ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل ڪئنال مامري تي ٻٻرلو ءِ ۾ وڪيلن جي لڳل ڌرڻي سبب اڄ سومر تي صوبي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شفقت رحيم راجپوت ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي سربراهه محمد سعيد عباسي  چيو آهي ته اڄ سومر 21 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ عدالتن جو ڪم معطل رهندو ڪو به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيندو، پڌرائي موجب وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ  باءِ پاس وٽ 6 تڪراري ڪئنالن  خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو