سنڌ باب الاسلام آهي ؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
18

سنڌ باب الاسلام آهي ؟ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث ڪيو ويو، مختلف تبصرا ڪيا ويا، تاريخي حوالا ڏنا ويا. ان سلسلي ۾ خالق جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ نه باب الاسلام آهي، نه ئي مسلمانن جو ملڪ. سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي پوءِ اهي ڪهڙي به مذهب ۽ فرقي جا هجن. عرب مسلمان رڳو سنڌ ۾ ڪونه آيا. ايران، مصر، اسپين به ويا. انهن کي باب الاسلام ڇو نه ٿا چون؟ جنهن تي نورحسين سولنگي لکيو ته سنڌ سنڌين جو ئي وطن آھي، وسيم گبول لکيو ته تاريخي سچ، امتياز سومرو لکيو ته اڪثريت سنڌي مسلمانن جي آهي اها هڪ زميني حقيقت آهي،سهيل ميمڻ لکيو ته چاچا حفيظ قريشي ان تي واهه جي ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ جيڪڏهن اسلام جو دروازو آهي ته .. خبر هجئن .. دروازو رڳو اچڻ لاءِ نه پر اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، امتياز قريشي لکيو ته بلڪل اها ڳالهه سنڌين کي سمجهڻ گهرجي، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، علي نواز ڏاهري ۽ انور علي شاهه لکيو ته سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، محسن جويو لکيو ته

                         جڏهن عربن سنڌ (712ع ۾) فتح ڪئي ته ان وقت سنڌ هڪ زرعي سماج هئي. ان وقت تائين هتي ڪارخانيداري، دڪانداري يا واپار اڃا نه اُسريو هو. انڪري عربن کي پنهنجي سامراجي تسلط برقرار رکڻ لاءِ ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ لاءِ زرعي زمينن جي مراعت آڇڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. جيڪي به ماڻهو پنهنجو اڳيون مذهب مٽائي مسلمان ٿي ٿيا، انهن کي زرعي زمين مراعت طور ملي پئي. انهيءَ ڪري اڳيون مذهب مٽائي مسلمان ٿيندڙ مراعت يافته طبقو جڙيو، اهڙيءَ ريت، سنڌ ۾ پهريون ڀيرو وڏيرپ/ نوابيت/ جاگيرداري ۽ ملائيت/ملاشاهي/سڳورپ جو پاڻ ۾ معاشي مفاد پڻ جڙيو. باقي جيڪا خلق پنهنجن اڳوڻن مذهبن تي قائم رهي ۽ مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿي، انهن کان سڀ ڪجهه ڦري ، کين فقير بڻايو ويو، زراعت جي کسجڻ کان پوءِ انهن غير مسلمانن ننڍن وڏن ڪاروبارن، ڌنڌن ۽ زراعت کان سواءِ ٻين روزگار جي ذريعن ڏانهن ڌيان ڏنو، ڀلا ٻيو ڇا ڪن ها، زندگيءَ جو گاڏو کين هلائڻو هو. گذر سفر جو مسئلو حل ڪرڻو هو، ٻار ٻچا ۽ گهرگهاٽ وٽن به هئا، جن لاءِ انتظام ڪرڻو هو. اهڙيءَ ريت سنڌي سماج واضح طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ پاسي مسلمان جاگيردار هئا ۽ ٻئي پاسي هندو ڪاروباري ۽ واپاري ماڻهو. اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو، مسلمان زراعت سان لاڳاپيل رهيا ۽ هندن هوريان هوريان ڪري بازار جو بنياد وڌو ۽ ان سان گڏ انهن پنچائتي نظام به قائم ڪري ورتو. پنچائت جو مک ماڻهو ”مکي“ هوندو هو، جيڪو هندو برادريءَ جي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ اڀرندڙ جهيڙا بکيڙا نبيريندو هو. سندن معمول واري زندگيءَ ۾ ٻانڀڻ ٻائي جو سڌيءَ ريت دخل نه هو. انڪري اهي پنهنجي بازار (Market) جا معاملا، مذهبي رنڊڪ کان سواءِ هلائيندا پئي رهيا. اهوئي سبب هو جو اهي اقليتي دائري ۾ رهندي به، مسلمان وڏيرن ۽ جاگيردارن جون ارڏايون ۽ مڳيون سهندي به، مسلمان حڪمرانن جا ڳرا ڏنڊ ڏوهه ڀريندي به، وڌيڪ ترقي ڪندا ويا ۽ سکيا ستابا ٿيندا ويا. ٻئي پاسي مسلمان مراعت يافته طبقي جا ماڻهو، مقامي پيرن ۽ سيدن وسيلي، زراعت سان لاڳاپيل مسلمانن کي پنهنجو غلام بڻائيندي، پنهنجا راڄ قائم ڪندا ويا. ائين عام مسلمان هاريءَ جي روپ ۾ وڏيري جي غلامي ڏيندو رهيو. سندس جسم تي وڏيري/نواب/جاگيردار جو اختيار هو. جڏهن ته سندن روح تي پير/سيد/مُلي جو قبضو هو. راڄن ۾ ورهايل عام مسلمان آبادي جاگيردار ۽ پير جِي ڏنَ ڀَرو رهندي آئي.

1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته انهن کي واضح طور محسوس ٿيو ته مسلمان، سڀ جا سڀ، جاگيردار توڙي هاري، زراعت سان لاڳاپيل آهن ۽ هندو بازار سان لاڳاپيل آهن ۽ شهرن ۾ رهن ٿا. انگريز هتي پنهنجي سامراجي معاشي مفادن لاءِ آيا هئا، انڪري انهن سنڌ جي سماجي سٽاءَ کي جيئن جو تيئن واريءَ حالت ۾ رکيو. هنن انهيءَ جاگيرداري، جنهن کي پاڻ ڪي سٺ ستر ورهيه اڳي رد ڪري چڪا هئا، پنهنجي سامراجي حڪمت عملي طور جاري ۽ بدستور رکيو ۽ هاري غلامن کي وڏيرڪي پَڪڙ مان آزاد ڪرائڻ بدران جاگيردار طبقي کي وڌيڪ رعايتون، مختلف زراعت سان لاڳاپيل صورتن ۾، ڏنيون ۽ انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو، ته جيئن مسلمان اڪثريتي آبادي بغاوت تي لهي نه اچي. جڏهن ته ٻئي پاسي هندن سان اهي وڌيڪ لهه وچڙ ۾ آيا، ڇاڪاڻ ته ڪا سندن هٿن ۾ هئي ۽ شهرن ۾ به سندن اڪثريت هئي. انگريز جو سامراجي مفاد، معاشي ۽ اقتصادي نوعيت جو هو، انڪري سنڌ ۾ کين هندن جي وڌيڪ گهُرج هئي. انهن، مسلمانن کي وڏيرپ ۽ سڳورپ جي حوالي ڪري، پنهنجن مفادن جي ماڻڻ لاءِ پنهنجو سامراجي تسلط قائم رکيو…(سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي مان سائين محمد ابراھيم جويي صاحب جو کنيل ٽڪرو)

لعل بخش جسڪاڻي لکيو ته واقعي سنڌ سنڌين جو هزارن سالن کان قديم وطن آهي ان جو مذهبي حوالي سان ڪوبه واسطو نه آهي، تاج محمد لکيو ته ڳالھه سڌي پئي آھي جيڪي به مستقل سنڌ ۾ رھن ٿا سنڌ انهن سڀني جي آھي پوءِ انهن جو مذهب ۽ مسلڪ ڪھڙو به کڻي ھجي، سلام انڙ لکيو ته سنڌ اسان جو وجود آھي، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته اها فضول ڳالهه آهي، ظهور لغاري لکيو ته سنڌ صرف سنڌين جو تاريخي وطن/ملڪ آھي. معين الدين پنهور لکيو ته سنڌ کي باب الاسلام چوڻ جو مطلب اهو آهي ته هي علائقو اسلام جي برصغير ۾ پهرين آمد جو دروازو هو، هي اصطلاح ان دور جي هڪ مخصوص تاريخي واقعي محمد بن قاسم جي فتح سان جڙيل آهي جيڪڏهن اهو اصطلاح صرف تاريخي حوالن سان استعمال ٿئي ته اهو ٺيڪ آهي، منظور سولنگي به خالق جوڻيجي جي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي عديل مهر لکيو ته توهان کي ڳالھه وڻي نه وڻي پر سنڌ باب الاسلام ته آهي. تاريخي حقيقتون توهان جي طبيعت جي بنياد تي ته تبديل نه ٿينديون. مجاهد مهر لکيو ته توهان سنڌ باب الاسلام ڪانفرنس سکر جي ڪاميابي بعد بوکلائجي ويا آهيو سنڌ 99 سيڪڙو مسلمانن جو ملڪ صدين کان رهيو آهي سنڌ انشاءَالله قيامت تائين باب الاسلام رهندي.سيف الله لکيو ته سنڌ مسلمانن جو وطن آهي ۽ رهندو، زبير انڙ لکيو ته سنڌ باب الاسلام آهي ۽ رهندي، سلطان فاروقي لکيو ته سنڌ سچن مسلمانن ۽ رسول عربي صه جي غلامن جي عظيم ڌرتي آهي ۽ سنڌ بلڪل باب الاسلام آهي. بشير چانڊيو لکيو ته سنڌ سنڌين جي آھي اهو سنڌي ڪنهن به مذھب سان تعلق رکندڙھجي، قربان کوسو لکيو ته سنڌ سڀني مذھبن کي دل سان جايون ڏنيون آھن ان ڪري ته سنڌ ڪڏھن انتھا پسند نه رھي آھي. سرفراز گهمرو لکيو ته سنڌ جي باب الاسلام هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو اسلام تي فرق نٿو پوي، باقي سنڌ صرف مسلمانن جي ناهي سڀني جي آهي پر اڪثريت مسلمانن جي ئي آهي، عرفان علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ باب الاسلام آھي.