سنڌ بجيٽ 13 جون تي پيش ڪرڻ تي غور: پگھارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو اضافي جو امڪان، سمري تيار

0
42
سنڌ بجيٽ 13 جون تي پيش ڪرڻ تي غور: پگھارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو اضافي جو امڪان، سمري تيار
سنڌ بجيٽ 13 جون تي پيش ڪرڻ تي غور: پگھارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو اضافي جو امڪان، سمري تيار

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي صوبائي بجيٽ 13 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان  آهي. جنهن ۾ ملازمن جي پگھار ۾ واڌ وارو فيصلو وفاقي بجيٽ کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو. بجيٽ پيش ڪرڻ جي تجويز ڏيندي ناڻي کاتي سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.  ذريعن موجب نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آھي، ناڻي کاتي جي اماڻيل سمري وڏي وزير جي منظوري بعد بجيٽ بابت حتمي تاريخ طئي ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري رهي آهي، پر ان حوالي سان وفاقي حڪومت جي فيصلن جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاليسين ۾ هم آهنگي برقرار رهي. سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جي تجويز غور ھيٺ آهي، جڏهن ته  پينشن ۾ پڻ وڌ کان وڌ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن مهانگائي جو بار گهٽجي سگهي. ذريعن جو چوڻ آھي ته  مجموعي صوبائي خرچن ۾ پگهارن ۽ پينشن جو حصو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو.

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ ڪالھه ڪابينا جو جلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت جي ترقي، غربت جي خاتمي، ۽ پائيدار ترقيءَ جي عزم تي زور ڏنو ويو جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن موجب آهي. وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڪابينا جا سڀئي ميمبر بجيٽ جي تياريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺن ته جيئن هي بجيٽ ماڻهن جي اصل ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ اسان هر ضلعي مان تجويزون گڏ ڪيون آهن ته جيئن هي بجيٽ نمائندا ۽ مؤثر هجي. وڏي وزير نئين بجيٽ جي اهم شعبن تي روشني وجهندي چيو ته ان ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال، شمسي توانائي جي نظام جي واڌاري، تعليم، صحت، زراعت، ۽ صنعتي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته سال 2024-25ع ۾ اسان ڪا نئين اسڪيم شروع نه ڪئي ھئي ڇاڪاڻ ته اسان جي ترجيح هلندڙ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ هئي. ھن سال جي بجيٽ ۾ عوام کي حقيقي فائدو ڏيندڙ نيون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون.بجيٽ جي اهم نڪتن ۾ ٻوڏ متاثر ڪميونٽين جي بحالي جون ڪوششون جاري رکڻ، اسڪولن ۽ اسپتالن جي مرمت، بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي نون ميگا پروجيڪٽس جو آغاز، غربت جي خاتمي لاءِ سماجي تحفظ جي پروگرام کي مضبوط ڪرڻ، مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ بجيٽ ۾ واڌارو، اسپتالن جي سامان کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ شهري ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ منصوبن جي مڪمل ٿيڻ شامل آهن. ڪابينا ميمبرن پاران ڏنل تجويزن ۾ غير ترقياتي خرچن کي گهٽائڻ ۽ مڪاني حڪومتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جا قدم، سماجي ڀلائيءَ جي فراهميءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترغيب سان گڏ ڊجيٽل ڪيش ٽرانسفر جو آغاز، سڄي صوبي ۾ ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ انتظام ۽ شمسي توانائي جي نظام جي واڌ، ۽ عوامي ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي ضلعن ۾ نون بس اڏن جي تعمير شامل آهن. وڏي وزير وفاقي-صوبائي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته “اسان بجيٽ کي وفاقي حڪومت جي فنڊنگ (صوبي جي حصي) ۽ پنهنجي صوبي جي آمدنيءَ جي حدفن جي بنياد تي حتمي شڪل ڏينداسين ته جيئن مالي ذميواري ۽ مؤثريت کي يقيني بڻائي سگهجي.” وڏي وزير چيو ته عيد کانپوءِ وڌيڪ اجلاس ٿيندا ته جيئن بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ منظور ڪيو وڃي. اسان جو مقصد اهڙي بجيٽ پيش ڪرڻ آهي جيڪا شفاف، ترقي پسند ۽ هر سنڌي شهري جي زندگيءَ کي بهتر بڻائي. هي فعال حڪمت عملي ايندڙ مالي سال ۾ سنڌ جي جٽادار ترقي، سماجي انصاف، ۽ مؤثر حڪمرانيءَ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿي.