي، جيئن ڌاڙو لڳڻ وقت گھر ڌڻي جاڳي دانهون ڪري ڦورن سان الجھي ۽ اٽڪي پوندا آھن.

سو! سنڌ جاڳي پئي. ھڪ انسان جي جاڳ جا به مرحلا ھوندا آھن. ماڻھو ڪا مشين ناھي ته اشاري سان اٿي پوي. جھڙي طرح ھڪ مند ۽ ھڪ موسم جاڳندي آھي. جھڙي طرح اکيون مھٽي بهار جي مند اٿندي آھي، تهڙي طرح ھڪ انسان به اٿندو آھي. ۽ گھڻن انسانن جو اٿڻ ته اڃان ڪجھ وڌيڪ وقت وٺندو آھي. اھا حقيقت آھي ته جنرل ضياءَ جي آمريت کان پوءِ سنڌ اھو سوچي سمھي پئي ته جنهن پارٽيءَ جي لاءِ انهن لٺيون ۽ گوليون کاڌيون آھن ۽ جنهن پارٽيءَ کي اسان جيلن مان ڪڍي ۽ جنهن جون جلاوطنيون ختم ڪري اسان کيس اقتدار جي مسند مٿان ويھاريو آھي، اھا پارٽي اسان جي حقن جو تحفظ ڪندي.

سنڌ پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ڏئي ائين سڪون سان سمھي پئي، جيئن ڪنهن وستيءَ جو عوام پنهنجا فرض پورا ڪري سموري ڏينهن جي پورھئي کان پوءِ رات جا چار پھر اھو سوچي سڪون سان سمھي پوي ته ھن جي ننڊ ۽ آرام دوران پوليس انهن جي مال ملڪيت ۽ گھر گھاٽ جو تحفظ ڪندي پر جڏھن پوليس چورن ۽ ڌاڙيلن سان ڪو منحوس معاھدو ڪري، انهن کي رھزنيون ڪرڻ جو موقعو ڏئي ته پوءِ ھڪ ڀاڳئي کي جاڳي پنهنجي گھر، پنهنجي مال ۽ پنهنجي آل اولاد جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ميدان ملھائڻو پوندو آھي. سنڌ ھن مھل اھوئي ڪجھ ڪري رھي آھي، جيڪو ڪرپٽ ادارن جي آسري تي پنهنجو پاڻ کي ڦرائي ۽ فقير بڻائي ڇڏيندڙ انسان ڪندا آھن. سنڌ کي شدت سان محسوس ٿي رھيو آھي ته پيپلز پارٽيءَ اقتداري ڪرپشن جي معافيءَ سان سنڌ جي دريا جي نيلامي مشروط ڪري ڇڏي آھي. اسان جي مٿي ۾ ڪوڙن نعرن معرفت جيڪي ڪرپٽ حڪمران لڳا آھن، انهن جو گذارو ئي ان گناھگار ڊيل تي آھي، جنهن سبب سنڌ جي سرزمين جا وسيلا ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ دريا پنجاب جي مافيائن حوالي ڪري سنڌي ماڻھن کي ڪجھ لالچ ۽ ڪجھ خوف سان خاموش رکيو ويندو. سنڌ جا ٻه ھزار کن ماڻھو ڀلي سرڪاري نوڪرين ۽ سرڪاري مال کي ماٺ ميٺ ۾ کائڻ واري سبب ڪري چورن سان ساز باز ڪري ويٺل ھجن پر ھي لکين ۽ ڪروڙين ماڻھو جن کي اکين سان نظر اچي رھيو آھي ته سنڌو مٿان ڌاڙو ھڻي ھن ديس کي ھميشه لاءِ تباھ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، ان تباھيءَ جي رستي کي روڪڻ لاءِ ھن وقت سنڌ جاڳي رھي آھي. ھن وقت صرف سنڌ جا شھر نه پر سنڌ جا ڳڱاٽيل ڳوٺ به جاڳي رھيا آھن. ھن وقت دريا جي درد سبب صرف مرد نه پر عورتون، ٻار ۽ ٻڍا به ايئن جاڳي رھيا آھن، جيئن ڌاڙي واري رات جو ڀاڳيا ڀرپور انداز سان جاڳي پوندا آھن.