سنڌ تي لٿل اداس شامون

0
45
سنڌ تي لٿل اداس شامون

  اها شام ڪيڏي نه اداس هئي، جنهن برساتي شام روڊ جي ڪناري کان کٽون اڀيون ڪري ويٺلن تان قيامت گذري رهي هئي. جڏھن ان نئين عارضي جوڙيل گمنام ڳوٺڙي ۾ روڊ ڪناري ننڊ ستل ٻارڙن تان تيز رفتار سواري چڙھي کين روڊ تي گهلي ماري وڌو هو. روڊ جي ٻنهي طرفن کان برساتي پاڻي جي اڇ ڇوليون ٿي هنيون، برساتي ٻوڏ نه فقط ان روڊ کي ذري گهٽ ٻوڙيو ٿي، پر اها ٻوڏ سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي ڳوٺ، شھر، روڊ ۽ علائقا ٻوڙي چڪي هئي. ٿورو پريان  ٻگهه پکي ان  پاڻي ۾ تڙڳي رهيا هئا، سج جا ڪرڻا پاڻي ۾ ترندڙ پکين کي ٻيڻو ڏيکاري رهيا هئا، ڪٿي ڪٿي پاڻي ۾ ڪو وڻ نظر ٿي آيو، ته ان جون ٽاريون هوا تي پاڻي ۾ هٿوراڙيون هڻي رهيون هيون. پاڻي جي ڇولين جو گوڙ روڊ تان گذرندڙ هر گاڏي جي گوڙ کي گونگو ڪري رهيو هو، ان اداس شام اوچتو تڏھن زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون، جڏھن ٻوڏ ٻڏل ماڻھن جي ٻارڙن جي جسم جا ٽڪرا روڊ تي ڀڳل گلاس جيان پيل هئا. ان وقت زرد چهرن ۽ ڀنل اکين ۽ مٽي هاڻن انهن ماڻھن اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪرڻ ٿي چاهيون، پر سندن گلا خشڪ ٿي چڪا هئا. اڃ ۽ بک سندن طاقت مروڙي ڇڏي هئي، هو ماڻھو زندگي ۾ آخري دفعو بيوس بڻيل هئا.

 روڊ جي ڪناري کان لڳل اڀين ڪاٺين کي مٿان ميري چادر ڏيئي ان جي ڇانوري ۾ انهن معصوم چيڀاٽيل ٻارڙن جا لاش رکيل هئا. اها شام سنڌ جي پري پري تائين ڳوٺن ۽ شھرن جي ڪچين آبادين تي به ان ڪري ڀاري هئي، جو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر ۾ مسلسل برساتن سبب ڪٿي گهر ڪرڻ سبب ماڻھو مري ويا هئا ته ڪٿي برساتي پاڻي ۾ پاڻ بچائيندي ماڻهو لڙھي چڪا هئا، ڪٿي بيمار ماڻھن جون مٿاهن هنڌن ڏانهن سفر ۾ ڪنجهڪارون هيون ته ڪٿي بک ۾ ورتل ٻارڙن جون دانهون هيون.

مون نه ڄاتو هو ته، ڪا اداس شام به اچڻي آ،

پاڻي پاڻي ٿي ويندو جيون، آگ اندر ۾ مچڻي آ،

مون نه ڄاتو سانوڻ کي، هيءُ رت نرڄي ٿيندي،

خوشيون کسي ويندي، اهڙي ويل به اچڻي آ .

اها شام ان شام جهڙي هئي جنهن شام اڊيالا جيل ۾ بينظير ڀٽو پنهنجي پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو سان آخري ملاقات ڪري موٽي هئي. اها شام ان شام جهڙي هئي جنهن شام وڳھه ڪوٽ سامهون دودي سومري ۽ سندن ساٿين جا دهلي جي حاڪم جي لشڪر سان سخت لڙائي کان پوءِ لاش پيل هئا. اها اهڙي شام هئي جنهن شام لياقت باغ ويجهو بينظير ڀٽو جو زخمي جسم آخري پساهه کڻي رهيو هو. اها شام ڪيڏي نه اداس هئي. اداس شامن جو تصور ڀل ته ڪنهن خاص موسم سان منسوب ڪيل هجي، ليڪن ايئن ڪونهي، اداس وقت زندگي ۾ ڏک اچڻ سان شروع  ٿئي ٿو. گهڻو ڪري پورهيت طبقي تي ايندڙ ڏکن جو تعلق وري رجعت پرست نظامن ۾ غلامداري، جاگيرداري توڙي سرمائيداري نظامن ڪري اچي ٿو. انهن نظامن ڪري دنيا ۾ پورهيت ۽ پيڙھيل طبقي تي وڏا ظلم ٿيندا رهيا آھن، ظالم ۽ منافق طبقي ان پورهيت طبقي کي هميشھ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رکيو آھي، ايئن جيئن ڪوئي اڃايل جانور ڌٻڻ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ لهي، پاڻي پيئندي ڌٻڻ ۾ خود ڦاسي پنهنجي جان گنوائي.

اسان وٽ ھر چوٿين پنجين سال ٻوڏ ايندي آھي، باقي سوڪ ته اوس رهندي آھي. ٻوڏ اهي ئي علائقا ۽ ھنڌ ٻوڙيندي آھي، جتي پاڻي دور پهاڙين کان ڊوڙي اچي هيٺائين ۾ ٿڪ ڀڃندو آھي. پاڻي هڪ ئي وقت جياپو به آھي، ته موت به آھي، ان پاڻي سهڻي کي به ٻوڙيو هو، سهڻي جي ٻڏڻ جي صدي کان هيل تائين ڪيتريون ئي سهڻيون ٻڏنديون رهيون آھن يا ٻوڙيون ويون آھن، درياهه تي دانهن ته آھي ئي آھي، پر هٿرادو ٻڏندڙن جي دانهن ڪنهن کي ڏجي؟

هيلوڪي ٻوڏ ۾ جتي سوين سهڻيون ٻڏيون آھن، اتي ڪيئي ميهار به ٻوڙيا ويا آھن،

جابلو نئين جو پاڻي جيڪو ڪنهن بندوق جي گولي کان تيز ٿي آيو، جنهن بلوچستان کي ٻوڙڻ کان پوءِ سنڌ جو رخ ڪيو، سنڌ ۾ پهچي ان ٻوڏ ۾ ٻيڻو واڌارو ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سنڌ جا سوين ڳوٺ ۽ ڪيترائي شھر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، ۽ اهو پاڻي اڃا تائين انهن علائقن ۾ الجهي رهيو آھي.

اڃا زندگي عذاب ۾ آھي،

۽ ڪائنات جي ڪتاب ۾ آھي،

گيت اجهاڻيل چلهن جي رک  ۾،

سڙندا رهن ٿا،

مورخ ورق ورائي اتهاس پڙھندا رهن ٿا،

سرءُ جي سانجھه ۾ ميرا تارا ٿا ٽمڪن،

۽ تن کي ديس جابکايل ٻار سارا ٿا ڏسن،

چئوڏسائن تي پاڻي ئي پاڻي آھي،

ڪير ڇا ڄاڻي ته،

ته هي ڪيڏي وڏي ڪهاڻي آھي،

صبح، ٻپهر ۽ سومهاڻي آھي،

پاڻي، پاڻي، پاڻي ۽ پاڻي آھي.

جيتوڻيڪ هيلوڪي ٻوڏ اهي سارا سر سڃا ڪري ڇڏيا آھن، جتي سرءُ جي شامن ۾ ڪانون جي الن جون دانهون، چوپائي جي چڙن جا مڌم آواز ۽ جهنگن ۾ موٽي ملڻ جي گيتن جون گونجارون ڌنارن جي واتان ٻڌبيون هيون، هاڻي انهن ڳهيلن ڳوٺن، وانڍن ۽ شھرن مٿان ڪونجن جو قطارون ته ضرور ڪرڪندي گذرنديون، ليڪن انهن ڳوٺن جا ٻار اتي موجود نه هوندا ۽ نه ئي ايئن چوندا… ڪونجون ڙي ڪونجون ڀيرو ڪري وڃو…

هيل تائين انهن سڀني ٻوڏ سٽيل بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻھن کي اٽي جو اڌ ڪلو به مشڪل سان مليو هجي، اهي اڃا انهن روڊن جي ڪنڌين کان چٽ جي ڪاڙھن ۾ ڪڙھندا ٿا رهن.

تون ڪنهن به مهل اچين،

تون ڪٿي به اچين،

مان توکي هرجاءِ ملندس،

پر هيل سانوڻ مون کي ستايو آ،

مون سڀ ڪجھه وڃايو آ،

ان ڪري توکي نه ملندس،

ڇو ته هتي نه هوندس…

هاڻي  جڏھن سرءُ جي موسم وڻن جا پن ڇاڻي موڪلائي ويندي، اتر واءُ لڳڻ شروع ٿيندو، ڳوٺن ۽ پهاڙن جي هنج ۾ آباد گهرڙن ۾ مچ ٻرندا، جڏھن باراتون گلين مان گذرنديون، جڏھن گيت گونجندا، جڏھن سرنهن ڦلاربي، جڏھن سر نسرندا ۽ جڏھن سرد هوائن جا پڙلاءُ تنهائين کي ڇهندا، تڏھن اهي سرءُ جون شامون ته موجود نه هونديون، پر اهو درد موجود هوندو، جيڪو انهن وجودن کي ايئن کائيندو رهندو جيئن موج ڀريو درياهه ڪنارا کائيندو آھي.