ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ گرمي جون موڪلون پهرين جون کان ٿينديون، تعليم کاتي واري سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي 22 فيبروري واري اجلاس ۾ ڪيل فيصلن مطابق پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين تعليم کاتي جي ماتحت سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي ادارا بند رهندا.  ٻئي طرف سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير سيد سردار علي شاه پنهنجي هڪ آڊيو ميسيج ۾ تعليم کاتي جي عملدارن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪي به آفيسر نون ڀرتي ٿيل استادن جي پگهارن ۾ دير ۽ پگهارن جي ادائگي متعلق رشوت گهرن ٿا،  انهن کي نوڪرين مان برطرف ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا.