ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل تڪراري 6 ڪئنالن خلاف وڪيلن پاران ٻٻر لوءَ باءِ پاس وٽ هنيل ڌرڻي سبب اڄ صوبي ۾ عدالتي ڪاررواين جي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شفقت رحيم راجپوت ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي چيمرمين محمد سعيد عباسي  چيو آهي اڄ ڪو به وڪيل پرڳڻي جي عدالتن ۾ پيش نه ٿيندو، وڪيل عدالتي ڪارراوين جو مڪمل بائڪاٽ ڪن.