سنڌ بجيٽ منظور: ڊرينيج سيس ۽ ڪاٽن في ختم: عدالتي عملي لاءِ 8 ارب جا جوڊيشل الائونس ڪاٽا: اپوزيشن جون 2000 رٿون رد

0
27
سنڌ بجيٽ منظور: ڊرينيج سيس ۽ ڪاٽن في ختم: عدالتي عملي لاءِ 8 ارب جا جوڊيشل الائونس ڪاٽا: اپوزيشن جون 2000 رٿون رد
سنڌ بجيٽ منظور: ڊرينيج سيس ۽ ڪاٽن في ختم: عدالتي عملي لاءِ 8 ارب جا جوڊيشل الائونس ڪاٽا: اپوزيشن جون 2000 رٿون رد

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي مان نئين مالي سال 26_2025ع جي 3 هزار 450 ارب رپين ( ساڍا 34 کرب ) جي بجيٽ منظور، ايوان  هلندڙ سال جي واڌو خرچن واري ضمني بجيٽ ۽ فنانس بل جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه مقرر وقت کان 45 منٽ دير سان شروع ٿيل اجلاس ۾ اپوزيشن ۽ سرڪاري ميمبرن پاران عدالتي عملي جي الائونسز لاءِ بجيٽ ۾ رکيل 8 ارب رپين جي ڪٽوتي بابت پيش ڪيل رٿ منظور ڪري ورتي، رٿ موجب عدليه لاءِ ڪل بجيٽ 29 ارب 20 ڪروڙ 67 لک 60 هزار رپيا هئي، جنهن مان 8 ارب رپيا گهٽ ڪيا وڃن۔ رٿ پيش ڪندڙ اپوزيشن ۽ حڪومتي ڌُر جي ميمبرن جو چوڻ هو ته عدالتي عملي جا اضافي الائونس بجيٽ تي بار بڻيل آهن۔ اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته ڪپهه جي پيداوار ۾ 30.7 سيڪڙو گهٽتائي ۽ زرعي ترقي جي سست رفتاري (0.56 سيڪڙو) کي نظر ۾ رکندي هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪپهه تي ڪاٽن سيس ختم ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خراب موسمي حالتن ۽ گهٽ پوک جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ ڊرينيج سيس پڻ ختم ڪيو ويو آهي. هن سال چيو ته هيل ڪڻڪ ۾ 8.9 ، کنڊ ۾ 3.9 ، مڪئي ۾ 15.4 ۽ چانورن ۾ 1.4 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي، انهي ڪري  سيلز سرٽيفڪيٽ، سالوينسي سرٽيفڪيٽ، ۽ هيرشپ ( وارثي )سرٽيفڪيٽ ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني وئي آهي. اهڙي طرح ڪمرشل گاڏين جو ساليانو ٽيڪس رڳو 1000 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس آپريٽرن لاءِ وڏو رليف آهي. وڏي وزير پاران فنانس بل 2025-26 تحت تجويز ڪيل 7 اهم قانونن ۾ ترميمون يا منسوخي پڻ اسيمبلي منظور ٿيون آهن، جن ۾ اسٽامپ ايڪٽ 1899، موٽر وهيڪل ايڪٽ 1939،  سنڌ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ايڪٽ 1958 (منسوخ)، سنڌ موٽر وهيڪل ٽيڪسيشن ايڪٽ 1958،  سنڌ فنانس ايڪٽ 1964 – سيڪشن 11 (پروفيشنل ٽيڪس ختم)، سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2011 ۽  سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جو سيڪشن 95 (لوڪل سيس ختم) شامل آھن. وڏي وزير چيو ته ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي اسٽامپ ڊيوٽي صرف 50 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. 2025-26 کان موٽر سائيڪلن کي لازمي انشورنس جي شرط کان آزاد ڪيو ويو آهي. سينيمائن، ٿيٽر، آرٽ ڪائونسلن، واٽر پارڪس، ۽ ثقافتي تقريبن کي انٽر ٽينمينٽ ٽيڪس کان مڪمل طور تي آزاد ڪيو ويو آهي، هاڻ  عوام کي سستي تفريح ۽ ثقافت کي ھٿي ملندي. ساڳئي ريت 5 ارب اپت ڏيندڙ پروفيشنل ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سان سرڪاري ۽ نجي ملازمن، تعليمي ۽ طبي ادارن، بيڪرين، جيولري سينٽر، ٽرانسپورٽرز، ڪلينڪس، بيوٽي سيلونز کي فائدو ٿيندو  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن موجب سنڌ سيلز ٽيڪس نظام کي پازيٽو لسٽ کان نيگيٽو لسٽ ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي انهي سان ڇوٽ ڏنل اسمن کانسواءِ سڀني خدمتن تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو ساليانو 40 لک کان گهٽ آمدني وارا ڪاروبار سيلز ٽيڪس آن سروسز ( ايس ايس ٽي )کان مستثنيٰ آهن.، ريسٽورنٽس ۽ ڪيٽررز لاءِ ڇوٽ جي حد 25 مان وڌائي 50 لک رپيا ڪئي وئي آهي، جنهن سان انهن کي ساليانو 400 ملين رپين جو رليف ملندو. ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي ٽيڪس 15 کان گھٽائي 5 سيڪڙو ڪيو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ بابت 188 تجويزون ايوان ۾  پيش ڪيون، ايوان مخالف ڌر جي مختلف ميمبرن جون جمع ڪرايل ٻن هزارن کان وڌيڪ ڪٽوتي واريون رٿون رد ڪندي نئين مالي سال جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ ڪابه نئين گاڏي خريد نه ڪئي ويندي، وڏي وزير مراد شاهه چيو ته مخالف ڌر کي وفاق پاران سنڌ سان زيادتي واري مسئلي تي  سنڌ حڪومت  جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، گذريل 10 سالن دوران وفاق سنڌ  کي هڪ به ترقياتي اسڪيم نه ڏئي زيادتي ڪئي آهي، ان عرصي دوران ٻين صوبن کي کربين رپين جون ترقياتي رٿائون ڏنيون ويون آهن، اها وفاق جي سنڌ جي زيادتي آهي.بجيٽ منظوري بعد اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.